واڱڻائپ جا ايڪيتاليھ شيڊز..
هوءَ اَڇوتن ۽ اڻڇھيل موضوعن جي ڳولا ۾ اُن مسافر وانگر نڪري ٿي جيڪو سماج جي لڳايل حدن کان اڳتي وڃڻ جي همت رکي ٿو.
سندس قلم ۾ رڳو لفظن جي رواني ۽ ٻوليءَ جو ميٺاڄ ناهي، پر هڪ بيباڪ جُرئت جي باھ به آهي، جيڪا منع ڪيل خاموشين کي به آواز ڏئي ٿي ۽ سماج جي ستن سُرن ۾ پنھنجي ارڏائيءٓ جو اٺون سُر ملائي ٿي.
هوءَ موضوعن کي منع ٿيل ميوي جيان ڇُھي ٿي، انهن جو ذائقو چکي ٿي ۽ پڙهندڙن کي به ان منع ٿيل ميوي جو ذائقو چکرائي ٿي بيحد احتياط سان، پر بيخوف انداز ۾… ۽ پوءِ انهن کي پنھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن ۾ اهڙيءَ ريت لاھي ٿي، جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ڄڻ ڪنھن لڪل پراسرار دنيا جا در آهستي آهستي کُلي رهيا هجن. سندس ڪھاڻين ۾ Taboo رڳو موضوع ناهن ھوندا، پر احساسن، خواهشن ۽ سماجي سچائين جا زنده چھرا بڻجي سامهون ايندا آهن…
هُن پنھنجي ڪتاب جي نالي لاءِ به هڪ اهڙو رنگ چونڊيو آهي جيڪو عام رنگن جي قطار ۾ بيھڻ بدران پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.
واڱڻائي رنگ……. اهو رنگ، جيڪو فطرت جي ستن بنيادي رنگن ۾ شامل نه هوندي به پنھنجي منفرد وجود سان هر نگاھ کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. شايد اُنهيءَ ڪري ئي زبيده ان اٺين رنگ کي پنھنجي تخليقن جو روح بڻايو آهي. ڇو ته سندس ڪھاڻيون به روايتي حدن کان ٻاهر نڪري پنھنجو الڳ اٺون آسمان ۽ ممنوع رنگن جي جدا انڊلٺ جوڙين ٿيون.
حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته سندس هر ڪھاڻيءَ ۾ واڱڻائي رنگ ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ نظرن آڏو فليش ٿيندو رهي ٿو.
واڱڻائي رنگ کي هر ڪھاڻيءَ ۾ اهڙيءَ ريت فوڪس ڪيو ويو آهي جو اک ٿوريءَ دير لاءِ واڱڻائي رنگ جي جادوءَ ۾ اٽڪي بيھي رهي ٿي… واڱڻائي زخم، واڱڻائي چَپَ، واڱڻائي بلبُ، واڱڻائي لغڙ، واڱڻائي مورڻي مڇي، واڱڻائي گل، واڱڻائي اجرڪ جون ڦلڙيون ۽ ڪڏهن وري اهو رنگ اڻچيل احساسن جي اهڙي ته واڱڻائي ڇانوَ بڻجي سامھون اچي ٿو، جنھن جي لفظن کان وڌيڪ ماٺ موهي ٿي.
زبيده پنھنجي ڪمال ڪاريگريءَ سان هر ڪھاڻيءَ کي واڱڻائي رنگ جو اهڙو ته لطيف ٽچ ڏنو آهي، جو پڙهندڙ جيڪڏھن ڪتاب بند به ڪري ٿو، تڏهن به اُن رنگ جو هلڪو شيڊ سندس اکين آڏو دير تائين ترورا ڪندو ترندو رهي ٿو.
زبيده ميتلو جون ڪھاڻيون پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ زندگيءَ کي ٻاهر کان گهٽ ۽ اندر کان وڌيڪ ڏسي ٿي… سندس ڪردارن جي اکين ۾ رڳو ڳوڙها ناهن، پر صدين جي خاموشي، اڻچيل خوف، عورت جي داخلي پيڙا ۽ سماج جي اڻبرابريءَ جا پاڇا به موجود آهن. هوءَ ڪھاڻيءَ کي وڏي واڪي بيان نٿي ڪري، پر آهستي آهستي پڙهندڙ جي ذهن ۾ لاهي ٿي. سندس ٻولي سادي هوندي به گھري معنويت رکي ٿي ۽ سندس منظرنگاريءَ ۾ هڪ اهڙي داخلي ماٺ موجود هوندي آهي، جيڪا ڪھاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ به ذهن ۾ گُونجندي رهي ٿي.
زبيده ميتلو جي ڪھاڻين جو اهم پاسو اهو آهي ته هوءَ عورت کي رڳو مظلوم ڪردار طور پيش نه ٿي ڪري، پر هڪ محسوس ڪندڙ، سوچيندڙ ۽ پنھنجي اندر ۾ مزاحمت رکندڙ

انسان طور سامهون آڻي بيھاري ٿي. سندس ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا وڏا سوال ڪنھن فلسفياڻي دعويٰ سان نه پر روزمره جي معمولي واقعن، اڌورن جملن ۽ خاموش لمحن مان اُڀرن ٿا.
واڱڻائپ جي ڪھاڻين ۾ ٻولي، ڪردار بڻجي سامهون اچي ٿي. ڇو تہ اها رڳو ڳالهائي نه ٿي، پر ساھ به کڻي ٿي،…
زبيده جي لھجي ۾ دراوڙي ڌرتيءَ جي اها چِيڪي مٽي ڳوهيل آهي جيڪا وقت جي ڪيترين ئي تھذيبن مان گذرڻ باوجود پنھنجي اصل خوشبو نه وڃائي سگهي آهي. سندس ٻوليءَ ۾ هڪ عجيب ڇِڪ آهي. پڙهندڙ کي لڳندو ته هو ڪنھن ڪھاڻيءَ ڏانھن نه پر پنھنجي اباڻي ڳوٺ، پنھنجي نانيءَ جي آکاڻيءَ، پنھنجي ننڍپڻ جي يادن ۽ پنھنجي اندر ۾ دفن ٿيل ڪنھن قديم ڪٿا ڏانھن موٽي رهيو آهي… سندس لفظن ۾ جديد زندگيءَ جي ويڳاڻپ جي باوجود ڌرتيءَ سان ڳنڍيل هڪ دراوڙي دور موجود آهي.
“واڱڻائپ” ۾ به زبيده اهوئي ساڳيو لھجو کڻي اچي ٿي، جيڪو سندس ڪتاب “يارم پيارم” ۾ هو… اهو لھجو جيڪو شھرن، ملڪن ۽ وقتن جي فاصلي باوجود پنھنجي ديس جي سِڪَ کي زندھ رکي ٿو. سندس ٻولي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اصل ٻولي صرف لفظن ۾ نه جيئندي آهي، پر اها انسان جي رَتُ، حافظي ۽ احساسن ۾ رهندي آهي…
ڪُجهه ڪھاڻيون پڙهي مون دير تائين خاموش ويھي سوچيو ته شايد اهڙو نثر آئون ڪڏهن به نه لکي سگهان. مون وٽ نه زبيده جھڙي نج نبار ٻولي آهي، نه ئي نثر لکڻ جو اهڙو آرٽ آهي.
ڇو جو زبيده جو نثر رڳو لکبو ناهي، پر جيئبو آهي، ان نثر ۾ ساھ کڻبو آهي، ان نثر ۾ ڳري وڃبو آهي، ان نثر ۾ مري وڃبو آهي.
زبيده جي ٻولي ڄڻ ٻي مٽيءَ مان ٺھيل آهي. هوءَ پنھنجي ٻوليءَ کان ٻاهر ساھُ نه ٿي کڻي سگهي… هوءَ صرف ٻوليءَ کي استعمال نه ٿي ڪري، پر هوءَ ٻوليءَ ۾ رهي ٿي؛ اُن ۾ ساھ کڻي ٿي، اُن ۾ خواب ڏسي ٿي، اُن ۾ زخمي ٿئي ٿي، ان ۾ پاڻکي جوڙي ٿي، ان ۾ نفرت ڪري ٿي ۽ ان ۾ ئي پيار ڪري ٿي! ٻولي ۽ زبيده هڪٻئي کان ڌار ئي ناهن. جيڪڏهن سندس لفظن کان لھجو کسي وٺجي ته هوءَ اڌوري ٿي پوندي.
هوءَ پنھنجي ٻوليءَ کي رڳو لکي نه ٿي، پر ان ۾ آهستي آهستي ڳري وڃي ٿي. سندس نثر ۾ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مھڪ، پراڻن وڻن جي ڇانوَ، عورتن جي اڻچيل اداسي ۽ ڌنڌلين يادن جو هڪ اهڙو ڳوٺ ٻَڌل آهي جنھن ۾ پڙهندڙ هميشه لاءِ رهي پوي ٿو.
سندس ڪھاڻين جي ڪتاب “واڱڻائپ” ۾ شامل ايڪيتاليھ ڪھاڻيون رڳو ڪھاڻيون ناهن، پر ايڪيتاليھ نيون دريافت ٿيل دنيائون آهن؛ اهڙيون دنيائون، جتي هر منظر، هر پسمنظر ۽ هر وٿيءَ مان واڱڻائي روشنيءَ جا نرم ڪرڻا ڦٽن ٿا. انھن ڪھاڻين جي فضا ۾ واڱڻائي رنگ صرف ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، پر سُرهاڻ وانگر ڦھلجي پڙهندڙ جي حواسن تائين لھي وڃي ٿو. هر ڪھاڻي ڄڻ ڪنھن اڻڄاتل ڪائنات جو دروازو آهي، جتي احساس رنگن ۾ ڳالهائين ٿا ۽ لفظ پنھنجي وجود کان اڳتي نڪري هڪ جادوئي ڪيفيت اختيار ڪري وٺن ٿا…
……
زبيده جي هر ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس پڙهندڙ کي هڪ نئين فڪري خلا ۾ اُڇلائي ڇڏي ٿو، پر جڏهن مون “ڪرنل ڪارلوز جو ڪائونٽر” پڙهي، تڏهن سندس تخليقي قوت جي سحر ۾ اهڙيءَ ريت گرفتار ٿي ويس ڄڻ مون به مورڻي مڇيءَ جي پتي مان نڪتل اهو مدهوش ڪندڙ شراب پي ورتو هجي، جنھن جو نشو لھڻ بدران وقت سان گڏ وڌيڪ گھرو ٿيندو وڃي.
هيءَ رڳو هڪ ڪھاڻي ناهي، پر سمنڊ جي تھن ۾ لڪل زندگيءَ، محبت ۽ بقا جو هڪ دردناڪ رزميه آهي. زبيده جنھن مھارت سان مورڻي مڇيءَ کي ڪھاڻيءَ جي مرڪز ۾ آڻي بيھاري ٿي، اهو حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي. مون مڇين بابت اڳ به گهڻو پڙهيو آهي. جيئن سنڌ ۾ ٻُلھڻ جي نسل ڪشي بابت ته سنڌو درياھ جي لھرن ۾ ڪڏهن انڌي ٻُلھڻ جو معصوم ناچ زندگيءَ جي موسيقي جھڙو لڳندو هو، پر اڄ اها موسيقي آهستي آهستي ماٺ ۾ بدلجي رهي آهي. سنڌو درياھ جي ٻُلھڻ، جيڪا دنيا جي ناياب ترين مٺي پاڻيءَ وارين ٻُلھڻن مان هڪ آهي، انساني بي ڌياني، غير قانوني شڪار، آبي آلودگي ۽ درياھ تي بندن جي وڌندڙ اثرن سبب خطري کي مُنھن ڏئي رهي آهي. سنڌو درياھ جي ٻُلھڻ جي نسل ڪشي رڳو هڪ جاندار جو خاتمو ناهي، پر سنڌو درياھ جي حياتياتي حُسن، ماحولياتي توازن ۽ اسان جي اجتماعي شعور جي گهٽتائيءَ جو الميو آهي. جڏهن به ڪا ٻُلھڻ مري ٿي ته لڳي ٿو ڄڻ درياھ پنھنجي اک جو هڪ خواب وڃائي ويٺو هجي.
ٻُلھڻ کي بچائڻ دراصل درياھ کي بچائڻ آهي ۽ درياھ کي بچائڻ پنھنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائڻ آهي. جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين ته شايد هڪ ڏينھن ٻُلھڻ رڳو ڪتابن جي تصويرن ۽ يادگيرين جي قصن ۾ رهجي وڃي بلڪل اهڙي طرح ئي زبيده جي هي لکيل ڪھاڻي مڇين جي نسل ڪشي ڏانھن اشارو آهي، پر زبيده ان کي اھڙو علامتي ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي.
ڪھاڻيءَ جو اصل جادو تڏهن ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن “آريا” سمنڊ جي اونداهن تھن ۾ لھي، بحري پاتال جي ان دنيا کي ڏسي ٿي، جتي مورڻي مڇي پنھنجا آنا ڦوڙي رهي آهي، پنھنجن ٻچن کي سيني سان سانڍي رهي آهي ۽ پنھنجي نسل جي بقا لاءِ فطرت جي ازلي جدوجھد ۾ مصروف آهي. ان منظر کان پوءِ “آريا” جي اکين ۾ پنھنجي قبيلي جي ميربحرن جو عمل هڪ ڪاروبار نه پر نسل ڪشي بڻجي وڃي ٿو… شايد انھيءَ شعور سبب ئي هن سڄي عمر مورڻي مڇيءَ جي پتي مان ٺھيل شراب کي چکي نه ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ هن ان شراب جي هر ڍڪ ۾ هڪ ماءُ جي اذيت، هڪ نسل جي تباهي ۽ سمنڊ جي خاموش دانھن ٻڌي ورتي هئي.
ناياب سامونڊي جيوت جي تحفظ بابت لکيل هيءَ ڪھاڻي پنھنجي موضوع، علامتن ۽ انساني احساس جي گھرائين سبب مون تي سچ پچ کيپ چاڙهي وئي… ڪھاڻي ختم ٿي وڃي ٿي، پر ان جو نشو ذهن ۽ روح ۾ گهڻي دير تائين باقي رهي ٿو.
……
ائين ئي زبيده ميتلو جي ڪھاڻي
“شراب جي ديوتا جو الميو” رڳو هڪ ڏند ڪٿائي ڪھاڻي ناهي، پر انسان جي ازلي پشيماني، خواهشن ۽ وڃايل وصل جي ڪٿا آهي. ڪھاڻي پڙهندي بار بار اهو احساس جنم وٺندو رهي ٿو ته محبت، ندامت ۽ ڀٽڪڻ شايد انسان جي تقدير جو حصو آهن..
ڪھاڻي هڪ عجائب گهر مان شروع ٿئي ٿي، جنھن ۾ هڪ پراسرار ڪردار اوچتو ظاهر ٿئي ٿو ۽ اوچتو گم به ٿي وڃي ٿو. اهو پراسرار شخص ڪير هو؟ اهو ڪھاڻيءَ ۾ هڪ سوال ڇڏي وڃي ٿو.
رومن ڏندڪٿا ۾ شراب، سُرور ۽ مستيءَ جي ديوتا “باڪوس” جي هڪ ڪھاڻي بيان ڪئي ويندي آهي، جيڪا رڳو هڪ ديوتا جي پشيمانيءَ جي ڪھاڻي نه پر عورت جي عزت، ارادي ۽ مزاحمت جي لازوال علامت پڻ آهي.
چون ٿا تہ “باڪوس” وٽ انگورن جي شراب جا بي انت خزانا هئا. سندس انگوري رس جي پيالن ۾ اهڙو خمار سمايل هو جيڪو بادشاهن کي به پنھنجو غلام بڻائي ڇڏيندو هو. ان ڪري هو پاڻ کي زمين ۽ آسمان جي هر حَسين شيءِ جو مالڪ سمجهندو هو. طاقت، دولت ۽ خدائي اختيارن جو نشو سندس وجود ۾ اهڙو رچيل هو جو کيس لڳندو هو ته دنيا ۾ ڪا بہ خواهش سندس پھچ کان ٻاهر ناهي.
هڪ ڏينھن سندس نگاھ هڪ اهڙي حسينا تي پئي، جنھن جي سُونھن ۾ صبح جي پھرين ڪرڻن جي پاڪيزگي ۽ معصوميت سمايل هئي. “باڪوس” جي دل ۾ عشق نه پر ملڪيت جو احساس جاڳيو. هن چاهيو ته اُنهيءَ حُسن کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي، پر جڏهن سندس خواهش حوس جي شڪل اختيار ڪئي ته ڇوڪري خوف ۽ بيوسيءَ ۾ ڊايانا گاڊيسس، (پاڪدامنيءَ جي ديوي) کي پڪاريو.
ڊايانا سندس التجا ٻُڌي ڇوڪريءَ جي لڄ ۽ وقار کي بچائڻ لاءِ کيس سفيد پٿر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهو منظر ڏسي “باڪوس” ڄڻ پھريون ڀيرو پنھنجي ئي وجود جي اونداهين سان روبرو ٿيو. هن محسوس ڪيو ته طاقت جي سڀني دعوائن باوجود هڪ نازڪ ڇوڪري سندس خواهشن کان وڌيڪ سگهاري ثابت ٿي آهي. جنھن عزت جي حفاظت خاطر هوءَ جيئري وجود کان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي، ان عظمت اڳيان خدائي غرور به مٽيءَ جي ذرڙي کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو هو.
پھريون ڀيرو “باڪوس” کي احساس ٿيو ته حقيقي قوت حوس ۾ نه پر مزاحمت ۾ هوندي آهي؛ جبر ۾ نه پر پنھنجي وقار لاءِ بيھڻ ۾ هوندي آهي. هو سڄو ڏينھن پٿرايل مورتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهيو. ڪڏهن سوچيندو رهيو ته سندس مٿان انگوري شراب نڇاور ڪري جنھن بنا پيتي خمارجڻ جي ڪماليت پئي رکي. وري سوچيائين ته نينگري کي شفاف ڪرسٽل جو مجسمو ٺاهي، پر اهي ٻئي انعام ايڏي وڏي قرباني اڳيان خسيس
پئي لڳس. نيٺ جڏهن پشيمانيءَ جو بار سندس دل کان برداشت نه ٿيو ته هو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو… چون ٿا ته سندس اکين مان وهندڙ ندامت جا ڳوڙها جڏهن اُنهيءَ سفيد پٿر تي ڪريا ته پٿر جو وجود ارغواني روشنيءَ سان چمڪي اٿيو ۽ اميٿيسٽ ۾ تبديل ٿي ويو؛ اهو قيمتي پٿر، جيڪو اڄ به پاڪيزگي، وقار ۽ انساني عظمت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
شايد اُنهيءَ ڪري اميٿيسٽ رڳو هڪ جواهر نه پر هڪ ڇوڪريءَ جي مزاحمت، هڪ ديوتا جي ندامت ۽ ان سچائيءَ جي يادگار آهي ته عزت ۽ خودداريءَ جي آڏو هر قسم جي طاقت آخرڪار جهڪي پوندي آهي.
اهو اميٿيسٽ جيڪو مورتي جي شڪل ۾ اڄ به هڪ شوڪيس ۾ رکيل آهي.
مون کي ڪھاڻيءَ جو سڀ کان پراسرار ۽ دل ۾ رهجي ويندڙ ڪردار اهو اجنبي شخص لڳو، جيڪو پٿرن جي ٻولي، تاريخ، جاگرافي ۽ سفر بابت اهڙي واقفيت سان ٻڌائي رهيو هو ڄڻ انهن سڀني واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هجي. ڪھاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ به اهو سوال ذهن ۾ ڊوڙندو رهي ٿو ته متان اهو اجنبي پاڻ ئي “باڪوس” شراب جو ديوتا هجي، جيڪو صدين کان پنھنجي گناھ، پنھنجي وڃايل محبت ۽ پنھنجي اڻپوري خواهش جي ڳولا ۾ پٿرن، عجائب گهرن ۽ يادگيرين جي وچ ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. شايد اُنهيءَ راز ئي ڪھاڻيءَ کي هڪ عام داستان بدران هڪ گھري ۽ ياد رهندڙ الميي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جيڪو ئي شراب جي ديوتا جو الميو آهي.
………
ڪھاڻي “ائش جو احتجاج” مون ٽي ڀيرا پڙهي آهي ۽ هر ڀيري پڙهڻ سان احتجاج جا نوان رنگ، نوان احساس ۽ نوان سوال منھنجي اندر جاڳي پيا آهن. هر پڙهڻيءَ کان پوءِ لڳو ڄڻ آئون پاڻ به “ائش” سان گڏ انھن رنگن ۾ رڱجي رهي آهيان؛ ڪڏهن واڱڻائي اداسيءَ ۾، ڪڏهن رتول ڪاوڙ ۾، ڪڏهن زعفراني اميد ۾.
دنيا ۾ احتجاج جا ڪيترائي طريقا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن. نعرا، جلوس، تقريرون، بُک هڙتالون ۽ خاموش ريليون، پر رنگن ذريعي احتجاج ڪرڻ جو هي منفرد تصور مون پھريون ڀيرو هن ڪھاڻيءَ ۾ ڏٺو. اهو احتجاج، جيڪو لفظن کان وڌيڪ بُلند ۽ خاموشيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ محسوس ٿئي ٿو.
ائش جو احتجاج ناانصافيءَ ۽ ظالماڻي نظام خلاف هڪ مضبوط الزام نامو يا چارج شيٽ آهي.
ائش آهي ته هڪ ڇوڪري، پر سندس شخصيت هڪ رنگين زنده ڪئنواس آهي. سندس وارن جو اڌ پاسو واڱڻائي ته ٻيو رتول.. پنبڻيون واڱڻائي ته اکين جون ماڻڪيون زعفراني، هڪ اک ۾ ڪئسري ڪجل ته ٻيءَ ۾ ڪارسرو. لباس، بوٽ، اسڪارف، ايستائين جو سندس ننڍڙي ڪُتيءَ جا چارئي پير مختلف رنگن جا ۽ ڪَن ۽ پُڇُ به سائي ۽ نارنگي رنگ سان رڱيل هئا.
پھرين نظر ۾ هوءَ ڪنھن سرڪس جي بازيگر يا ڪنھن تجريدي مصور جي تخليق لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ هوءَ هڪ زخمي روح آهي، جيڪا پنھنجي ماءُ جي قتل خلاف دنيا آڏو خاموش پر ڏکوئيندڙ احتجاج بڻجي بيٺي آهي.
جڏهن “ائش” جي ماءُ جو قتل ٿئي ٿو ۽ قانون، انصاف جي نالي تي سندس اکين ڏٺي شاهدي رد ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن “ائش” وٽ رڳو ٻه رستا بچن ٿا: خاموشي يا مزاحمت.
هُوءَ خاموشيءَ بدران مزاحمت کي چونڊي ٿي اها به رنگن ذريعي انوکي مزاحمت. اهي رنگ رڳو ڏيکاءَ يا سينگار جا رنگ ناهن؛ اهي رت جا داغ آهن، ڏک جا پاڇا آهن، ڪاوڙ جا شعلا آهن ۽ يادگيرين جا زخم آهن.
هر ڊسمبر ۾ هوءَ شھر جي بسن، ريلن ۽ گهٽين ۾ پنھنجي رنگين وجود سان گهمندي رهي ٿي. ماڻهو کيس حيرت سان ڏسن ٿا، سوال ڪن ٿا، مُرڪن ٿا، مذاق اُڏائن ٿا پر هوءَ ڄاڻي ٿي ته هر تجسس ڀري نظر سان گڏ سندس احتجاج جو پيغام ڪنھن نه ڪنھن دل تائين ضرور پھچي رهيو آهي.
ائش لاءِ رنگ ٻولي بڻجي وڃن ٿا؛ اهڙي ٻولي جيڪا ڪنھن ترجمي جي محتاج ناهي.
ڪھاڻيءَ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پھلو اهو آهي ته هڪ ڌيءُ ۽ هڪ بي زبان ڪُتِي قتل واري منظر جا اکين ڏٺا گواھ هئا، پر قانون انهن ٻنھي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. قاتل آزاد ٿي ويو، پر مقتول جي ڌيءُ جي روح اندر هڪ دائمي مقدمو هلندو رهيو. “ائِش” جو احتجاج، ظلم خلاف هڪ جيئرو احتجاج نامو آهي پر جيڪو عدالتن جي فائلن ۾ دفن ٿي ويندو آهي.
ڪھاڻي پڙهندي مونکي بار بار سنڌ جي معصوم عورتن جو خيال اچي ٿو. اهي عورتون، جيڪي ڪڏهن ڪاري قرار ڏئي، ڪڏهن غيرت جي نالي تي، ڪڏهن ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ ٻڌي موت جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون. فرق رڳو ايترو آهي ته “ائش” وٽ احتجاج جا رنگ آهن، جڏهن ته اسان جي ڪيترين عورتن وٽ ته احتجاج جو حق به ناهي.
“ائش جو احتجاج” رڳو هڪ ڇوڪريءَ جي ڪھاڻي ناهي؛ اهو هر ان عورت جو نوحو آهي جنھن جي سچ کي ڪوڙ جي ديوارن پٺيان قيد ڪيو ويو آهي. اها ڪھاڻي اسان کان سوال پڇي ٿي ته آخر ڪيتريون ائشون پنھنجي جسم کي رنگن سان رڱينديون رهنديون ۽ ڪيترا قاتل قانون جي اونداهين وٿين مان نڪري آزاديءَ جا ساھ کڻندا رهندا؟
ڪھاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ به “ائش” منھنجي ذهن مان نه ٿي نڪري. مونکي لڳندو رهي ٿو ته هوءَ اڃا به ڪنھن بس جي دريءَ ڀرسان ويٺي آهي، سندس واڱڻائي وارن ۾ هوا کيڏندي رهي ٿي، سندس ڪُتڙيءَ جو سائو پڇ لُڏي رهيو آهي ۽ هوءَ خاموش اکين سان دنيا کي ڏسي رهي آهي. شايد هوءَ اڄ به انصاف جي انتظار ۾ آهي. شايد هوءَ اڄ به رنگن سان هڪ سوال لکي رهي آهي:
جيڪڏهن منھنجو آواز اوهان کي ٻڌڻ ۾ نٿو اچي ته پوءِ ٻڌايو آخر انصاف کي ڪھڙي رنگ ۾ رڱيا جو اوهان ڏسي سگهو؟
۽ اهو سوال ئي هن ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڏو احتجاج، سڀ کان وڏو درد ۽ سڀ کان وڏو سچ آهي…
…….
زبيده ميتلو جي سڀ کان ناياب ڪھاڻي “مَکيءَ جا مالڪ” پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اسين ڪا ڪھاڻي نه پر هڪ اهڙي ماتم نامي مان گذري رهيا آهيون، جنھن جا لفظ رتُ ۾ ٻُڏل آهن ۽ جنھن جي هر سِٽ ۾ هڪ ماتمي مجلس جو نوحو سمايل آهي.
زبيده ميتلو جانورن کي صرف ڪردار نه ٿي بڻائي، پر انهن کي احساس، شعور ۽ تاريخ جي حافظي سان مالا مال ڪري ڇڏي ٿي. اُنهيءَ ڪري ڦاڙهي ۽ سندس ٻچڙي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه محض ٻن جانورن جي ڪچھري نه ٿي لڳي، پر اها ڌرتي، ماحول، تھذيب ۽ نسل ڪشيءَ جي هڪ ڊگهي داستان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته ليکڪا ناري جي ماٿريءَ جي زوال کي ڪنھن تاريخي دستاويز وانگر بيان نہ ٿي ڪري، پر هڪ گوليءَ سان زخمي ٿيل وارث جي زبان سان ٻڌائي ٿي. ڦاڙهو جڏهن پنھنجي ٻچڙي کي ماضيءَ جا قصا ٻڌائي ٿو ته اهو ڪچڙو ٻچڙو جنھن اڃا هٿ جيترا سڱ مس ڪڍيا هئا، کيس ڪَن ڪِيٽا ڪري ٻُڌڻ لڳي ٿو ۽ هو چويس ٿو ته
پُٽ! تو ۾ هاڻي دير ناهي جو تون پيءُ ٿيڻ لئہ ٻوليءَ مٿان ٻلھارجڻ جي ڪندين، پر هڪ ڳالهه توکي ٻڌائي ڇڏيان:
هن جُوءِ ۾ ٻھڳڻي ٻولي ٻولڻ واري باقي هاڻ ڪا ڦاڙهي ناهي بچي. تر جي مڙني ڦاڙهن ۽ چنڪارن کي ماري ناس ڪيو اٿن. هوشيار ٿجانءِ تو جي هيڪر تن ڏانھن ڏٺو ته هو تيز تاءُ تنھنجي اکين ۾ اوتي توکي کيرو ڪندا… هوشيار ٿجان ڪو دلو توکي دلبو ڏيڻ لاءِ ڪُوڙي ٻولِي ٻولي متان توسان ڊوھُ ڪري، مڪار ماڻهن جا آواز ۽ انداز ئي منجهائن ٿا ۽ جڏهانڪر هتي هٿيار وڌيا آهن اسان بنا ڪو ڪڻو بچيو هوندو…
ڦاڙهو وڌيڪ کيس چئي ٿو ته “مون آرهڙ اونهاري ۾ آخري آواز تنھنجي ماءُ جو ٻڌو هو، ڇا ته ترنگ هو سندس تَن ۾، هن ڀيري سُڪي سياري ۾ ڪُنگو ٽارو ورلي ڏسڻ لئي مليو اٿم، جي ڪٿي ڪٿي ڏسان به ٿو ته سندس رنگ مان سا راحت نه ٿي مليم، جا اڳ ڌڻن سان گڏجي ماڻيندي ملندي هئي.
سندس پيءُ جي ٻولي ٻاجهاري ۽ اڻ تڻ واري هئي ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ صدين جي سرسبزي، پکين جا وڳر، هرڻن جون ڊوڙون، ٻيلن جا وڻ ۽ ناري جي وهندڙ لھرن جا آواز به ساڻس گڏ ڳالهائي رهيا هجن. هر جملي سان پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ته صرف جانور نه ماريا ويا آهن پر هڪ مڪمل ماحول، هڪ ثقافت ۽ هڪ جيئري تاريخ جو قتل ڪيو ويو آهي.
زبيده ميتلو جي ٻوليءَ ۾ عجيب جادو آهي. هوءَ ماحولياتي تباهي، سامراجي سازشن ۽ انساني حرص کي اهڙي فني مھارت سان ڪھاڻيءَ ۾ سمائي ٿي جو پڙهندڙ خود ان درد جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ جو هر منظر ايندڙ سانحي جي آگاهي ڏئي ٿو، پر پوءِ به دل چاهي ٿي ته شايد ڪو معجزو ٿي پوي شايد هي آخري وارثُ بچي وڃي.
پر پوءِ اوچتو اهو ٺڪاءُ ٿئي ٿو…
اهو ٺڪاءُ جيڪو رڳو بندوق جو آواز نه آهي. اهو صدين جي تاريخ جي ٽُٽڻ جو آواز آهي. اهو ناري جي آخري وارث جي ڇڙيُن جو آواز آهي. اهو فطرت جي دل ۾ لڳل گوليءَ جو آواز آهي ۽ جڏهن ڦاڙهو زمين تي ڪري ٿو، تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته رت ۾ ٻڏل اهو وجود ڪنھن هڪ جانور جو نه پر سڄي مَکيءَ جو آخري خواب آهي، جيڪو تڙپي رهيو آهي. ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس ايترو ڇرڪائيندڙ ۽ دردناڪ آهي جو پڙهندڙ ڪجهہ گهڙين لاءِ لفظن کان خالي ٿي وڃي ٿو بلڪل سُن ٿي وڃي ٿو ايئن لڳي ٿو ڄڻ اها گولي ڦاڙهي جي سيني مان نه پر پڙهندڙ جي روح مان آرپار گذري وئي هجي.
“مَکيءَ جا مالڪ” هڪ ڪھاڻي کان وڌيڪ، ماحولياتي سانحي، انساني بي حسي ۽ ڌرتيءَ جي وارثن جي قتل خلاف لکيل هڪ لازوال احتجاج آهي. اها ڪھاڻي ختم نه ٿي ٿئي، پر آخري سٽ کان پوءِ به پڙهندڙ جي اندر گهڻي دير تائين گونجندي رهي ٿي بلڪل ان گوليءَ جي آواز وانگر جيڪا اڃا تائين ناري جي ويران ڪنارن تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ اها هڪ گولي جيڪا رڳو ڦاڙهي کي نه پر سڄي تاريخ کي لڳي ٿي…
“اوچتو ٺڪاءُ ٿيو ڦاڙهو ڪريو ۽ سندس ٻچڙو وائڙو ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ بنا بي وس بيٺو ئي رهيو. ڀانيائين ٻي گولي ڇُٽڻ کان اڳ سندس ساھُ ويندو، پر کيس يڪدم لڳو ڄڻ هو بي ثباتيءَ جي ور چڙهيو هجي. کيس ڪو احساس ئي نه رهيو ته زندگي چوائيندڙ ڪا هستي سندس وجود ۾ موجود آهي به يا نه؟ هن کي لڳو ناري جي آخري وارث هيٺ ڪري رَتُ ۾ ٻُڏي آخري ڇڙيون پئي هنيون..”
مجموعي طور زبيده ميتلو جون ڪھاڻيون رڳو پنھنجي دور جي سماجي ۽ فڪري تاريخ جو دستاويز ناهن، پر اُهي انساني احساسن، مزاحمت ۽ شعوري بيداريءَ جي اهڙي تخليقي شاهدي آهن، جيڪي وقت جي حدن کان مٿانھيون ٿي، پڙهندڙ جي ذهن ۽ دل تي گھرو نقش ڇڏين ٿيون. هن پنھنجي ڪردارن، منظرن ۽ واقعن وسيلي سنڌي سماج جي انھن لڪل پاسن کي به آواز ڏنو آهي، جيڪي گهڻو ڪري خاموشيءَ جي دز هيٺ دٻيل رهيا هئا. سندس قلم محرومين جي درد کي لفظن جي وقار سان پيش ڪيو ۽ احتجاج کي جمالياتي اظھار ۾ بدلائي ڇڏيو…
زبيده هنن ڪھاڻين ۾ نه صرف نوَن رنگن ۽ نوَن فني پاسن سان سامھون آئي آهي پر ڪھاڻين جي احساساتي گھرائي، فني پختگي ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي سگهه انھن کي تخليقي عروج تائين پھچائي ڇڏيو آهي.
اُنهيءَ ڪري زبيده ميتلو کي صرف هڪ ڪھاڻيڪاره طور ياد ڪرڻ سندس ادبي قد کي محدود ڪرڻ ٿيندو، هوءَ دراصل سنڌي افسانوي ادب جي ان روشن روايت جي نمائنده تخليقڪار آهي، جنھن ادب کي زندگيءَ سان جوڙيو، انسان سان گڏ جانور کي به مرڪز بڻايو ۽ سچ کي فن کي بلندي بخشي. جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ارتقا، ان جي فڪري سفر ۽ سماجي شعور جي نئين تاريخ لکبي، تہ زبيده ميتلو جو نالو بہ ان ۾ سگهاري ۽ باوقار آواز طور رقم ٿيندو، جنھن پنھنجي دور جي نبض تي هٿ رکندي ايندڙ نسلن لاءِ به فڪر ۽ احساس جا نوان در کوليا آهن.
