Homeادبڪالمدل جي ڊائري: پنھنجو خالق پاڻ ٿيڻ جو آرٽ

دل جي ڊائري: پنھنجو خالق پاڻ ٿيڻ جو آرٽ

هوءَ ميڪسيڪو ۾ ڄائي ته هڪ مُڪمل جسم سان هئي، پر ستن سالن جي عُمر ۾ پوليو ۽ ارڙهن سالن جي عُمر ۾ هڪ خطرناڪ بس حادثي سندس جسم کي اهڙيءَ طرح معذور ڪري ڇڏيو، جو سڄي زندگي جسماني تڪليف، محرومي ۽ اڻپوري هجڻ جو احساس سندس سنگتي بڻجي ويو. پر هُن پنھنجي ٽُٽل ۽ معذور جسم کي پنھنجي آخري سچائي ٿيڻ نه ڏنو.
هُن ڪينواس کنيو، بُرش کنيو ۽ پاڻ کي ٻيھر تخليق ڪرڻ شروع ڪيو.

هر Self-Portrait ۾ هوءَ رڳو پنھنجو چھرو نه ٺاهيندي هئي؛ هوءَ حادثن ۾ پنھنجي وڃايل وجود کي ٻيھر ترتيب ڏيندي هئي… (ڄڻ هوءَ پنھنجو خالق پاڻ بڻجي ويئي هئي) ڪٿي هوءَ زخمي هئي، ڪٿي اڌوري، ڪٿي مضبوط، ڪٿي اُداس، ڪٿي رنگن، گلن ۽ جانورن جي وچ ۾ بيٺل… پر هر تصوير ۾ هوءَ پنھنجي جسم کان اڳتي نڪري، پنھنجي هڪ اهڙي مُڪمل صورت تخليق ڪندي هئي، جيڪا حقيقت کيس ڪڏهن نه ڏئي سگهي هئي.
فريدا ڪاهلو اُها عورت هئي، جنھن درد مان مُصوري ڪئي. هُن رڳو زندگي نه گُذاري پر پنھنجي هر زخم کي هڪ شاهڪار ۾ بدلائي ڇڏيو.
هي تصويرون رڳو فريدا ڪاهلو جون تصويرون ناهن؛ اُهي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ٽٽل جسم اندر به هڪ بي خوفُ رُوحُ جيئرو رهي سگهي ٿو.
هن کي ڏسو:

وارن ۾ گُل، آڱرين ۾ مُنڊيون، چھري تي هٿ، حُسن ۽ اُداسي ڄڻ هڪ ئي ساھَ ۾ گڏ هجن…

بستري تي پنھنجي ننڍڙي ڪُتي سان ليٽي پئي آهي، جسم ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو پر هُوءَ پوءِ به تخليق ڪندي رهي ٿي…

گُلن سان سينگاريل ڀِت اڳيان ٻانھون ٻَڌي ڪئميرا ڏانھن اهڙي سڌي نظر سان ڏسي ٿي، ڄڻ کيس اڳ ئي خبر هجي ته تاريخ کيس وسارڻ واري ناهي…

دريءَ ڀرسان سندس پروفائيل، مٿي تي تاج وانگر ٻَڌل ٻه چوٽيون، اکيون بند، ڄڻ هوءَ ڪو اهڙو آواز ٻُڌي رهي هجي جيڪو اسان مان ٻيا ٻُڌي نه ٿا سگهن…

ڪئنواس اڳيان ويٺل، هٿ ۾ برش، ان درد جي باوجود مُصوري ڪري رهي آهي، جيڪو ڪڏهن سندس وجود کان جدا نه ٿيو…

هٿ ۾ پستول، بي پرواھ، بي خوف ۽ ناقابلِ شڪست…
هُن سڀ ڪُجهه رنگن ۾ اوتي ڇڏيو.
۽ ائين ڪندي هن دنيا کي هڪ نھايت طاقتور سبق سيکاريو:
توهان ٽُڪرن ۾ ورهائجي سگهو ٿا پر پوءِ به هڪ شاهڪار ٿي سگهو ٿا.
بلڪل… فريدا ڪاهلو لاءِ مصوري رڳو آرٽ نه هئي؛ اها پنھنجي وجود کي ٻيھر حاصل ڪرڻ جو عمل هئي…
جيڪو جسم حادثن ۾ اڌورو ٿي ويو هو، تنھن کي هُن رنگن سان مڪمل ڪيو؛ جيڪي حصا وقت ۽ حادثي کان وڇڙي ويا هئا، تن کي هن ڪينواس تي ٻيھر جوڙيو ۽ گڏ ڪيو ۽ هر Self-Portrait ۾ فريدا پاڻ کي اهو ئي چئي رهي هئي:
“جيڪو جسم مون کان زندگي کسي سگهي ٿي، اهو منھنجو وجود نه ٿو ٿي سگهي.”
هن پنھنجن زخمن کي لڪائڻ بدران انھن کي جماليات بڻايو، پنھنجي درد کي تصوير بڻايو ۽ پنھنجي اڻپوري جسم ۾ هڪ مڪمل فنڪار کي جنم ڏنو. ان ڪري ئي فريدا ڪاهلو جا Self-Portraits پاڻ کي ڏسڻ کان وڌيڪ پاڻ کي ٻيھر ٺاهڻ ۽ نئين سر ترتيب ڏيڻ جون تصويرون آهن…

هن 1940ع ۾ اها تصوير ٺاهي، جيڪا بعد ۾ نيلاميءَ ۾ ڪنھن عورت جي ٺاهيل سڀ کان مھانگن فن پارن مان هڪ بڻجي وئي، اها پينٽنگ 54.7 ملين ڊالرن ۾ وڪرو ٿي هئي.
1984 ۾ ميڪسيڪو حڪومت فريدا ڪاهلو جي فنپارن کي قومي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ۽ اُنھن کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي.
1990 ۾ فريدا جي پينٽنگ Diego and I پھريون اهڙو فن پارو بڻجي وئي، جيڪو ڪنھن لاطيني آمريڪي فنڪار جو هجي ۽ هڪ ملين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ قيمت ۾ وڪامي.
2001 ۾ فريدا ڪاهلو آمريڪي پوسٽل اسٽيمپ تي نظر ايندڙ پھرين هسپانڪ عورت بڻي…
1958 ۾ لا ڪاسا ازول کي فريدا ڪاهلو ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو، جيڪو اڄ ميڪسيڪو سٽي جي مشھور ترين عجائب گهرن مان هڪ آهي.
2002 ۾ فريدا ڪاهلو جي زندگيءَ تي هڪ فلم Frida رليز ٿي، جنھن ۾ سلما ھائيڪ
اداڪاري ڪئي ۽ جولي ٽيمور هدايتڪار هئي. ڇا ته منفرد فلم ٺاهي وئي آهي بلڪل فريده جي زندگيءَ جھڙي ۽ سلما هائيڪ جي اداڪاري به ڪمال آهي. فلم کي بھترين ميڪ اپ ۽ بھترين موسيقيءَ جا ٻه آسڪر ايوارڊ مليا.
اها حقيقت آهي ته فريده پنھنجي شديد درد کي پنھنجي فن ۾ بدلائي ڇڏيو هو. ڪُجهه ماڻهو درد کان بچڻ لاءِ پاڻ کي پردن ۾ لڪائيندا آهن، ۽ ڪجهه ماڻهو درد کي ايترو ويجهو آڻيندا آهن جو نيٺ اهو سندن فن بڻجي ويندو آهي.
فريدا ڪاهلو انھن ئي ماڻهن مان هڪ هئي. هُن زندگيءَ کان رڳو زخم نه ورتا، هُن انھن زخمن کي رنگ ڏنا، انداز ڏنا، چھرا ڏنا، ڪھاڻيون ڏنيون.
هن جي وارن ۾ گُل هئا پر انھن گلن جي پاڙن ۾ درد هو… آڱرين ۾ لاتعداد مُنڊيون هيون، پر هٿن ۾ جسم جي تڪليف جو وزن به هو.
چھري تي هٿُ رکيل هو ڄڻ دنيا کان ڪجهه لڪائڻ چاهيندي ھجي، پر سندس اکيون سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيون هيون.
هوءَ بستري تي به مصوري ڪندي رهي.
جڏهن جسم بيھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏهن به سندس روح برش کي هٿ مان ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيو.
هن پنھنجون جاڙيون ڀرون نه لڪايون،
پنھنجو پلستر نه لڪايو،
پنھنجي اڪيلائي نه لڪائي،
پنھنجو عشق، پنھنجي معذوري، پنھنجو ٽٽڻ، پنھنجو عورت هجڻ، ڪجھ به نه لڪايو…
شايد ان ڪري فريدا ڪاهلو جي تصوير ڏسندي اسان کي رڳو هڪ عورت نظر نه ٿي اچي، پر اسان کي هڪ اهڙو وجود نظر اچي ٿو جيڪو پنھنجي جسم جي قيد مان به پنھنجي روح کي آزاد رکڻ ڄاڻي ٿو.
هوءَ ڄڻ چئي رهي هجي:
“مون کي مڪمل ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مان پنھنجي وجود جي ٿيل ٽڪرن سميت به مڪمل آهيان.”
۽ شايد فن جي سڀ کان خوبصورت تعريف به اها ئي آهي ته پنھنجي اندر جي زخمن کي ايتري ايمانداريءَ سان دنيا اڳيان رکجي، جو ٻيا ماڻهو انھن ۾ پنھنجا زخم سڃاڻي وٺن…
فريدا ڪاهلو پنھنجي درد کي لڪايو نه، پر هُن ان کي ڪينواس تي چِٽيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ٽُٽل جسم به شاهڪار ٿي سگهي ٿو ۽ زخمي روح به تاريخ لکي سگهي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن زندگي اسان کي ٽوڙي ٿي ته جيئن اسان پاڻ کي نئين صورت ۾ تخليق ڪري سگهون ۽ فريدا ڪاهلو جي اصل خوبصورتي به اها ئي هئي ته هُوءَ پنھنجي درد جي تصوير نه هئي، هُوءَ پنھنجي درد مان پيدا ٿيل فن هئي.
فريدا ڪاهلو پنھنجي پاڻ جون پينٽنگز Self-Portraits وڏي تعداد ۾ ٺاهيون ۽ اهي ئي سندس فن جي سڀ کان مشھور سڃاڻپ بڻجي ويون.
هوءَ پنھنجي چھري ۽ جسم کي رڳو ظاهر جي تصوير طور نه ٺاهيندي هئي، پر هر Self-Portrait ۾ پنھنجي زندگيءَ جي ڪا ڪيفيت، درد، محبت، ڏک، سڃاڻپ يا اندروني احساس به شامل ڪندي هئي.
مثال طور:
Self-Portrait with Thorn Necklace and Hummingbird. پاڻ کي ڪنڊن جي هار، پکين ۽ فطرت سان گڏ ڏيکارڻ
هِن پينٽنگ ۾ سندس ڇاتيءَ تي هڪ مئل همنگ برڊ لٽڪي رهيو آهي.
ميڪسيڪو ۾ همنگ برڊ کي محبت ۾ خوش قسمتيءَ جي تعويذ طور پاتو ويندو هو، پر سندس همنگ برڊ مُئل آهي ۽ پوءِ به هوءَ ان کي ڳچيءَ ۾ پائي ٿي. هُن اها تصوير نڪولس موري لاءِ ٺاهي هئي؛ اهو فوٽوگرافر، جيڪو ڏهن سالن تائين ساڻس محبت ڪندو رهيو هو ۽ هاڻي اهو رشتو به ختم ٿي چڪو هو.
Self-Portrait as a Tehuana
پاڻ کي روايتي ميڪسيڪن لباس ۾
پيش ڪرڻ.
Self-Portrait with Monkeys
پاڻ سان گڏ ڀولڙن کي ڏيکارڻ.
اهي ڀولڙا جيڪي ڊياگو کيس ڏنا هئا، جنھن جو هٿ ڄڻ ڪنڊن واري هار کي ڇڪي ان کي وڌيڪ ڪَسي رهيو آهي.
The Two Fridas
هڪ ئي فريم ۾ فريدا جا ٻه روپ؛ سندس اندروني ۽ جذباتي ورهاست جي علامتي تصوير آهن.
خاص ڳالهه اها آهي ته فريدا پنھنجي زندگيءَ ۾ 55 جي لڳ ڀڳ Self-Portraits ٺاهيا، جيڪي سندس ڪُل فن جو وڏو حصو آهن.
فريدا ڪاهلو پنھنجي چھري کي ڪينواس بڻايو. سندس ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڏو راز اهو ناهي ته هن ايترا Self-Portraits ڇو ٺاهيا؟؟؟
اصل سوال اهو آهي ته هوءَ هر ڀيري پنھنجو پاڻ کي ٻيھر ڇو ٺاهيندي رهي؟؟؟
شايد ان ڪري جو زندگيءَ هن کان جسم جو ڪجهه حصو کسي ورتو هو، پر هوءَ زندگيءَ کي پنھنجي وجود تي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي.
هُن برش کنيو ۽ زندگيءَ کي چيو:
“تون منھنجو جسم تبديل ڪري سگهين ٿي،
منھنجو چھرو زخمي ڪري سگهين ٿي،
منھنجي هلڻ جي آزادي کسي سگهين ٿي،
پر منھنجو وجود تنھنجي ملڪيت ناهي.”
۽ پوءِ هوءَ هر ڪينواس تي پاڻ کي ٻيھر جنم ڏيندي رهي، ٻيھر پنھنجي تڪميل ڪندي رهي.
اها فريدا، جيڪا دنيا جي ڏنل جسم کان پنھنجي تخليق ڪيل وجود کي وڌيڪ سچو سمجهندي هئي.
شايد ان ڪري فريدا جي Self-Portrait کي ڏسڻ جو صحيح طريقو اهو ناهي ته اسان پڇون:
“فريدا ڪھڙي نظر اچي ٿي؟”
بلڪ اسان کي پڇڻ گهرجي:
“فريدا پاڻ کي ڪھڙي صورت ۾ ڏسڻ چاهي ٿي؟”
۽ هتي اچي فريدا ڪاهلو جي فن جو سڀ کان وڏو جادو شروع ٿئي ٿو…
هوءَ تصوير ۾ پاڻ کي ڏسي نه رهي هئي؛
هوءَ تصوير ۾ پاڻ کي تخليق ڪري رهي هئي.
حادثي کان پوءِ فريدا کي زندگيءَ هڪ اهڙو جسم ڏنو، جنھن ۾ هوءَ قيد هئي؛
پر هن مصوريءَ وسيلي پنھنجي لاءِ هڪ اهڙي آزاد دنيا ٺاهي جتي جسم جا سڀ قانون ختم ٿي ويندا هئا ۽ فريدا جو سڀ کان وڏو Self-Portrait ڪو هڪ ڪينواس نه هو سڄي فريدا ڪاهلو ئي سندس آخري Self-Portrait هئي.
هن پاڻ کي رنگن سان ٺاهيو،
درد سان گَهڙيو،
محبت سان ٽوڙيو،
اڪيلائيءَ سان ٻيھر جوڙيو،
۽ آخر ۾ اهڙي فريدا بڻجي سامھون آئي، جنھن کي دنيا هاڻي ٽٽل جسم جي نالي سان نه پر آرٽ جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
هُن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو شاهڪار ڪا هڪ تصوير نه هئي، پر شاهڪار هوءَ پاڻ هئي، جنھن پنھنجي ٽٽل جسم کي پنھنجي آخري سچائي ٿيڻ نه ڏنو ۽ “پنھنجو خالق پاڻ ٿيڻ” جو مطلب به اهو ئي آهي ته جڏهن زندگي اوهان کي پنھنجي مرضيءَ جي شڪل ڏيڻ لڳي، تڏهن اوهان برش کڻو ۽ پنھنجي لاءِ پاڻ هڪ نئين شڪل تخليق ڪريو. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان کي خدا کان نئين زندگي گهُرڻ بدران پنھنجي اندر ئي اهو فنڪار پيدا ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو کيس ٻيھر تخليق ڪري.
فريدا ڪاهلو شايد انھيءَ ڪري اڄ به زنده آهي. ڇو ته هن پنھنجي تصوير نه ٺاهي، هُن پنھنجي وجود کي ئي هڪ تصوير بڻائي ڇڏيو هو.!!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا