Homeسنڌنيوز اسٽوريجنگ خلاف آرٽ

جنگ خلاف آرٽ

سارنگا
سارنگاhttps://sarangaa.org
سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

دنيا جھان جا آرٽسٽ ايران-آمريڪا-اسرائيل جنگ خلاف مسلسل لکي، ڳالهائي ۽ پينٽنگس ٺاهي رهيا آهن. کي ”جنگ مخالف فن“ سڏيو وڃي ٿو. هن وقت دنيا ۾ اڻ ڳڻيا آرٽ جا فورم هن جنگ کي تباهڪاري ۽ انساني زندگين سان قبيح راند سڏين ٿا. خاص طور آمريڪي پاليسين تي آرٽسٽ زبردست تنقيد ڪري رهيا آهن. ميڪسيڪو جو هڪ ناليوارو مصور ڊائيگو مارشل ريوس پڻ جنگ خلاف مختلف پينٽنگس ٺاهيون آهن، جن ۾ پنج ڏينھن اڳ هن جي ٺاهيل پينٽنگ ”نو ايران وار“ ڪافي مقبول ٿي آهي.

جنگ خلاف آرٽ

پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هيءَ پينٽنگ ونڊيندي، هن لکيو آهي:” سياسي فن تي ٻڌل هي تازو ڪم ٽرمپ پاران ايران لاءِ شروع ڪيل فوجي سرگرميءَ بابت منھنجو ردعمل آهي. ايران تي بمباري ڪرڻ ۽ ان کي تباهه ڪرڻ واري ٽرمپ جي فيصلي کي آمريڪي ڪانگريس يا ٻين سياسي گروپن منظور ناهي ڪيو. …اسانکي ايران خلاف وڌيڪ فوجي ڪارروائيءَ خلاف مزاحمت ۽ احتجاج ڪرڻ گهرجي. مھرباني ڪري، احتجاج ڪريو. هن سياسي پينٽنگ کي ڪٿي به ٻيھر پيش ڪرڻ چاهيو، ته مان مڪمل اجازت ڏيان ٿو.“

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا