Homeسنڌاداراسيني تان هٿ هٽائي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي سار لھو!

سيني تان هٿ هٽائي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي سار لھو!

سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ (AMBILE) جي باني ڊائريڪٽر(جيڪو هن صديءَ جو وڏو حوال ثابت ٿيو) جي فيس بڪ تي براههِ راست نشر ٿيل ”مجلس“ کان پوءِ اڌ قوم جا ”سيني تي هٿ“ اچي ويا هئا، صفِ ماتم وڇائجي وئي هئي، سو هاڻي ڪنھن کي ياد بہ ناھي. ان کان پوءِ اڳتي ڇا ٿيو؟ نه ڪنھن پڇا ڪئي، نه اصل ڌڻين کي ئي ان جي ڪا ڳڻتي ڏٺي وئي. سرڪار ميار لاٿي، ماڻهو ٻين ڪمن تي چڙھي ويا. الا الا، خير صلا.
شديد ويسر ۾ مبتلا ۽ سنڌي ٻوليء جي ترقيءٓ لاءِ شديد فڪرمند رهندڙن کي ياد ٿو ڏيارجي ته ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ کي اٽڪل ٻن مھينن تائين بنا ڪنھن سربراهه جي هلايو ويو، ثقافت کاتي جي انتظامي نگرانيءَ ۾ هلندڙ ادارو ٻن مھينن تائين کانئن وسريل هو. وري به شابس هجي ڪرسيءَ جي شوق ۾ تازي مبتلا ٿيل سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي انتظامي ڪاروبار هلائيندڙ همراهه کي جنھن وڃي وزير کي ياد ڏياريو ۽ پاڻ لاءِ هڪڙي ٻي ڪرسي به سيري آيو. هڪ ڀيرو ٻيھر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ قاعدي ۽ قانون مطابق طئي ٿيل اهليت واري ڊائريڪٽر کان محروم رهيو. ڪٿي ڪمپيوٽيشنل ۽ مشيني ذهانت جا معاملا ۽ ڪٿي اضافي چارج واري سائين جي فيلڊ مبارڪ. اضافي چارج وارو آرڊر پڙهي ڪنھن ظالم چيو، هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل هر حوالي سان محفوظ هٿن تائين پھتو.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي بنا ڪنھن تحريري آرڊر ذريعي رکيل ملازمن کي گذريل ٻن مھينن جي پگهار به نه ملي ۽ هو بنا ڪنھن هدايتن ۽ نگرانيءَ جي آفيس ايندا ۽ ڪم ڪندا رهيا. جي هو اچڻ ڇڏي ڏين ها ته اداري کي تالو لڳل هجي ها ۽ جنھن ملازم وٽ تالي جي چاٻي هجي ها، اهو پريشان هجي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي اها چاٻي ڏيان ڪنھن کي يا رکان ڪٿي!؟
سنڌ ۾ مجموعي مزاج شايد شاعراڻو وڌيڪ آهي، حقيقتن کان وڌيڪ پنھنجين پاليل خوش فھمين کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ انهن ئي خوش فھمين ۾ جيئڻ کي شاهوڪاري سمجهيو ويندو آهي. اهڙي ڪيفيت کي سادي انداز ۾ ديواني جو خواب به چيو ويندو آهي. حقيقتون مھانگيون ۽ خوش فھميون ۽ خواب سستا جو ٿيندا آهن.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سنڌ ۾ سنجيدگي ۽ انتظامي نااهليءَ جو هڪڙو اعليٰ مثال آهي، جنھن جي معاملن جي گھرائيءَ ۾ وڃي پرکي سگهجي ٿو ته اسان وٽ شور ڪري ۽ ڪرائي ڪيئن حقيقتون لڪايون ۽ گهمايون وينديون آهن. انهي مثال لاءِ به وري ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي حالت زار سان رجوع ڪرڻو پوندو.
وڏين دعوائن سان هلندڙ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۾ ايستائين ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪھڙو ڪم ٿيو آهي، ان بابت امر فياض صاحب فيس بڪ جي براه راست نشريات ۾ ٻڌائي ويو آهي، پر سائين جي دعوائن ۽ حقيقتن وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي، ان کي ماپڻ لاءِ انجنيئرنگ جي هڪ نئين اداري جوڙڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ٻولي حڪمرانن ۽ رياست جي ترجيح نه رهي آهي. اها ڳالهه ماضيءَ ۾ تحريڪن ۽ تحريرن وسيلي سامهون ايندي رهي آهي، پر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ويجهي ماضيءَ جو سڀ کان وڏو مثال آهي. اداري کي قائم ڪرڻ کان وٺي ان کي بنا ڪنھن مستقل ڊائريڪٽر ۽ اسٽاف جي مقرري ۽ نگرانيءَ جي هلايو ويو، اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا اجلاس ڪرائڻ ۽ انهن مان انتظامي ۽ نالي معاملن جي منظوري وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي. موجود رڪارڊ مطابق سنڌ اسيمبليءَ پاران اداري جي جوڙجڪ جي حوالي سان موجود قانون ۽ طريقئہ ڪار سان رجوع ئي ناهي ڪيو ويو. پگهارن جو وچور ۽ حساب ڪتاب کي ئي رڳو کڻبو ته پتو پئجي ويندو ته هيءُ ادارو ڪيئن هلايو ويو آهي. اداري جو تدريسي ۽ تحقيقن ادارن سان رابطو رکڻ لاءِ امر فياض صاحب کي جيڪا ذميواري ڏني وئي هئي، ان کي پهرين لڳ ڀڳ ٽن لکن تائين جي پگهار ڏئي آخر ۾ چاليھه هزار رپين تائين بيھاريو ويو. هن دور ۾ 40 هزار رپين جي پگهار تي ڪم ڪندڙ ڪو ماهر سنڌي ٻوليءَ کي ڪھڙي ترقي ڏياري سگهندو، سرڪار جو ان سان ڪو واسطو نه آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ بابت سرڪار جي سنجيدگي ان پگهار جيتري ئي تصور ڪرڻ گهرجي
سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر ۽ لاڳاپيل شعبن جا ڪيترا ماڻهو اداري جي فيصلي سازيءَ ۽ ڪم سان جڙيل آهن، رڳو ان جا حوالا ڪڍبا ته آڱرين ۾ ڏند پئجي ويندا(قصو ڏندين آڱريون کان اڳتي آهي ان ڪري).

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا