ڳوٺ ۾ هوندي ڳوٺ جو سڏڻ استعاري ۾ وڏي ڳالهه آهي. اهڙو تصور صرف محمود درويش ۽ ايڊورڊ سعيد جي خيالن ۾ ئي پسي سگهجي ٿو. درويش پنھنجي ڳوٺ البرواه (Al Birweh) مان نڪتو ته وري کيس ڳوٺ جا رستا، گهٽيون، پاڙا ۽ پنڌ نصيب نـ ٿيا. اسرائيل ٺھيو، درويش جو ڳوٺ ڊهي ويو، خاندان فلسطين مان لبنان لڏي ويو، لڪي سِڪي واپس وريو ته ڳوٺ جو نالو نشان نـ هو. اهڙو ئي ڪجهه قصو سعيد جو آهي، جنھن پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو رکيو Out of Place جنھن جو روح مطابق ترجمو اسلام ڪوٽ جي ڳوٺن سنھري درس، وروائي ۽ تل وايي جا ڏوڪرا ئي بھتر ڪري سگهن ٿا. خدا ”وڪڙيو“ تي اهڙا ڏينھن نه آڻي، جن جو خدشو ”پاڻ ته آهيون ڀورا ماڻهو“ ۾ امام علي جنجهي ظاهر ڪيو آهي. پنھنجي ڳوٺ جي رستن، گئوچرن ۽ گهٽين سان امام جھڙو پيار ٻئي ڪنھن کي نصيب ٿيندو.
سِڪ مان اڃايل مور جھڙي اهڙي رڙ هن کان اڳ صرف نارائڻ شيام ئي ڪئي هئي، جنھن کي ورهاڱي جڏهن نوشھروفيروز جي ڳوٺ کاهي قاسم مان لڏايو ته هن لکيو،
الائي ڪھڙي گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
وڪڙيو ڄائي امام علي جنجهي جي شاعري جو پھريون ڪتاب آيو آهي، جيڪو ”ٿر بدلي گا پاڪستان“ جي نعري سان آيل ترقي جي ڀيانڪ تصوير کڻي آيو آهي. اهڙي ترقي جيڪا مقامي آبادي جي حافظي جون علامتون، نشانيون، اصطلاح ۽ تصور مِٽائي تباهه ڪري ڇڏي، انهي کي انساني الميو چئبو آهي. امام علي جنجهي جي شاعري ۾ جيتري مقاميت آهي، جيترو ٿر آهي، جيترا مقامي ڪردار آهن، جيترو لوڪ ادب جو رنگ آهي. سڀاڻ ڏسي سگهڻ جي جيتري سگهه آهي، اها هن جي ڀوري هجڻ جو نه پر ڏاهي هجڻ جو ثبوت آهي، ترقي جي تباهي جيئن امام ڏسي ٿو، ائين نه ڏسي سگهندڙ ڏاها آهن ۽ امام ڀورو آهي،
هل زمانا تنھنجي، چالاڪي.
پنھنجا روح پراڻا آهن
پنھنجا کوهه پراڻا آهن
هاڻ نه اُن تي وارا وربا
قادو ڪنڀر جا گهڙا به ويندا
وروائي وارا ونگ به ويندا
دَلُو وارا چنگ به ويندا
پانڌي لنجو ۽ پاوا ويندا
محب ڏهر ڏي من ٿيندو
هاڻ وڏن جون قبرون وينديون
پاڻ کان تن جون خبرون وينديون
هاڻي پنھنجي مسجد ڊهندي
هاڻي پنھنجو مندر ڊهندو
پاڻ ٻنهي جو اندر ڊهندو
پنھنجو ماڳ مڪان ڪٿي آ
پنھنجو نانءُ نشان ڪٿي آ
هي پورو نظم ترقي جي نالي انساني الميي مان گذاريل ٿر جو شاعراڻو ڪيس آهي، جنھن تي بھترين ڊاڪيومينٽري ٺھي سگهي ٿي.
اڃايل مورن، زخمي هرڻن ۽ ترقي جي ماريل ماڻهن جي هن شاعر جي زرخيز شاعراڻي زمين کي شاعريءَ جو فصل تـ بمپر نصيب ٿيو آهي، پر ڳوٺ ۾ هوندي ڳوٺ کان پري ٿيڻ جو خوف کائيندو پيو وڃي.
امام انهن سمورن مقامي ماڻهن تي مياري آهي، جيڪي هرڻن ۽ مورن جا سودار گر آهن.
تنھنجي غيرت ڪالهه مري وئي
تون ڇا ٿوڻيون هاڻي ڏيندين
ڪونج هنسليون مور هرڻيون
تحفي خاطر تاڻي ڏيندين
عشق جي ڪکيل امام کي ڪارونجهر جو عاشق چاچو الهه رکيو ڪنهن ٻي بلا هٿان ڪکجڻ کان بچڻ جون پيو دعائون ڏيندو آهي، دعا صرف ان ڪري جو هن نظم لکيو ”ڪارونجهر جا هڏ ڀڳائون“
لِيزن وارا لِيڪا ڪڍندا
هر ڪِنھن جو پيو حصو ٿيندو
ٿِي ٽَڪري ٽُڪر ٽيلي ويندِي
بک وطن کي ڀيلي ويندِي!
امام ڪارونجهر جي نيلامي ۽ قتل عام خلاف رڳو نظم نـ لکيو پر پنھنجي هٿ ۾ چاچي الهه رکئي سان گڏ پلي ڪارڊ کڻي بيھي رهيو، چئي ڪارونجهر ڪيئن وڪبو؟ پليجي جڏهن گوڙاڻي کان ڪراچي تائين پنڌ ڪيو امام لکيو
تو جو پوڙها پنڌ ڪيو آ
ڌرتي اوچو ڪنڌ ڪيو آ
مٺي پاڻي جي رسائي نـ ٿيڻ ڪري اڃارو وحشي سمنڊ ڪيئن سنڌ جي زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي، انهي منظر کي به امام چٽيو آهي. ”سمنڊ ٿو سازش ڪري“ هن نظم ۾ بدين ۽ ٺٽي جا اهي ماڳ مڪان آهي جيڪي سمنڊ ڳھي ويو ۽ ٻيا سندس سازشي اک ۾ آهن.
هڪ صدي کان پوءِ نه هوندا
هي ٿانڪون ۽ هي ٿر
ڪنھن ڏٺي هئي مارئي
ڪنھن ڏٺو هو عمر
ڪونه هوندي ڪا قبر
ڪونه هوندي ڪا خبر
نظم ۾ ڪنھن وارتا ۽ قصي بيان ڪرڻ جو امام وٽ جيڪو ڏانءُ آهي، جيڪا ڏات آهي، اها هن جي شاعريءَ جو ديرپا اثر قائم ڪريو ڇڏي. امام علي جنجهي جي شاعري جي خاص ڳالهه مقاميت آهي. ”ڳوٺ ٿو مونکي سڏي“ ڪتاب ۾ هن مقامي ڪردارن جون ڪھاڻيون ۽ قصا بيان ڪيا آهن. ماڻهن ۽ علائقن کي ائين ئي پيار سان سڏيو اٿس، جيئن ڳوٺ کيس سڏي ٿو. ڄاٽن تڙ جون ڄاريون، وينجهو سوڍو، سيڻي چارڻ، ڳوٺ مان لڏي ويل لڇمي ۽ هانسو ريٻارڻ جھڙا ڪردار امام جي شاعريءَ جو جوهر ۽ حُسن آهن.
جن نينھن لائي پوءِ ناتا ڪٽيا امام انهن کي به ياد ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڃا به هن کي ڪنري وڃڻ جو خيال اچي ٿو. ڪنري جتي امام لاري ۾ اکيون رهائي آيو.
امام پنھنجو پيار جي پورهيو ارپيو آهي.
ڌرتيءَ ڌڻين جي نالي
جن جي پيرن هيٺان زمين،
هٿن مان وسيلا ۽ جيئڻ جا جواز
هوريان هوريان کسجي رهيا آهن!
