جيئن ڪنھن ڪوجهي سماج ۾ خوش شڪل انسان سدائين ڏچي ۾ هوندو آهي، تيئن ئي ڇسي سماج ۾ گهڻو ڪري ڏاها انسان ڀوڳيندي حياتي گذارين ٿا. تاريخ ۾ اهڙا انيڪ قصا ملن ٿا، سقراط جو زهر پيالو پيئڻ به انهن مان هڪ آهي. هيڏي وڏي زيرڪ انسان کي به ان وقت جي ڪوجهي سماج زهر پي پنھنجي شعوري سوچ کي هميشه لاءِ سمهارڻ تي مجبور ڪيو. البته هر دور ۾ جهيڙو به ان شعور ۽ ڏاهپ ئي اٽڪايو آهي! ثابت قدم سوچ رکندڙ انسان ڀلي پوءِ سياست، ادب يا زندگيءَ جي ٻئي ڪنھن به شعبي سان سلهاڙيل هجي، پر پنھنجي نظرياتي ادراڪ ۽ دانائي ڪري گهٽ يا وڌ ڀوڳي ضرور ٿو. جدلياتي ماديت (Diilectic MateriaLism) جي روشنيءَ ۾ شعور جو اٽڪاءُ يا جهيڙو مادي وجود (Matter/Existance) سان ٿئي ٿو. مارڪسي فلسفي پٽاندر، اسان جو شعور اسان جي وجود جو تعين نٿو ڪري، پر اسان جو سماجي وجود اسان جي شعور جو تعين ڪري ٿو. هيگل ۽ وجودي مفڪرن موجب، شعور جو جهيڙو پنھنجي ئي اندر سان ٿئي ٿو. خاص طور جڏهن انسان جو شعور پنھنجي موجوده حالت مان نڪري، ڪنھن مٿانھين مقصد يا سڃاڻپ جي ڳولا ڪري ٿو. اڪثر مفڪرن جو خيال آهي ته انسان جسماني طور آزاد ته پيدا ٿئي ٿو، پر شعوري آزادي پيدا ٿيندي ئي نٿي ملي، اها حاصل ڪرڻي پوي ٿي. ان جو مطلب ته شعور هڪ ارتقائي عمل آهي ۽ پوءِ جڏهن انسان هن ارتقائي عمل جا ڏاڪا چڙهندي ’مان‘ (مطلب پنھنجي وجود) کان شروع ٿي ’اسين‘ (مطلب سماج) تائين پھچي ٿو ته کيس اڳيان وڌندي، پراڻن قدرن، مدي خارج روايتن ۽ جبري نظام سان اٽڪڻو پوي ٿو ۽ پوءِ کيس ان آزاد خياليءَ جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي. پر اها هڪ مسلسل جنگ آهي، جنھن کي شعوري جهيڙو چيو وڃي ٿو.

ايامن کان هلندڙ هن مسلسل جنگ ۾ ڪيترا ئي پيڙا جا پانڌي اڳيان هلي مزاحمت جا استعارا بڻيا آهن. پيڙا جي اهڙن پانڌين ۾ محبت، مزاحمت ۽ متوازي وقت جو مسافر فلسطين ڄائو وليد دقه به هڪ آهي، جنھن 38 سال اسرائيل ۾ مسلسل قيد ڀوڳي آخر 7 اپريل 2024ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي، پر تڏهن به هن جي شعور ويڙهه ختم نه ٿي. کيس ڏنل اصل سزا 24 مارچ 2023ع تي پوري ٿيڻي هئي، پر 28 مئي 2018ع تي، بير السبع جي مرڪزي عدالت هڪ ٻيو ناانصافيءَ وارو فيصلو ٻڌائي، سندس سزا ۾ ٻه سال قيد جو اضافو ڪيو. مٿس قيدين کي پنھنجن خاندانن سان رابطي ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور موبائل فون پھچائڻ جو الزام مڙهيو ويو. نتيجي ۾، سندس آزاديءَ جي نئين تاريخ وڌائي 24 مارچ 2025ع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ سندس صحت تيزيءَ سان بگڙي رهي هئي، پر اسرائيل کيس آزاد ڪرڻ ۽ مناسب طبي سھولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اختيارين دعوا ڪئي ته سندس حالت ايتري سنگين ناهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب، سندس وڪيل وفات کان ڪجهه هفتا اڳ مٿس تشدد ۽ صحت جي سخت خرابيءَ جون علامتون ٻڌايون هيون. هن 7 اپريل 2024ع تي وفات ڪئي. سندس آخري گهڙيون به جيل جي سخت پھري ۾ گذريون. هو ڪڏهن به پنھنجي ڌيءُ ميلاد کي جيل جي ڀتين کان ٻاهر ڀاڪر نه پائي سگهيو، ۽ نه ئي پنھنجي گهر واري ثناء سان آزاديءَ جو ڪو ڏينھن گذاري سگهيو. موت کان پوءِ به سندس قيد جاري رهيو. اسرائيلي اختيارين سندس وارثن کي مڙهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اهي سندس مڙهه کي 24 مارچ 2025 تائين (سزا جي مدي تائين) پنھنجي قبضي ۾ رکندا. شايد اهو عمل سندس وارثن کي اڃا وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لاءِ هو.
وليد دقه 18 جولاءِ 1961 تي باقه الغربيه (جيڪو هاڻوڪي اسرائيل جي حدن ۾ هڪ فلسطيني شھر آهي) ۾ پيدا ٿيو. هن جو لاڳاپو انهن فلسطينين سان هو، جن وٽ اسرائيلي شھريت هئي، پر هو دل سان پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ وڙهيا ٿي. کيس 1986ع ۾ هڪ اسرائيلي فوجيءَ جي اغوا ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ان الزام جو هو آخر تائين انڪاري رهيو. ان کان اڳ جو سندس مڙهه جي ملاقات وارثن کان پوءِ هميشه لاءِ فلسطين جي مٽيءَ سان ٿئي، سندس شعور سڄيءَ دنيا سان شناسائي ڪرائي چڪو هو. وليد دقه صرف هڪ سياسي قيدي نه پرتخليقي ليکاري هجڻ سان گڏ هڪ ڏاهو انسان هو. جيل اندر پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪيترا ئي شاندار علمي ڪم ڪيا هيائين. خاص طور هن جون ٻه تحريرون شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness) ۽ متوازي وقت (The Parallel Time) ڪمال جون فلسفيانه تصنيفون آهن، جيڪي هاڻي جيل جي لکڻين (ادب) ۾ هڪ علمي حوالو بڻجي چڪيون آهن. هن ٻارن لاءِ ٽي شاهڪار ناول به لکيا، جن ۾ ”تيل جي راز جو قصو“، ”تلوار جي راز جو قصو“ ۽ ”روح جي راز جي ڪهاڻي“ شامل آهن . سياسي ۽ دستاويزي تصنيفن ۾ جنين ڪيمپ ۾ مزاحمت جا داستان ۽ شهيدن جي رم الله واپسي مزاحمتي ادب جو مثالي حصو ليکجن ٿيون.
جيل جي اونداهين ڪوٺڙين ۾ ٻوسٽ، وحشت ۽ ڀتين مان ايندڙ گِهميل تيز بوءِ باوجود، وليد جي دل ۾ پيار جا نرم جهوٽا ان وقت گهليا، جڏهن هن جي ملاقات فلسطين جي هڪ نوجوان عورت ثناء سلامه سان ٿي، جيڪا انٽرويو وٺڻ لاءِ ساڻس جيل ۾ ملڻ آئي هئي. جڏهن هنن ٻنهي پنھنجو اڳتي جو سفر گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ سندن هن حسين جذبي جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ ڦھلجي وئي. محبت جو هي فيصلو به ڪمال هو، جتي ٻنهي کي جسماني ميلاپ ته ٺھيو پر دل ڀري هڪ ٻئي کي ڏسڻ يا حال اورڻ جو موقعو به ميسر نه هو. وليد جيل انتظاميه کان جيل اندر ثناء سان شادي ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين جنگ وڙهي. نيٺ 1999ع جي اونهاري ۾ عسقلان جيل جي هڪ ننڍڙي ڪمري مان خوشيءَ جا نغارا گونجي اٿيا، جيڪي هڪ تاريخي شاديءَ جي جشن جو پيغام کڻي آيا هئا. هيءُ غير معمولي جشن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنھن ۾ گهوٽ، ڪنوار، وليد جا ڪجهه قيدي ساٿي، سندن خاندانن جا ڪجهه ڀاتي ۽ دوست گڏ ٿيا. ٿورڙي وقت لاءِ ئي سھي، پر هن خوشين جي موجودگيءَ بي انتھا نراسائيءَ واري ماحول ۾ گهيريل هن بي رحم هنڌ کي به خوشبوئن، خوشين ۽ اميدن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن جوڙي جي جنگ شاديءَ تي ئي ختم نه ٿي، هنن پنھنجي اولاد جي حاصلات لاءِ 12 سال جدوجھد ڪئي ته جيئن عدالت مان اولاد پيدا ڪرڻ جو اهو حق به حاصل ڪري سگهن، جيڪو دنيا جي هر عام انسان کي حاصل آهي. پر استحصالي نظام ۽ متڀيد واري عدليه سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي سندن اها درخواست رد ڪري ڇڏي. جڏهن عدالت کيس پنھنجي زال ثناء سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن ڪامريڊ وليد پنھنجي ان ٻار ڏانھن خط لکيو، جيڪو اڃا پيدا به نه ٿيو هو. هونئن ته خط ڊگهو آهي، پر خط مان کنيل، مصنوعي ذهانت سان ترجمو ٿيل ڪجهه سٽون ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن توهان کي هن اعصابي طور مستحڪم انسان جي گھِري پروڙ ۽ لکڻيءَ جو اندزو ٿي سگهي:
“مان ان ٻار ڏانھن لکان ٿو، جيڪو اڃا پيدا ناهي ٿيو… مان هڪ اهڙي خيال يا خواب ڏانھن لکان ٿو، جيڪو حقيقت بڻجڻ کان اڳ ئي اڻڄاڻائيءَ ۾ جيلر کي خوفزده ڪري ٿو. اڄ جيل ۾ منھنجي پنجويھين سال جي پڇاڙي آهي – نوَ هزار، هڪ سئو ايڪٽيھه ڏينھن ۽ چوٿائي (9131)… هي اهو انگ آهي، جيڪو ڪنھن خاص نُڪتي تي ختم نٿو ٿئي. هيءَ منھنجي قيد جي اها عمر آهي، جيڪا اڃا ختم ناهي ٿي. ڏينھن هڪٻئي کي ڳڙڪائي ويا آهن. جيل ۾ گذاريل هر ڏينھن منھنجي زندگيءَ جا ورق ائين پيو اٿلائي، جيئن ڪو ٿيلهو پنھنجي اندر بچيل يادگيريءَ کي خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. تون مستقبل لاءِ منھنجو پيغام آهين… جيل جي مھينن زندگيءَ جي مھينن جي رَس چُوسي ورتي آهي ۽ جيل جا سال زندگيءَ جي سالن جي برابر ٿي ويا آهن. پيارا، ڇا تون سمجهين ٿو ته مان چريو ٿي ويو آهيان، جو هڪ اهڙي جِيوَ ڏانھن خط لکي رهيو آهيان، جيڪو اڃا پيدا به ناهي ٿيو؟ اسان مان چريو ڪير آهي؟ هڪ ايٽمي رياست جيڪا اڃا تائين هڪ پيدا نه ٿيل ٻار سان وڙهي رهي آهي يا هو جيڪو هڪ معصوم ٻار جو خواب ڏسي ٿو؟“

ٻارنھن سال مسلسل جدوجھد ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ به هن جوڙي، پنھنجي اولاد جي خواهش تان هٿ نه کنيو. اولاد جي پيدائش لاءِ متبادل رستو اختيار ڪندي، وليد پنھنجا توليدي جزا اسمگل ڪري جيل کان ٻاهر پھچايا، جيڪي سندس ونيءَ جي رحم ۾ رکيا ويا. نيٺ، 3 فيبروري 2020ع تي، هن جي گهر واري ثناء هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏنو. هنن جيل جي اونداهيءَ ۾ هڪ نئين حياتي سرجي. هيءَ تاريخ وليد جي مزاحمتي اڏول وجود ۽ ثناء جي حوصلي لاءِ هڪ نئين جنم جو ڏينھن هو. وليد سندس نالو اڳ ئي ميلاد رکي چڪو هو، جنھن جي عربيءَ ۾ معنا آهي جنم يا ولادت. شايد هن پنھنجي ڌيءُ جو نالو ميلاد ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ جيل جي هن اولي دور ۾ به هڪ اميد جي جنم جي علامت هئي. هن عظيم انساني لمحي تي سڄي فلسطين ۾ ميلاد جي پيدائش جو جشن ملهايو ويو. خاندانن، عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ گڏوگڏ جيلن ۾ قيدين به ان خوشيءَ کي ملهايو. ڪنھن قيديءَ جو خواب هڪ ابھم ٻار جي صورت ساڀيان ماڻي چڪو هو. اڻکٽ ذلتن ۽ عقوبتن باوجود حوصلا هالار رکندڙ هن محب وطن جوڙي اولاد جي آس ته پوري ڪئي، پر وليد ڪڏهن به پنھنجي نِياڻيءَ کي جيل جي سلاخن کان آجو ٿي سڪ ۽ پاٻوه مان هڪ ڳراٺڙي به نه پائي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن وقت، حالتون ۽ ڪائنات جو گردان به بي رحم انسانن سان ٻٽ ٿيو وڃن.
وليد جي تفڪر خاص طور مٿي ڄاڻايل ٻن تحريرن جو ذڪر نه ڪجي ته ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. وليد وٽ متوازي وقت (Parallel Time) جو تصور به نرالو هو. هن جو چوڻ آهي ته قيدي هڪ اهڙي وقت ۾ رهن ٿا، جيڪو ٻاهرين دنيا جي مقابلي ۾ بي حس و حرڪت هجي ٿو. جيل ۾ رهندڙ قيدي، ٻاهرين دنيا جي وقت کي تڏهن محسوس ڪندا آهن، جڏهن جيل جي ملاقات واري شيشي جي ٻنهي پاسن کان ٻه مختلف زمانا پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. توهان لاءِ جيڪو وقت ”زندگي“ آهي، اسان لاءِ اهو رڳو ”انتظار“ آهي. مون لاءِ منھنجي گرفتاريءَ کان وٺي اڄ تائين ڪجهه به ناهي بدليو، سواءِ ان جي ته منھنجن وارن جو رنگ چاندي ٿي ويو آهي. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون، جيڪي منھنجي گرفتاريءَ وقت معصوم ٻار هئا، اڄ اهي پاڻ والدين بڻجي چڪا آهن. پر منھنجي شعور ۾ اهي اڃا تائين ٻار ئي آهن، جن کي مان پنھنجي هنج ۾ کيڏائيندو هوس. جڏهن هو مون سان ملڻ اچن ٿا ته منھنجو ”بيٺل وقت“ سندن ”وهندڙ وقت“ سان ٽڪرائجي ٿو ۽ هڪ عجيب پيڙا جنم وٺي ٿي. اها پيڙا آهي ان حقيقت کي قبول ڪرڻ جي، ته زندگي مون کان سواءِ اڳتي وڌي چڪي آهي. جيل ۾ شين جي اهميت به بدلجي وڃي ٿي. هڪ قميص، ڪو پراڻو فوٽو يا جيل جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ جا نشان رڳو شيون نه ٿيون رهن بلڪه اسان جي وجود جو حصو بڻجيو وڃن. اسان شين سان ڳالهايون ٿا، ڇاڪاڻ ته شين وٽ به پنھنجو ڪو متوازي وقت هوندو آهي، جيڪو اسان سان گڏ قيد هجي ٿو. اهڙيءَ ريت شعور جو ڳرڻ (The Melting Consciousness ) سندس سڀ کان مشھور ڪتاب آهي، جنھن ۾ هن جيل جي نفسيات ۽ قيدين تي ٿيندڙ ذهني اثرن تي گھِرو بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جيل جو نظام رڳو جسم کي قيد نٿو ڪري، پر انسان جي سوچ ۽ شعور کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن مطابق جيل جو مقصد صرف جسماني قيد ناهي، پر ان جو اصل وار انسان جي شعور تي هوندو آهي. جيل جو نظام چاهي ٿو ته قيديءَ جو شعور پگهرجي وڃي ۽ هو پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي مقصد ۽ پنھنجي قومي جدوجھد کي وساري ويھي. پر اسان جو دفاع اسان جي سوچ آهي. جيستائين مان سوچي سگهان ٿو، جيستائين مان محبت ڪري سگهان ٿو، تيستائين مان انهن جي قيد کان آزاد آهيان. متوازي وقت ۾ رهندي، مون اها ڳالهه سکي آهي ته آزادي صرف جيل کان ٻاهر نڪرڻ جو نالو ناهي. آزاديءَ جو اصل مطلب آهي پنھنجي شعور کي زنده رکڻ ۽ ان نظام کي شڪست ڏيڻ، جيڪو توهان کي محض هڪ بي جان نمبر بڻائڻ چاهي ٿو. مان قيد آهيان، پر منھنجو فڪر هن متوازي وقت جي ديوارن کي ٽوڙي توهان تائين پھچي رهيو آهي.“ وليد جو هيءُ جملو به ڪمال جو آهي ته؛”منھنجي جيلر خلاف، محبت ئي منھنجي معمولي ۽ واحد فتح آهي“.
برصغير جي مشھور شاعر سدرشن فاڪر جي غزل جون هي سٽون جيڪي چترا سنگهه به ڳايون آهن، اهڙن ئي ڪردارن لاءِ آهن.
تم گلستاں سے آئے، ذکرِ خزاں ہی لائے،
ہم نے قفس میں دیکھی، فصلِ بہار برسوں۔
…..

One of the soul touching article you been written dear Amir latif siddique ,keep writing pyara
Soul touching