Homeادبڪالمحليم بروهي: هڪ مفڪر، جنھن کي سماج مسخرو سمجهندو رهيو!

حليم بروهي: هڪ مفڪر، جنھن کي سماج مسخرو سمجهندو رهيو!

سنتوش ڪامراڻي
سنتوش ڪامراڻي
ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي وڏي عرصي کان وٺي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مختلف سماجي علمن بابت مضمون لکندو رهي ٿو. پاڻ ميڊيڪل سائنسز، ماس ڪميونيڪيشن، تعليم، ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ادارن کان سواءِ يونيسڪو سان به ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت حيدرآباد جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو، انساني علم ۽ تعليمي نفسيات جھڙا موضوع پڙهائي ٿو.

حليم بروهي (5 آگسٽ 1935ع – 28 جولاءِ 2010ع) صرف هڪ روايتي اديب يا طنز ۽ مزاح نگار نه هو، بلڪه سنڌي ادب ۽ سماج جي نازڪ، حساس ۽ لڪل نسن تي هٿ رکندڙ هڪ انتھائي باريڪ بين، بي باڪ ۽ حساس مفڪر هو. حيدرآباد سنڌ ۾ پوليس شعبي جي آفيسر عزيز بروهيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن يگاني مصنف ابتدائي تعليم کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان قانون (LL.B) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي يونيورسٽيءَ جي انتظامي شعبي ۾ رجسٽرار آفيس سان ڊگهي عرصي تائين وابسته رهندي، خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس سنڌي ادب جي بنجر ٿيندڙ زمين تي ڦُٽل هڪ اهڙو ڪانڊيرو چئي سگهجي ٿو، جنھن جي پاڙن کي ڪنھن روايتي آبپاشيءَ يا سرڪاري سرپرستيءَ جي ضرورت نه هئي. هو هڪ اهڙو انوکو ۽ ناياب مظھر هو، جنھن کي سندس دور، جمود ۾ ورتل سماج ۽ گل و بلبل جي روايتي قصن ۽ رومانوي توڙي قومي نعريبازيءَ ۾ مُنجهيل دانشور ڪڏهن به صحيح معنيٰ ۾ سمجهي نه سگهيا. سندس دور اهو هو، جڏهن سنڌي ادب تي رومانويت ۽ روايتي قومپرستيءَ جو غلبو طاري هو، پر بروهيءَ ان وهڪري جي ابتڙ ترندي حقيقت پسندي، عقليت ۽ بي رحم تجزيي نگاريءَ کي پنھنجو عملي ميدان بڻايو.

سندس پڙهندڙُ چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو ته سندس قلم عام اديبن وانگر محض خوبصورتيءَ جا ترانا نه ڳائيندو آهي، بلڪه سندس قلم مان وهندڙ تيزاب دراصل ان سماجي منافقت جو ردِعمل هو، جتي فرد جي ذاتي آزاديءَ کي قدامت پسنديءَ، مذهبي سخت گيريءَ ۽ وڏيرڪي سوچ جي نالي تي قربان ڪيو ويندو هو. سندس تحريرن ۾ طنز جي هڪ دلنشين مرڪ ته هئي، پر اها مرڪ ڪنھن سنگدليءَ جي مرهونِ منت نه هئي بلڪه ان جي پويان درد، ڏُک ۽ بيچينيءَ جي هلڪي ڇانوَ به گڏ هلندي هئي. سندس طنز اجتماعي شعور کي ڇيڙي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي کلائيندي کلائيندي، اچانڪ ڳُوڙهي خاموشيءَ ۽ سوچ جي سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏي ٿي. هو سنڌ جي انھن چند ليکڪن مان هو، جن ادب کي محض تفريح يا لفاظيءَ بدران سماجي جراحيءَ جو اوزار بنايو.

حليم بروهيءَ جي تحريرن جي ڳُوڙهي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سندس لکڻين ۾ فرانسيسي فلسفي زان پال سارتر جي وجودي ڪَرب (Existential Angst)، البرٽ ڪامُو جي عبثيت واري نظريي (Absurdism) ۽ فرانز ڪافڪا جي بيگانگيءَ جي عميق جهلڪ موجود آهي، جيڪا پنھنجي جوهر ۾ يورپي فلسفي جي ويجهو هئڻ جي باوجود خالص مقامي ۽ سنڌي ماحول جو حصو هئي. سارتر جي ان نظريي وانگر ته انسان مطلق آزاديءَ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، بروهيءَ به فرد جي آزاديءَ ۽ سماجي جبر جي ٽڪراءَ مان جنم وٺندڙ وجودي مُونجهه (Existential Nausea) کي شدت سان محسوس ڪيو. هو جڏهن لکندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو شخص ڪنھن ٻاهرئين دشمن سان نه، پر پنھنجي ئي وجود جي معنا ۽ بي معنا هئڻ سان ويڙهه ۾ آهي. سندس بي باڪي ۽ اگهاڙي سچائي ان حد تائين وڌي ويندي هئي جو عام پڙهندڙ لاءِ ان کي برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو، پر اها ئي سندس اصل خاصيت هئي. هن سنڌي ادب کي طنزيه عدميت (Satirical Nihilism) جي هڪ نئين ذائقي سان روشناس ڪرايو، جتي هر اخلاقي دعوا، روايتي قدر ۽ سماجي ڍانچي تي سوال اٿاريا ويندا هئا، پر هڪ بيدار ڪري وجهندڙ ڪُوڙي مرڪ سان.

توهان يقينن ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا ته حليم بروهيءَ جو مطالعو سندس ڳُوڙهن نفسياتي تضادن، ذاتي صدمن ۽ دفاعي ميڪانزم کي بي نقاب ڪري ٿو. سندس شخصيت ۽ 1975ع ۾ شائع ٿيل سندس شاهڪار ناول ”اوڙاهه“۾ هڪ اهڙو شديد انڪاري روپ ۽ مزاحمت نظر اچي ٿي، جيڪا روايتي نفسياتي ۽ ادبي سانچن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏي ٿي. هن ناول ۾ شعور جي وهڪري (Stream of Consciousness) جي ٽيڪنڪ جو بي مثال مظاهرو ملي ٿو، جتي جملن جو بظاهر بگڙيل توازن ۽ پکڙيل بيانيو دراصل لفظن جي پويان لڪل نفسياتي طوفان، اندروني ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڀيانڪ سچائين کي آشڪار ڪري ٿو. نفسياتي اعتبار کان سندس طنز ۽ خود طنزي ڪنھن سنگدلي يا تحقير جو نتيجو نه هئي بلڪه هڪ شديد اندروني صدمي، تنھائي ۽ نااميديءَ جي خلاف سندس واحد پناهه گاھ هئي؛ هڪ اهڙو ٽھڪ جيڪو آرسيءَ آڏو بيٺل شخص پنھنجي ئي وجود جي محرومين تي روئي پوڻ کان بچڻ لاءِ ڏيندو آهي.

بروهيءَ جون تحريرون روزِ روشن وانگر ان ڳالهه ڏانھن اشارو ڪن ٿيون ته سندس اصل نشانو سنڌ جو وچولو طبقو، وڏيراشاهي، بيوروڪريسي ۽ انھن جو ٻٽو معيار هو. هن روزاني ”ڪاوش“ ۾ پنھنجي مقبولِ عام ۽ شاهڪار ڪالمن کان سواءِ پنھنجن ڪتابن ذريعي انھن نالي چڙهيل ترقي پسندن، مذهبي ٺيڪيدارن ۽ روشن خيالن تي بي رحم ضربون هنيون، جيڪي اندر مان انتھائي تنگ نظر، روايتي ۽ مفاد پرست هئا. هن سماج جو اگهاڙو سچ بيان ڪندي، پنھنجو پاڻ کي به ڪڏهن معاف نه ڪيو. سندس انداز خالص سائنسي، منطقي ۽ معروضي هو. پر جڏهن ڪو سُست ۽ جمود ۾ ورتل سماج ڪنھن مفڪر جي خطرناڪ سچائين ۽ سوالن کي منھن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي، ته هو ان تي انحراف، ڪفر يا چريائيءَ جو ليبل هڻي، پنھنجو پاڻ کي محفوظ ڪري وٺندو آهي. بروهيءَ جو سڀ کان وڏو سماجي الميو اهو ئي رهيو ته جنھن سماج جي اصلاح ۽ بيداريءَ لاءِ هو عمر ڀر تڙپندو رهيو، انهيءَ ئي سماج کيس هڪ سچو مفڪر ۽ فلسفي مڃڻ بدران صرف هڪ ”مسخرو“ يا وقت گذاريءَ جي تفريح جو ذريعو قرار ڏئي، پنھنجي جان ڇڏائي ورتي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا