آتم ڪٿا مان ھڪ ورق
سانگهڙ شھر منھنجي اندر ۾ سُرندي وانگر وڄندو رھي ٿو. ھن شھر جي ويراني ڪيڏي نه آباد ھئي.
پنھورن جي ڳوٺ کان شروع ٿيندڙ ھي شھر مَنُو پير تائين پورو ٿي ويندو ھئو.
مَنُو پير جو ديوانو سانگهڙ جي پراڻن ماڻهن کان مشڪل وسريو ھجي. پنھنجو سڄو بت ڳرين ۽ مضبوط زنجيرن سان ٻڌي رکندو ھئو. جُسو جاءِ تي ڪونه ھوندو ھوس. ھونئن به ديوانا پنھنجي بت ۾ ناھن ماپندا.
ھو اڪثر پنھنجي ليکي پيو ڳالهائيندو ھو. کلندو ۽ رئندو به پنھنجي ليکي ھو. پنھنجو کلڻ ۽ رُئڻ ڪنھن کي نه ڏيکارجي. اھو مون ھن ديواني کان سکيو.
عشق بت ۾ ۽ حسن نگاه ۾ ناھي ماپندو. ھن پاڻ کي سنگهرن ۾ سوگهو ڪري جھڙوڪ پاڻ کي قابو ڪري ورتو ھئو. ھن
پنھنجي بدن کي ڪِرڻ کان بچائي رکيو ھو.
ھو ڪيڏو به تيز ھلي، پنڌ نبيري ڪونه سگهندو ھئو. پنڌ ڪير به نبيري ناھي سگهندو. عاشق به نه، ۽ نه مجذوب، ۽ نه ئي وري درويش. ڪير به نه!
دنيا ھن کي چريو سمجهندي ھئي. دنيا بس ايترو ئي سمجهي سگهندي آھي.
پنجاهه سال اڳ ڏٺل مَنُو پير جو اھو ديوانو مون کان اڃا به نٿو وسري. وحشت ۾ ورتل سندس سڪون مون کي بيچئن ڪري رکندو آھي. آئون اڪثر سوچيندو آھيان ته ھن ۾ ضرور وصل واٽون وڌيون ھونديون، ڇو ته ھجر ھٿان اڄ تائين ڪوبه ماڻهو ديوانو ناھي ٿيو.
ساڳئي شھر ۾ ھڪ ٻيو ديوانو به رلندو ھئو. ديوانا رلندا آھن، رھندا ناھن.
ان ديواني کي ماڻهو ”مِيرُو چريو“ ڪري پڪاريندا ھئا. ميرو کي مون سدائين پينٽ شرٽ ۾ ڏٺو. سندس کيسا پنن سان ڀريل ھوندا ھئا. پين ھٿ ۾ جهلي، اشارن سان ھوا ۾ الاءِ ته ڇا تحرير ڪندو رھندو ھئو. ھاٺي شاعرن جھڙي ۽ صورت ٻارن جھڙي ھوندي ھئس.
ھو انگريزي ۽ اردو ۾ پيو ڳالهائيندو ھئو.
ڀاسندو ھئو ته ورھاڱي دوران ھو اڌ ھِن پاسي ھليو آيو ھئو، باقي اڌ پوئتي ڇڏي!
سندس اوسي پاسي ۾ ڇا پيو ٿئي، انھي ڳالھه کان ھو صفا بي نياز ھوندو ھو.
بي نيازي عاشقن جي انڌير راتين ۾ جگنوءَ جیان چمڪندي رھندي آھي!
ھو سڄو سڄو ڏينھن پيو ھلندو ھئو، ٻه قدم اڳتي ھلي، چار قدم موٽ کائيندو ھو. اڳيان ھو ڪنھن لاءِ ويندو ھو، ۽ پويان کيس ڪير سڏ ڪندو ھئو، ڪنھن کي به خبر ڪانه پئجي سگهي.
مِيرُوءَ جو پيٽ پٺيءَ سان لڳل ھوندو ھو. اڇي رنگ جي شرٽ ڪالرن وٽان ميري ھوندي ھئس. ائين به اندر جا صاف ماڻهو ڪالرن وٽان ميرا ٿيندا آھن ۽ بوٽن وٽان ڇڄندا آھن.
مِيرو چپن ۾ سدائين ڀڻ ڀڻ ڪندو رھندو ھو.
لڳندو ھئو ته ڄڻ سندس وات ۾ ماکي مانارا ڪري ويٺل آھي. سانده پيو ڳالهائيندو ھئو. ھن جي فقط ھڪڙي ڳالهه الاءِ ڪنھن نه ٻڌي، جو اھا نه ٻڌل ڳالهه ھو مسلسل پيو پنن سان ڪندو ھو، پٿرن سان، وڻن سان ۽ ھوا سان به.
مِيرُو نه ٻڌل ڳالهه ھئو!
شادي خان به سانگهڙ جو ھئو.
مئٽرڪ تائين مون سان گڏ پڙھيو. اڳتي پڙھي ڪونه سگهيو.
ڪافي عرصي تائين ساڻس ملاقات ڪونه ٿي سگهي.
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ مون کيس رستي ويندي ڏسي ورتو. ھو کلندو ويو پئه.
صاف لڳو پَئيَ ته ڪو ڪٺيئي جا ڪرھا ڪاھي ويو آھي!
زوردار کل کيس ساڄي کان کاٻي، ۽ کاٻي کان ساڄي ڪيرائڻ جي ڪوشش پئه ڪئي. بالڪل ائين، جيئنءَ زوردار ۽ بي ربط ھوا وڻن کي.
يا پرتل پرين وڏي ھيج منجهان ڀاڪر پائي پنھنجي سانول کي.
ديوانگي، اول اول بي سبب کل جي رستي ماڻهوءَ منجهان ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي. مون وڌي ساڻس ملڻ جي ڪئي ڪئي. ھو نه مون سان مليو ۽ نه ئي ھن مون کي سڃاتو.
بعد ۾ دوستن مون کي ٻڌايو ته شادي خان سودائي ٿي ويو آھي.
ڪيتري وقت تائين مون کي به ائين لڳندو ھئو ته ڄڻ رستي تان آئون کلندو پئه ويس. ھن مون کي ڏسي ملڻ جي ڪئي، مون کيس نه سڃاتو ۽ نه ئي ساڻس مليس.
ھن بعد ۾ دوستن کان منھنجي باري ۾ پڇيو، جن کيس ٻڌايو ته حيدر سودائي ٿي ويو آھي۔۔۔۔

عزيز گوپانگ جو نثر منهنجو پسند جو نثر ھوندو آھي. پنھنجين نثري لکڻين ۾ ڪمال جا ذو معني جملا لکندو آھي، جيڪي ھن جي نثر جي سڃاڻپ آهن.