Homeادبڪٿاآتم ڪٿا مان ھڪ ورق

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق

عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ جو نثر روايتي ڍنگ کان مختلف آهي. هن جي سوچ، هٿ ۽ قلم هڪ ئي لڙي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن سندس ذهن ۾ خيال جنم وٺن ٿا، تيئن ئي قلم پاڻمرادو انهن کي لفظن جي صورت ڏئي ٿو. ذهن کي هڪ طرف ۽ قلم کي ٻي طرف رکڻ، عزيز گوپانگ جي اندازِ تحرير سان ٺهڪندڙ نٿو لڳي. هن ڪتاب ۾ مجموعي طور 18 خاڪا ۽ 14 تاثرات شامل ڪيا ويا آهن.

منھنجا وڏا تپ
دستگير
۽ ادا غلام محمد

آئون ننڍي ھوندي، وڏي تپ ۾ اڪثر ويڙھيو پيو ھوندو ھوس.
مون کي پنھنجو ننڍپڻ ۽ وڏا بخار گڏ ياد ايندا آھن.
ھلڪا ڦلڪا بخار ته منھنجي ليکي ۾ ئي ڪونه ھوندا ھئا، البت ٽائفائيڊ، جنھن کي وڏو تپ چوندا ھئا، سو ذري گهٽ ماري وجھندو ھئو.
ھر ٻار جي طبيعت مختلف ٿئي ٿي، ڪي بخار ۾ ڪنجهندا ڪُڻڪندا آھن، ڪي امان جِيجان ۽ بابا جيجان ڪري پيا ماءُ پيءُ کي سڏيندا آھن، ته ڪي وري روئندا رڙندا آھن. مگر آئون ائين ڪونه ھوندو ھوس.
آئون ڇَپُ ھڻي سمهيو پيو ھوندو ھوس.
تڪليف ۾ ڇَپُ ھڻي سمهي رھڻ واري عادت مون ۾ تڏھن کان ئي پيل آھي.

منھنجي بخارجڻ تي امان پريشان ٿي ويندي ھئي.
کيس خبر ھوندي ھئي ته، حيدر ڪريو ته ڏکيو اٿندو.
اھڙي صورت ۾ ھو سُنڍ گهوٽي، ڪپڙي جي پَٽين ۾ ڦٻائي، منھنجي ھٿ ڪاراين ۾ ٻڌندي ھئي، ھلڪي ڳڙ وارو ڏارو يا رٻ رڌي کارائيندي ھئي.
بخار ۾ مون کان کائڻ پيڻ صفا ڪونه پڄندو ھئو.
امان چوندي ھئي ته، انُ ايمان آ، کائيندين ته اٿندين.
اھڙي آسري ۾ ۾ ڏاري يا رٓٻ جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري ويندو ھوس.
خالي پيٽ جون الٽيون آنڊن ۾ وڍٓ وجهنديون ھيون.
بابا ته نوڪري سانگي سدائين ٻاھر ھوندو ھئو.
امان، مون کي ۽ منھنجي اگهائيءَ کي ھڪ ئي وقت ڏسندي ھئي. ھونئنءَ به اگها پٽ مائرن، ۽ سگها پيئرن جي حصي ۾ ايندا آھن.
مون اڌ ٻاروتڻ جھڙوڪ وڏي تپ ۾ گذاري ڇڏيو.

ڀانيان ٿو، سانگهڙ جي پي. سي اسڪول ۾ چوٿون يا پنجون درجو پڙھندو ھوس. تڏھن بابا، بي. ٽي ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ھئو. انھن ڏينھَن به ساڳئي وڏي تپ اچي مون کي ورايو.
تڏھن سانگهڙ ۾ ٻه نالي وارا ڊاڪٽر، جنرل پريڪٽس ڪندا ھئا.
ھڪڙي جو نالو ھئو ڊاڪٽر محمود احمد راجپوت ۽ ٻيو ھوندو ھئو ڊاڪٽر ڀاڳچند.
ڊاڪٽر محمود وٽ شھر ۽ ڊاڪٽر ڀاڳچند وٽ ٻھراڙيءَ جا مريض لٿل ھوندا ھئا.
امان مون کي واري واري سان ٻنهي ڊاڪٽرن ڏانھن وٺي ويندي رھي، مگر بخار گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه پَئي ورتو. ھڏڙن جي ھڙ ته اڳ ۾ ئي ھوس، سانده بخار جي ڪري وڃي ھڏڙن جي مُٺ بچيس.
آئون جڏھن به بيمار ٿيندو ھوس ته امان دستگير کي سڏيندي ھئي. مون کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھٿن مان ويندو ڏسي، امان زور زور سان دستگير کي سڏ پَئي ڪيا.
ائين ئي ھڪ ڏينھن مون کي زور ڏيندي رُني به پَئي ۽ دستگير کي به پَئي سڏيائين ته اوچتو دروازو کڙڪيو، امان ڊڪي دروازو کوليو ته ٻاھران کان، ادا غلام محمد اندر داخل ٿيو.

غلام محمد اسان جي وڏي مامي دُرمحمد جو پٽ ھئو، جنھن کي اسان ٻار ”ادا غلام محمد“ ڪري ڪوٺيندا ھئاسين!
ادا غلام محمد تلوار ڪٓٽ مڇون رکندو ھئو.
وارن کي گل جي صورت ڏيئي، نرڙ مٿان واريندو ھئو.
سمر ۽ بوسڪيءَ جا ڪپڙا شوق سان اوڍيندو ھئو.
وارٓ ڪٓڪا ۽ اکيون نيريون ھونديون ھئس.
ھُو ھلندي ڦرندي محمد رفيع جا ڳايل ڪلام جهونگاريندو رھندو ھئو.
”چل اڑ جا رے پنچھی، که اب ديس هوا بيگانه“ اڪثر سندس زبان تي ھوندو ھو.
ھُو انهن ڏينھن ۾ دلشاخ جي ڪنھن مڱرئي ذات واري وڏيري جو ٽريڪٽر ھلائيندو ھئو. وڏيري کي ھُو ڀوتار ڪري پڪاريندو ھئو.

کيس ڏسي امان روئڻ لڳي.
ھن امان کان روئڻ جو سبب پڇيو.
امان کيس بنان ڪجهه ٻڌائڻ جي مون ڏانھن اشارو ڪيو.
ھن وڌي منھنجي نرڙ تي ھٿ رکيو. سندس ھٿ ۽ دل کي ھڪ جھڙو تاءُ آيو.
ھو ويٺو به ڪونه، اڳيان وڌي مون کي ڪلهي ڀر کڻي وٺي شھر ڀڳو. امان سندس پويان نه، کائونس ٻه وکون اڳيان پئي وئي.
پل کن ۾ ئي اسان، ڊاڪٽر فضل الرحمان جي اسپتال ۾ ھئاسون. ڊاڪٽر فضل الرحمان عطائي ڊاڪٽر ھئو. ننڍي ڪاري ڏاڙھي ۽ ٿلهي جسامت واري ھن ڊاڪٽر مون کي ڌيان سان تپاسيو. دوا ڏني ۽ گهر روانو ڪيو.
مون سندس دوا جو ھڪڙو ”وزم“ ئي کاڌو، جو بت ۾ ساهه پوڻ لڳو. ٻن ٽن ڏينھن ۾ ئي اٿي کڙو ٿيس. بخار لٿو ته امان کان پڇيم:
”امان دستگير ڪير آ“
چيائين
”غلام محمد..“

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا