Homeسنڌنيوز اسٽورياڀرندڙ گلوڪاره آمنہ خان جي معصوم آواز ۾ علي صفدر جو غزل...

اڀرندڙ گلوڪاره آمنہ خان جي معصوم آواز ۾ علي صفدر جو غزل وائرل

سارنگا
سارنگاhttps://sarangaa.org
سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

نامور نوجوان گلوڪاره آمنہ خان پاران ڪينسر وگهي گذاري ويل نامور نوجوان شاعر علي صفدر جو غزل سوشل ميڊيا تي وائرل. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سميت بيشمار اديبن، شاعرن ۽ آرٽسٽن پاران شيئر ڪيو ويو. آڊيو ليب پاران آمنہ خان جي بنا سازن جي ڳايل غزل کي ھڪ ئي ڏينھن ۾ سوين ماڻهن ونڊيو ۽ لکين ماڻهن پاران ٻڌو ويو آهي. خبر موجب تازو ئي ڪينسر ۽ غربت سبب گذاري ويل خوبصورت ۽ مشھور نوجوان شاعر علي صفدر جو غزل “گڏيءَ جي لئي ٻه ٽي جوڙا، گڏي لئي چنگ وٺيو ايندس، ابا سان جي شھر ويندس، ننھن جو رنگ وٺيو ايندس” ميرپورخاص سان لاڳاپيل نامور نوجوان راڳي آمنہ خان پنھنجي معصوم ۽ پرسوز آواز ۾ ڳايو ۽ آڊيو ليب ان کي جيئن ئي سوشل ميڊيا جي فورمن تي شيئر ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي اھو وائرل ٿي ويو ۽ لکين ماڻهن ان کي پسنديدگيء جو اظھار ڪيو. ھن گيت کي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پڻ پنھنجي وال تي شيئر ڪيو. جڏھن ته منوج ڪمار، حاجي ساند، اسحاق سميجو، گلشن لغاري، عائشه ڌاريجو، فائزه ايوب، امر اقبال، امام علي ڏيٿو، آزاد انور ڪانڌڙو ، ستار زنگيجو ۽ ٻين سوين شاعرن اديبن ھن گيت کي ونڊيو آھي. گيت بابت منوج ڪمار لکيو “ھيءَ آھي سنڌي شاعري پنھنجي پوري پيڙا ۽ پنھنجي پوري سگھ سان. ھيءُ آھي سنڌي آلاپ پنھنجي پوري سادگي ۽ پنھنجي پوري درد سان. خبر ناهي ڇو ٻڌندي منھنجيون اکيون ڀرجي آيون.”
گيت شيئر ڪرڻ سان گڏ نامور شاعر حاجي ساند پنھنجي نوٽ ۾ لکيو “يار ! اڄ علي الصبح جيئن ف ب کوليو اٿم هي وڊيو سامهون آئي آهي ڇا ته شاندار ماڻهو هئا، ڇا ته تن جا خيال هئا، ڇا ته سندن احساس هئا جن جون خواهشون به ڪيتريون ننڍڙيون پر سهڻيون هيون. هنن کي ته ابا سان گڏ بازار مان به رڳو گڏين لاءِ ٻه ٽي ڪپڙن جا جوڙا ۽ گڏن لاءِ چنگ وٺڻ جي خواهش هئي. هنن کي ته ٿر لاءِ ٻه ٽي ڪاريون ڪڪريون ۽ هڪڙو سارنگ وٺڻ جي تمنا هئي.
اڙي حڪمرانو !
اوهان هنن معصوم ماڻهن جي علاج جي سهولتن جا پئسا به کائي ڇڏيا اوهان هنن جي ٻچن جي اکين کان اها آسيس ئي کسي ڇڏي جيڪا هنن لاءِ جيئڻ جا ڍنگ خريد ڪرڻ جي خواهشمند هئي.
هي اهي ماڻهو هئا جيڪي اوهان جي وطن جي حسن جا چارڻ ۽ اوهان جي وطن جي دردن جا نوحه خوان هئا.”
بھرحال جي گيت سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رھيو آھي.

Author

  • Sarangaa اڀرندڙ گلوڪاره آمنہ خان جي معصوم آواز ۾ علي صفدر جو غزل وائرل

    سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
    هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا