سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا عالمي سياست ۾ ”سپر پاور“ يعني سڀ کان سگهاري طاقت طور ڏٺو ويو، جنھن ٻين عالمي جنگ کان ويندي 1989ع (سوويت يونين جي ٽٽڻ واري واقعي) تائين سوويت يونين سان جوٽيل پنجن ڏهاڪن واري سرد جنگ ۾ کيس شڪست ڏئي، دنيا کي ”يوني پولر ورلڊ“ يعني يڪ قطبي دنيا بنائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ دنيا جون واڳون سندس هٿ ۾ رهيون آهن. آمريڪا دنيا جي سياست تي قبضي کان پوءِ پنھنجي جوڙيل ”لبرل ورلڊ آرڊر“ جي ڦھلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو آيو آهي. هو ان مقصد لاءِ سرمائيداري نظام ۽ جمهوري اصولن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن کي پنھنجي اثر هيٺ آڻڻ جي پاليسي تحت ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪا جا مفاد ان جي خارجي پاليسيءَ جي روشنيءَ ۾ ٺاهيا ويا آهن، جن مطابق آمريڪا عالمي سياست ۾ انساني حقن ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار طور پاڻ کي پيش ڪندو آيو آهي. جيتوڻيڪ سندس پنھنجي ملڪ جي شھرين توڙي ان جي اتحادين وٽ انساني حقن ۽ جمهوري اصولن کي لتاڙڻ جا سڀ حق موجود آهن.
آمريڪا گلوب جي اولھندي ڀاڱي تي موجود مڙني ملڪن جي سربراهي ڪندڙ طاقت آهي. ان سان گڏوگڏ هن اوڀرندي ڀاڱي جي ملڪن سان پڻ اتحاد پنھنجن قومي مفادن تحت جوڙيا آهن. ان ڏس ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ وجود ۾ آيل ملڪ روس ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين روسي نظريي جي اپٽار ڪندڙ ملڪ چين آمريڪا کي 21 هين صديءَ جي شروعات کان ئي پنھنجي ترقيءَ وسيلي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن. ان ڏس ۾ آمريڪا پاران ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ کي روڪڻ لاءِ سندس پاليسيءَ جو محور ”ڪنٽينمينٽ آف چائنا“ يعني چين جي روڪٿام بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور کان هيل تائين هر آمريڪي صدر جي اولين ترجيح چين کي روڪڻ رهندي آئي آهي.
عالمي سطح تي طاقت جا جيڪي محرڪ هوندا آهن، تن ۾ ناڻي جي طاقت، فوجي طاقت ۽ ٽيڪنيڪي طاقت انتھائي اهم آهن. جڏهن ته هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيلجنس) جي زماني ۾ ٽيڪنيڪي طاقت کي انتھائي اهم محرڪ طور ڏٺو پيو وڃي. ان ڏس ۾ چين پاران انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ آمريڪا کي پوئتي ڇڏڻ واري خدشي کي ڏسندي، آمريڪا چين تي مسلسل پابندي مڙهيون آهن. نه رڳو ايترو پر چين پاران 2014ع ۾ شروع ڪيل ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ کي ڏسندي، آمريڪا ”بِلڊ بيٽر ورلڊ“ جي نالي هيٺ پنھنجو نئون منصوبو جوڙي ورتو، جيڪو چين جي منصوبي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ان کان سواءِ چين جي ”سيپيڪ“ منصوبي پڻ آمريڪا جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، جنھن تحت چين پنھنجي وڏي مسئلي يعني وچ اوڀر مان خام تيل جي برآمدگيءَ کي سولو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو اڳ هندي سمنڊ مان ٿيندو ڏکڻ_چين سمنڊ وسيلي چين تائين پھچندو هو. اهو نه رڳو وڌيڪ لاڳت سان پھچندو هو، پر ان رستي سان چين کي اڻ ڳڻيا سيڪيورٽي جا معاملا پڻ هئا. هاڻ ”سيپيڪ“ منصوبي کي افغانستان وسيلي اندروني ايشيائي ملڪن جھڙوڪ تاجڪستان، ترڪمانستان، آذربائيجان وغيره تائين پھچائڻ لاءِ چين ڪوششون وٺي رهيو آهي.
چين جي وڌندڙ طاقت ايشيا کنڊ ۾ آمريڪي مفادن کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ لڳي آهي، جنھن ۾ چين سان ٻانھن ٻيلي طور روس ۽ ايران اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آمريڪا چين جي رستا روڪ لاءِ ”انڊو پئيسفڪ اسٽريٽجي“ تي ڏاڍو خرچ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ان ترڪيب هيٺ آمريڪا هن خطي ۾ چين جا منصوبا روڪڻ لاءِ انڊيا، آسٽريليا، اسرائيل ۽ برطانيا سان گڏجي، ڪيترا ئي سيڪيورٽي منصوبا جوڙيا آهن، جن جو مقصد هن خطي ۾ چيني منصوبن کي روڪڻ آهي.
2022ع ۾ روس ۽ يوڪرين جي جنگ آمريڪي طاقت لاءِ راتاهو ثابت ٿي آهي. ان جنگ ۾ روس پاران يوڪرين تي ڪيل حملي کي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن نه ننديو. ان سان گڏوگڏ آمريڪا پاران سڏايل ”ڊيموڪريسي سمٽ“ ۾ پڻ ڪيترن ئي ملڪن وڃڻ کان انڪار ڪيو. ان سميت اسرائيل پاران فلسطينين جي قتلام تي آمريڪا جي پوزيشن پڻ سخت تنقيد جو شڪار رهي آهي. ڪجهه مھينا اڳ چين سعودي ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي سھڪار سان ٽياڪڙي ڪندي نظر آيو، جنھن جو مقصد وچ اوڀر يعني مڊل اِيسٽ ۾ تڪرار کي ختم ڪرائڻ هو، ۽ ان جو سڌيءَ ريت فائدو چين جي منصوبن کي ئي ٿيڻو آهي. آمريڪا پنھنجي اهڙي گهٽجندڙ اثر رُسوخ کي ڏسندي، پنھنجو ڌيان هڪ ڀيرو ٻيھر وچ اوڀر ڏانھن ڪيو. پر تاريخي طور تي آمريڪي ڊپلوميسيءَ جو ڍنگ جنگي ماحول جي اڀار جي صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. ٽرمپ ايڊمنسٽريشن اسرائيل پاران جاري غزا واري قتلام کي مڪمل سپورٽ ڪيو ۽ اسرائيل سان ڊگهي عرصي کان جنگي ماحول ۾ رهندڙ ايران مٿان اهڙي وقت تي حملو ڪيو، جڏهن سندن نيوڪليئر پروگرام تي ڳالهيون جاري هيون. اها ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته آمريڪا اوڀر جي اڀرندڙ سج يعني چين کان ڪافي ڊنل آهي ۽ هو چاهي ٿو ته هن خطي ۾ پرامن فضا قائم ٿيڻ نه ڏجي. ڇاڪاڻ ته جنگي حالتون ئي علائقائي ترقيءَ لاءِ تمام وڏي رڪاوٽ هونديون آهن.
