Homeدنياجلاوطنيءَ جو استعارو ۽ گم ٿيل جنت جي ڳولا

جلاوطنيءَ جو استعارو ۽ گم ٿيل جنت جي ڳولا

تاريخ سخت جنگي حالتن ۾ اھڙا لیکڪ پیدا ڪیا آھن، جن جا لفظ انهن جنگين کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيندا آهن. فلسطين جو قومي شاعر محمود درويش اهڙو ئي هڪ لافاني آواز هو، جنھن شاعريءَ کي ۽ شاعريءَ کیس امر ڪري ڇڏیو۔ درويش جي شاعري ان مٽيءَ جو نوحو ناهي، جيڪا کانئس رھڙي کسي وئي، پر ان وجود جو اعلان آهي، جيڪو مٽجڻ کان انڪار ڪري ٿو. اچو ته ڪجهه دير لاءِ درویش کي محسوس ڪريون:

1. زندگيءَ جي حق جي شاعري
محمود درويش جي شاعراڻي ڪائنات جو محور سندس هيءَ لافاني سٽ آهي:
“على هذه الأرض ما يستحق الحياة” (هن ڌرتيءَ تي اهڙيون شيون موجود آهن، جيڪي جيئڻ جو اتساھ ڏیارین ٿیو.)
جڏهن فلسطين جي زمين بارود، بیٺڪي بادشاھي ۽ طاقت جي تڪرارن جو ميدان بڻجي وئي هئي، تڏهن درويش انهن ننڍڙين پر معتبر انساني شين کي اهميت ڏني، جيڪي زندگيءَ جي حسن کي برقرار رکن ٿيون، جیئڻ کي معنائون ڏین ٿیون. هُن لاءِ جيئڻ جو مقصد رڳو ساهه کڻڻ يا جسماني بقا نه هو، پر ماءُ جي هٿن جي پڪل مانيءَ جي خوشبو، زيتون جي باغن جي ھُٻڪاریل هوا، ۽ هڪ اهڙو وقار هو جنھن کي ڪو به ظالم، قبضو ڪندڙ غاصب پنھنجي بوٽن هيٺان لتاڙي نه سگهيو. درويش جي نظر ۾ مزاحمت رڳو هٿيار کڻڻ جو نالو ناهي؛ اصل مزاحمت ته فنا جي گهيري ۾ هئڻ باوجود “زندگيءَ سان محبت” ڪرڻ آهي. (درويش، 2002).

2. البروا جو ٻار ۽ نڪبه جو صدمو: گم ٿيل جنت جي ڳولا
1941ع ۾ الجليل جي ‘البروا’ ( فلسطین وطن ۾ سندس ڳوٺ) ۾ پيدا ٿيندڙ درويش جي ٻالڪپڻ جي دنيا زيتون جي وڻن بھارن سان واسيل هئي. پر 1948ع جي نڪبه (مها الميي) کيس پنھنجي ئي وطن ۾ “پناهگير” بڻائي ڇڏيو.
عربي ٻوليءَ ۾ ‘نڪبه’ (Nakba) جي لفظي معنيٰ “مها الميو” يا “تباهي”آهي. تاريخي طور تي هيءُ اصطلاح 1948ع جي انهن واقعن ڏانھن اشارو ڪري ٿو، جڏھن اسرائيل کي قائم ڪندي 7 لک 50 هزار فلسطينين کي سندن اباڻن گهرن ۽ زمينن تان زبردستي بي دخل ڪيو ويو.
نڪبه ڪو عارضي حادثو نه هو، پر هي هڪ قوم جي جاگرافيائي، ثقافتي ۽ سماجي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش هئي. 500 کان وڌيڪ فلسطيني ڳوٺ تباھ ڪيا ويا ۽ لکين انسان پنھنجي ئي ڌرتيءَ تي پناهگير بڻجي ويا. محمود درويش لاءِ نڪبه رڳو تاريخ جو هڪ باب نه هو، پر اهو سندس زندگيءَ جو اهو موڙ هو، جتي سندس “ٻالڪپڻ جو قتل” ٿيو ۽ هو هميشه لاءِ جلاوطنيءَ جي بنواس ۾ ڦاسي پيو.
پنھنجي ئي زمين تي ڌاریو ٿیڻ جي پیڙا ڇا ھوندي آھي، سندس قلم ان ڪیفیت کي پاتال جھڙي گَھِرائي ڏني. هن لکيو: “مان ماءُ جي پيشانيءَ جي ٿڌڪار ۽ سندن ھٿن جي پڪل تازي مانيءَ جي خوشبوءِ کان محروم ٿي ويس.” (Darwish, 1987).
نڪبه جو صدمو درويش جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي “گم ٿيل جنت” (Lost Paradise) جي ڳولا جو روپ ڌاري ٿو، جتي ماضي صرف يادگيري ناهي، پر هڪ لڳاتار رڙ آهي؛ وڇڙیل ڪونج جو ڪُرلاءُ آھي. هن جي لاءِ، پنھنجي ڳوٺ ڏانھن موٽڻ جو مطلب صرف جاگرافيائي سفر نه هو، پر پنھنجي ان “ذات” کي ٻيھر ڳولي لھڻ ھو، جيڪا کانئس ستن سالن جي عمر ۾ کسي وئي هئي. البروا جو اهو ٻار اڳتي هلي عالمي جلاوطنيءَ جو اهڙو آواز بڻيو، جنھن هر بي گهر انسان کي هڪ زبان ڏني.

3. جلاوطنيءَ جو روحاني سفر: درويش جي فلسفي کان آڪاش انصاريءَ تائين
محمود درويش جي شاعريءَ ۾ جلاوطني پنھنجي ڌرتي، سماج ۽ ماحول کان تڙجي وڃڻ نہ آھي، پر اها هڪ گھري وجودي حالت آهي. هو لکي ٿو: “المنفى ليس مكاناً، بل حالة” (جلاوطني ڪا جاءِ نه آهي، بلڪه هڪ حالت آهي-درويش، 2006). درويش جڏهن بيروت، پيرس يا تیونس جي گهٽين ۾ گهمندو هو، تڏهن به سندس روح الجليل جي رستن تي رِڙهندو ۽ رَمندو رهیو. هن دنيا کي ٻڌايو ته جڏهن حقيقي زمين قبضو ڪري ڦٻائي ٿي وڃي، ته ٻولي ئي اها آخري پناهه گاهه بڻجي ويندي آهي جتي وطن کي ٻيھر لفظن جي صورت ۾ اڏي سگهجي ٿو.
اهو جلاوطنيءَ جو ڪرب رڳو فلسطين تائين محدود ناهي. سنڌي مزاحمتي ادب ۾ پڻ جلاوطنيءَ جو اهڙو ئي تيز ۽ اثرائتو پڙاڏو آڪاش انصاريءَ جي صورت ۾ ملي ٿو. آڪاش انصاريءَ جو مشھور ڪتاب “مان ڪيئن رهان جلاوطن” ان اجتماعي احساس جو ترجمان آهي، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ سان روحاني، سیاسي، جذباتي، دلیلي ۽ دائمي طور جڙيل انسان جي من مان اڀري ٿو. درويش ۽ آڪاش انصاري ٻئي وطن کي رڳو هڪ جاگرافيائي حقيقت نه، پر ٻولي، يادگيري ۽ سڃاڻپ جو هڪ پوتر سنگم سمجهن ٿا. آڪاش جي شاعريءَ ۾ به جلاوطني رڳو ملڪ مان نڪرڻ ناهي، پر پنھنجي حقن ۽ سڃاڻپ کان محروم ٿيڻ آهي. جڏهن آڪاش چوي ٿو ته “مان ڪيئن رهان جلاوطن”، ته اهو درويش جي ان صدا جو سنڌي پڙاڏو لڳي ٿو، جيڪا هن بيروت جي گهيري ۾ ويھي ڏني هئي. (انصاري، 2002).

4. “سجل! أنا عربي”: سڃاڻپ جو لافاني ۽ باغي اعلان
درويش جي نظم “Identity Card” / سڃاڻپ ڪارڊ جي شروعاتي سٽ مزاحمت ادب جي علامت بڻجي چڪي آهي: “سجل! أنا عربي” (لکي وٺ! مان هڪ عرب آهيان-درويش, 1964). “سجل” جو حڪم ڏیڻ وارو وزنائتو انداز دراصل ان غاصب آفيسر لاءِ هڪ نفسياتي شڪست هئي، جيڪو ڪنھن انسان کي رڳو هڪ نمبر يا بي جان دستاويز ۾ بدلائڻ چاهي پيو.
درويش هتي ٻڌائي ٿو ته سڃاڻپ رڳو سرڪاري ڪاغذن جو نالو ناهي، پر هيءَ هڪ اهڙي تاريخي حقيقت آهي، جيڪا انسان جي رت ۾ شامل هوندي آهي. هن نظم ۾ هو پنھنجي ٻارن، پنھنجي محنت، ۽ پنھنجي زيتون جي باغن جو ذڪر ڪري, اهو ثابت ڪري ٿو ته سندس وجود هن ڌرتيءَ تي ان وقت کان آهي، جڏهن اڃا نوان نقشا ۽ زوري جوڙیل سرحدون وجود ۾ به نه آيون هيون.

5. لفظن مان وطن جي تخليق: هڪ لسانياتي معجزو ۽ وجودي پناهگاهه
محمود درويش جو سڀ کان حيران ڪندڙ ۽ فلسفياڻو تخلیقي گُڻ اهو آهي، جڏھن هو “ٻوليءَ” کي هڪ متبادل جاگرافيءَ طور پيش ڪري ٿو. سندس هيءَ سٽ:
“تعلمتُ جميع الكلمات، وفككتُها، لأصنع كلمة واحدة: وطن” (مون سڀ لفظ سکيا، پوءِ انهن کي ٽوڙي هڪ نئون لفظ تيار ڪيو: وطن.)
هتي “ٽوڙڻ” جو عمل (ڊي ڪنسٽرڪشن) سچ تہ تخليقي سفر جو پھریون پڙاءُ آهي. درويش اهو سمجهي ويو هو ته جيڪا ٻولي غاصب استعمال ڪري ٿو، اها قبضي جي ٻولي آهي. ان ڪري، وطن کي ٻيھر حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته پراڻي لغت کي ڀڃي، هڪ اهڙي نئين ٻولي ايجاد ڪئي وڃي، جنھن ۾ ‘وطن’ جي معنيٰ رڳو مٽي نه پر “محفوظ يادگيري” هجي.
فلسفياڻي نسبت سان، درويش هتي مارٽن هائيڊيگر (Heidegger, 1971) جي ان خيال جي ويجهو نظر اچي ٿو ته “ٻولي وجود جو گهر آهي”. جڏهن هڪ فلسطينيءَ کان سندس جسماني گهر کسيو ويو، ته هن پنھنجي وجود کي ٻوليءَ جي گهر ۾ اوتي ڇڏيو. درويش لاءِ ‘وطن’ هاڻي ڪو اهڙو ھنڌ نه هو، جتي پھچڻ لاءِ پاسپورٽ گهربل هجي، پر اهو هڪ اهڙو “لفظ” هو، جنھن کي ڪا به فوجي یا آمریتي قبضو ڪندڙ طاقت مِٽائي نه ٿي سگهي. عالمي ادب ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي مثال ملن ٿا: ايڊورڊ سعيد جلاوطنيءَ کي هڪ “نفسياتي گهاءُ” سڏيو آهي. (Said, 1999)، جڏهن ته ايڊمونڊ جيبس چيو هو ته “منھنجو وطن ڪتاب آهي”. درويش انهن سڀني فڪري رشتن کي گڏ ڪري پنھنجي لغت مان هڪ لافاني فلسطين تعمير ڪيو.

6. زيتون جو وڻ: استقامت جو استعارو
درويش جي شاعريءَ ۾ زيتون جو وڻ هڪ تمام اونهي علامت آهي. هو چوي ٿو: “جذورنا أعمق من الجدار” (اسان جون پاڙون ڀتين کان به وڌيڪ گھريون آهن) هتي “ڀت” سياسي قبضي ۽ عارضي طاقت جي علامت آهي، جڏهن ته “پاڙون” تاريخ، ثقافت ۽ هزارين سالن جي تعلق جو اھڃاڻ آهن. زيتون درويش لاءِ هڪ “قديم گواهه” آهي، جيڪو فلسطيني عوام جي مٽيءَ سان جڙيل هجڻ جو جسماني ثبوت آهي. هو ٻڌائي ٿو ته سياسي نقشا مٽجي سگهن ٿا، پر اهي پاڙون جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ آهن، انهن کي پٽي ڪڍڻ ناممڪن آهي.

7. عشق ۽ جنگ جو تضاد: ريتا ۽ رائفل
درويش جي شاعريءَ جو هڪ نایاب انساني پھلو سندس عشق آهي، جنھن کي هن ‘ريتا’ جي نالي سان امر ڪري ڇڏيو: “بين ريتا وعيوني بندقية” (ريتا ۽ منھنجي اکين جي وچ ۾ هڪ رائفل آهي.) (درويش، 1966). هيءَ سٽ ياد ڏياريندي آهي ته جنگ رڳو شھرن کي تباهه ناهي ڪندي، پر اها انسان کان سندس محبت جي سادگي ۽ حق به کسي وٺندي آهي. درويش هتي عشق کي پڻ مزاحمت جي هڪ شڪل بڻائي ٿو، جتي جنگي حالتن جي باوجود انساني جذبا زنده رهن ٿا.

8. يادگيري – بقا جو آخري مورچو
محمود درويش اسان کي سيکاريو ته جيسین يادگيري زنده آهي، تيسین وطن کي وري حاصل ڪرڻ ۽ ڌاریي غاصب کي تڙڻ جي اميد به سلامت آهي. درويش جا لفظ ان مزاحمت ۽ امید جو میلاپ آھن۔ ۽ جيئن آڪاش انصاري پنھنجي نظم “ڪيئن رهان جلاوطن” ۾ ان درد کي سنڌي لڙڪن سان رڱيو آهي، ائين ئي درويش جو فن جلاوطنيءَ کي هڪ عالمي مزاحمتي گيت ۾ تبديل ڪري ٿو. هنن سمورين ڳالهين جو نچوڙ اهو آهي ته سرحد جون لڪيرون کڻي ڪيتريون به مضبوط هجن، پر ٻوليءَ جي ڀاڪر ۾ رھندڙ، پنھنجي وطن کان پري یا وطن ۾ ٿیل پناھگیر پنھنجي لفظن جي وطن ۾ هميشه لاءِ آزاد رهي ٿو.

حوالا (Harvard Style)

انصاري، آ. (2002). مان ڪيئن رهان جلاوطن. 7 ايڊيشن. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

درويش، م. (1964). أوراق الزيتون. حيفا: المکتبة الشعبية.

درويش، م. (1966). عاشق من فلسطين. بيروت: دار العودة.

درويش، م. (1987). ذاكرة للنسيان (Memory for Forgetfulness). بيروت: المؤسسة العربية للدراسات والنشر.

درويش، م. (2002). حالة حصار. رام الله: اوغاريت پبلشرز.

درويش، م. (2006). في حضرة الغياب (In the Presence of Absence). بيروت: رياض الريس ڪتاب ۽ پبليڪيشن.

سعيد، اِي. (1999). Out of Place: A Memoir. نيو يارڪ: Knopf.

Heidegger, M. (1971). Poetry, Language, Thought. New York: Harper & Row.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا