ڇا هيءُ آرٽ آهي يا قانون جي ڀڃڪڙي؟
بينڪسي جي ڪم لاءِ هڪ بنيادي سوال هميشه اٿندو رهيو آهي ته ڇا اجازت کان سواءِ ڪنھن ڀت يا عمارت وغيره تي تصوير ٺاهڻ فن آهي يا ڪنھن جي ملڪيت کي نقصان پھچائڻ؟
قانوني طور ڀت يا عمارت وغيره ڪنھن فرد، اداري يا حڪومت جي ملڪيت ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن انهيءَ ڀت تي بينڪسي جي تصوير ظاهر ٿئي ٿي ته ساڳي ڀت جي مالي، ثقافتي ۽ سياحتي قيمت وڌي وڃي ٿي. جنھن ڪم کي صبح جو انتظاميا مٽائڻ چاهي ٿي، پر شام تائين ان کي شيشي سان ڍڪي محفوظ ڪيو وڃي ٿو.
ڪڏهن ته عمارت جا مالڪ تصوير کي ڀت سميت ڪٽي نيلام ڪن ٿا. ڪڏهن مقامي ماڻهو احتجاج ڪن ٿا ته اهو ڪم سندن پاڙي ۽ شھر جي ملڪيت آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال رڳو اهو نٿو رهي ته ڀت ڪنھن جي آهي؛ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته عوامي جڳھه تي ٺھيل ثقافتي يادگيريءَ جو مالڪ ڪير آهي؟
بينڪسي روايتي آرٽ جي انهيءَ نظام کي چئلينج ڪيو، جنھن ۾ فن ڏسڻ لاءِ ميوزيم ۾ وڃڻو، ٽڪيٽ وٺڻي يا مخصوص تعليمي ۽ سماجي پسمنظر رکڻو پوندو آهي. سندس تصويرون بازار، ريلوي پل، اسڪول، اسپتال، پناهگير ڪئمپ ۽ جيل جي ڀت تي عام ماڻهوءَ جي سامهون اچن ٿيون. روايتي آرٽ ۾ ماڻهو فن ڏانهن وڃي ٿو؛ بينڪسي وٽ فن ماڻهوءَ ڏانهن اچي ٿو.
گمنامي، ميڊيا ۽ شھرت
بينڪسي ميڊيا کان ڀڄندي به ميڊيا جي سڀ کان وڏي ڪھاڻين مان هڪ بڻجي ويو. سندس هر نئين تصوير ڪجهه ڪلاڪن ۾ سوشل ميڊيا ۽ عالمي اخبارن تائين پھچي ٿي. تصوير هڪ شھر جي ڀت تي هوندي آهي، پر ان جا لکين نقل دنيا جي اسڪرينن تي گردش ڪندا آهن.
ميڊيا تي سندس فن سان گڏ سندس راز به وڪامندو آهي. هر تصوير کان پوءِ بحث شروع ٿيندو آهي: ڇا اها اصلي آهي؟ بينڪسي اها ڪيئن ٺاهي؟ هو اتي ڪڏهن پھتو؟ ڪنھن کيس ڏٺو؟ ڇا ويجهي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ سندس عڪس محفوظ ٿيو؟
پر بينڪسي پنھنجي ذاتي زندگيءَ کي شھرت جو سامان نٿو بڻائي. سندس سرڪاري آن لائين موجودگي عام طور نئين فن پاري جي تصديق لاءِ استعمال ٿئي ٿي. هو پنھنجي ناشتي، لباس، دوستن يا گهر جون تصويرون نٿو ڏيکاري. اهڙيءَ طرح هو جديد سيلبرٽي ڪلچر کي چئلينج ڪري ٿو، جنھن ۾ شخصيت ڪڏهن ڪڏهن تخليق کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿي.
سرمائيداريءَ خلاف فن ۽ لکين پائونڊن جون نيلاميون
بينڪسي صارف پرستي، اشتھارن، وڏين ڪمپنين ۽ آرٽ مارڪيٽ تي سخت طنز ڪري ٿو، پر سندس پنھنجا فن پارا لکين پائونڊن ۾ وڪامن ٿا. اها ڳالهه ظاهري طور هڪ وڏو تضاد آهي.
هو جنھن نظام تي تنقيد ڪري ٿو، ساڳيو نظام سندس بغاوت کي قيمتي شيءِ ۾ تبديل ڪري ٿو. بينڪسي ڀت تي عام ماڻهن لاءِ تصوير ٺاهي ٿو، پر ان ڀت مان تصوير کي ڪٽي اهڙي دولتمند شخص جي گهر پھچائي وڃي ٿو، جيڪو قيمتي فن پارا خريد ڪندڙ آهي يا وري اها تصوير نيلامي گهر پھچي وڃي ٿي.
شايد بينڪسي جي فن جي هڪ اهم ڳالهه اها ئي آهي ته هو هن تضاد کي لڪائي نٿو. هو ڏيکاري ٿو ته جديد سرمائيداري ايتري طاقتور آهي، جو پنھنجي خلاف ٿيندڙ احتجاج کي به پيداوار بڻائي وڪڻي سگهي ٿي.
ان جي باوجود تصوير جو پيغام مڪمل طور ختم نٿو ٿئي. وڏي قيمت ۾ وڪامندڙ فن پارو به جنگ، غربت، نگراني يا ناانصافيءَ بابت سوال ڪندو رهي ٿو. بازار ان جي قيمت وڌائي سگهي ٿي، پر ان جي معنا تي مڪمل قبضو نٿي ڪري سگهي. هن قسم جي صورتحال اسان به سنڌ ۾ پيدا ڪندا رهيا آهيون جھڙوڪ ٿر جي غربت واري ڪلچر کي تصويرن ، ڊرامن وغيره ذريعي گليمرائيز ڪري پيش ڪندا رهيا آهيون.
بينڪسي کي ڏسڻ کان پوءِ
ريڊنگ جيل جي ڀت وٽ بيھي، مون کي محسوس ٿيو ته ڪجهه جايون فقط تاريخي عمارتون ناهن هونديون؛ اهي انساني درد، يادگيري ۽ مزاحمت جا خاموش دفتر هونديون آهن. سامهون هڪ پراڻو جيل هو، جنھن جي ڀتين آسڪر وائلڊ جھڙي اديب جي اڪيلائي ڏٺي هئي. ساڳئي ڀت تي هڪ صديءَ کان پوءِ هڪ گمنام فنڪار قيديءَ کي لفظن جي رسيءَ سان آزاد ٿيندي ڏيکاريو هو. هڪ فنڪار، جنھن جو چھرو دنيا نه ٿي سڃاڻي، اهڙي انسان جي ياد سان ڳالهائي رهيو هو، جنھن کي سندس زماني جي سماج بدنام، سزاوار ۽ قيد ڪيو هو، پر جنھن جو ادب وقت جي جيل مان آزاد ٿي اڄ به زنده آهي. شايد ان ڪري بينڪسي پنھنجي سڃاڻپ لڪائي ٿو، جو هو چاهي ٿو ته اسان سندس چھري ڏانهن نه، پر سندس سوال ڏانھن ڏسون. هو ڀت تي تصوير ٺاهي پاڻ ته هليو وڃي ٿو، پر سوال ڇڏي وڃي ٿو:
جنگ جي سامهون گل جي ڪيتري طاقت آهي؟
قانون جي ورديءَ اندر انسان ڪٿي آهي؟
مسلسل رابطي جي دور ۾ محبت ڇو اڪيلي آهي؟
پارليامينٽ ۾ ويٺل انسان واقعي انسانن وارو رويو رکن ٿا؟
۽ ڇا ادب، فن ۽ تخليق جيل جي ديوارن کان وڌيڪ طاقتور ٿي سگهن ٿا؟
بينڪسي جون ڀتيون ڏسندي، منھنجو ذهن پنھنجي سنڌ ڏانهن به هليو وڃي ٿو. اڄ جڏهن سنڌ اندر نون صوبن، انتظامي ورهاست ۽ ڪراچيءَ کي الڳ انتظامي سڃاڻپ ڏيڻ جون ڳالهيون وري سياسي بحث جو حصو بڻيل آهن، تڏهن بينڪسي جي فن ۾ ”ڀت“ جي علامت وڌيڪ معنيٰ خيز محسوس ٿئي ٿي. هڪ ڌر اهڙين تجويزن کي بھتر حڪمراني، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ ماڻهن تائين اختيار پھچائڻ جو رستو سمجهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي سياسي، فڪري ۽ سماجي راءِ اهو اظھار ڪري ٿي ته تاريخي ڌرتيءَ کي نين حدن ۾ ورهائڻ سان انتظامي مسئلا حل ٿيڻ بدران لساني، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي وڇوٽيون وڌي وينديون. اصل سوال شايد رڳو اهو ناهي ته نقشي تي نئين لِيڪ ڪٿي ڪڍجي؛ اصل سوال اهو آهي ته ماڻهن کي انصاف، اختيار، ترقي ۽ برابر موقعا ڪيئن ڏجن.
سنڌ به رڳو نقشي تي ٺھيل سرحدن جو نالو ناهي؛ اها هزارين سالن جي تاريخ، سنڌو درياهه، ٻولي، ادب، ثقافت، شھرن، ڳوٺن ۽ مختلف نسلن ۽ ٻولين جي ماڻهن جي گڏيل يادگيريءَ جو نالو آهي. ڪراچي هجي يا ڪشمور، ٿر هجي يا لاڙ، حيدرآباد هجي يا سکر…. بھتر حڪمرانيءَ جي ضرورت هر هنڌ آهي، پر ان جو جواب نيون ديوارون اڏڻ بدران اختيارن جي حقيقي هيٺين سطح تائين منتقلي، مضبوط مقامي حڪومتن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ سڀني شھرين جي برابر حقن ۾ ڳولڻ گهرجي. بينڪسي جي فن مان جيڪڏهن سنڌ لاءِ ڪو استعارو وٺجي ته شايد اهو هي هجي: مسئلن کان بچڻ لاءِ ڀتيون وڌائڻ کان وڌيڪ اهم، انهن ڀتين ۾ گڏ رهڻ جا دروازا کولڻ آهن.
ريڊنگ جي انهيءَ جيل وٽ شروع ٿيل منھنجو تجسس آخرڪار مون کي هن نتيجي تائين پھچايو ته بينڪسي رڳو ڀتين تي تصويرون ٺاهيندڙ چترڪار ناهي. هو جديد سماج جو هڪ گمنام آئينو آهي. هو اسان کي اهي شيون ڏيکاري ٿو، جيڪي روزانو اسان جي سامهون هوندي به اسان کان لڪل رهن ٿيون. هن ڀتين کي ڳالهائڻ نه سيکاريو آهي؛ شايد ڀتيون اڳ ئي ڳالهائينديون رهيون آهن. بينڪسي رڳو اسان کي انهن جي ٻولي ٻڌڻ سيکاري آهي.
ريڊنگ جيل جي ڀت تان هيٺ لھندڙ اهو قيدي اڄ به ڄڻ ڪاغذن جي رسيءَ سان آزاديءَ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ٽائيپ رائيٽر سندس وزن به آهي ۽ سھارو به. ان تصوير کي ڏسندي محسوس ٿئي ٿو ته لفظ ڪڏهن بار ٿيندا آهن، ته ڪڏهن ڏاڪڻ؛ ڪڏهن سزا جو سبب بڻبا آهن، ته ڪڏهن آزاديءَ جو رستو.
۽ شايد بينڪسي جي سموري فن جو نچوڙ به اهو ئي آهي: جڏهن طاقت دروازا بند ڪري ڇڏي، تڏهن تخليق ديوارن مان به رستو ڪڍي وٺندي آهي.
اها به هڪ حقيقت آهي ته بينڪسيءَ کي رڳو ڀتين تي چٽ ٺاهيندڙ فنڪار سمجهڻ سندس تخليقي دنيا کي محدود ڪرڻ ٿيندو؛ هن اسٽريٽ آرٽ سان گڏ ڪتابن، مختصر فڪري ۽ طنزيه لکڻين، فلم، دستاويزي ڪم، تنصيبي فن، نمائشن ۽ غيرمعمولي تصوراتي منصوبن وسيلي به پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ڪڏهن ڀت سندس ڪينواس بڻجي ٿي، ڪڏهن فلم، ڪڏهن ڪتاب، ته ڪڏهن ڪو هوٽل، نمائش يا سڄو شھري ماحول ئي سندس فن جو حصو بڻجي وڃي ٿو. سندس تخليقن ۾ فن ۽ سياست، طنز ۽ مزاحمت، بازار ۽ بغاوت، جنگ ۽ امن، اقتدار ۽ آزادي، غربت ۽ صارف پرستي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. تنھنڪري بينڪسيءَ کي سمجهڻ لاءِ رڳو سندس تصويرن کي ڏسڻ ڪافي ناهي؛ سندس فڪر، سياسي شعور، علمي ۽ ادبي لاڙا، شخصي اسرار، سماجي نظرئي ۽ فن بابت سندس فلسفي کي به الڳ نموني سمجهڻ ضروري آهي. بينڪسيءَ جي انهن پھلوئن مان فن، فڪر، سياست، شخصيت، مطالعي ۽ فڪري جھان تي تفصيلي بحث ڪنھن ٻئي مضمون جو موضوع رهندو. (پورو ٿيو )
