Homeسنڌتعليمتعليم ۽ نظرياتي جمود: عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙ نصاب

تعليم ۽ نظرياتي جمود: عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙ نصاب

سنتوش ڪامراڻي
سنتوش ڪامراڻي
ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي وڏي عرصي کان وٺي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مختلف سماجي علمن بابت مضمون لکندو رهي ٿو. پاڻ ميڊيڪل سائنسز، ماس ڪميونيڪيشن، تعليم، ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ادارن کان سواءِ يونيسڪو سان به ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت حيدرآباد جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو، انساني علم ۽ تعليمي نفسيات جھڙا موضوع پڙهائي ٿو.

تعليم ڪنھن به سماج جي فڪري، ثقافتي ۽ معاشرتي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ آھي. اھو ھڪ اھڙو عمل آھي، جيڪو فردن کي ذھني، اخلاقي ۽ سماجي سطح تي اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. پر پاڪستان ۾ تعليمي نظام، ڀلي اھو خانگي ھجي يا سرڪاري، ڪيترن ئي چئلينجن ۽ تضادن جو شڪار آھي. انھن مسئلن مان سڀ کان وڏو مسئلو نصاب ۾ موجود اھو مواد آھي، جيڪو عدم برداشت، فرقيواريت ۽ انتھا پسنديءَ جي رجحان کي غير محسوس طريقي سان ھٿي ڏئي ٿو. نتيجي ۾، سماج ۾ رواداري ۽ ذھني وسعت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
جيڪڏھن خانگي تعليمي ادارن جو جائزو وٺجي، ته اھا ڳالهه ڪافي حد تائين صحيح آھي ته اھي ادارا بنيادي طور تي نفعو ڪمائڻ وارا ڪاروباري ادارا آھن. انھن لاءِ تعليم ڪاروبار کان وڌيڪ ڪجهه به نه آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي پاليسين کي سماجي سڌارن بدران مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق تبديل ڪندا آھن. تعليمي ادارا، جيڪي نئين نسل جي ذھني تربيت جو فرض نڀائين ٿا، جيڪڏھن اھي تعليم جي اصل مقصدن کان ھٽي وڃن، ته اھا ھڪ سنگين مسئلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انھن ادارن لاءِ تعليم رڳو ھڪ معاشي عمل بڻجي وئي آھي، جنھن ۾ اخلاقي قدر، برداشت ۽ ذھني وسعت جھڙيون خوبيون نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون.
پر سرڪاري تعليمي ادارا پڻ ھن معاملي ۾ مختلف نه آھن. ويجهي ماضيءَ ۾ انتھاپسنديءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث ماڻهو سرڪاري يونيورسٽين ۽ اسڪولن جا فارغ التحصيل ھئا. ان مان اھا ڳالهھ واضح ٿئي ٿي ته مسئلو صرف تعليمي موقعن يا معيار جو نه آھي، پر نصاب ۾ شامل ان مواد جو آھي، جيڪو اسان کي فڪري آزادي، اختلاف راءِ جي احترام ۽ وسيع نظر وارن روين کان پري رکي ٿو. تعليم جو اصل مقصد ذھن سازي ۽ اخلاقي تربيت ھوندو آھي، پر جڏھن نصاب ۾ تفريق، تعصب ۽ ھڪ طرفا نظريا شامل ڪيا وڃن، ته سماجي توازن بگڙي وڃي ٿو. ھن صورتحال جي وضاحت ماھر نفسيات Albert Bandura (1925–2021) جي Social Learning Theory سان پڻ ٿي سگهي ٿي، جنھن موجب ٻار پنھنجي چوڌاري ماحول مان سکندا آھن. ٻار پنھنجي والدين، استادن، ۽ ٻين ماڻهن جي روين ۽ عملن جو مشاھدو ڪري، انھن جو نقل ڪندا آھن. جيڪڏھن تعليمي ماحول ۾ عدم برداشت، انتھاپسندي يا فرقيواريت جو رجحان موجود ھوندو، ته اھو ئي رجحان ايندڙ نسل جي شخصيت جو حصو بڻجي ويندو.
تعليمي نصاب ۾ موجود تضاد اسان کي پنھنجي مذھب، ثقافت ۽ صنفي روايتن کان ٻاھر ڏسڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. اھي تضاد اسان کي خودپسنديءَ جي ان درجي تائين وٺي ويندا آھن، جتي اسان پنھنجن خيالن ۽ پنھنجين روايتن کان سواءِ ڪجهه به قبول ڪرڻ کي پسند ناهيون ڪندا. ان ڪري معاشري ۾ مختلف مذھبن، فرقن ۽ صنفي گروھن جي وچ ۾ عدم برداشت جو ماحول پيدا ٿئي ٿو. ماھر تعليم پائلو فراري (1921–1997)پنھنجي مشھور ڪتاب Pedagogy of the Oppressed ۾ چيو آھي ته تعليمي نظام سماج جي تشڪيل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آھي. ھن دليل ڏنو ته تعليم رڳو علم جي منتقلي جو ذريعو نه آھي، پر ان جو مقصد شعور ڏيڻ ۽ سماجي تبديليءَ ۾ مددگار ثابت ٿيڻ آھي. جيڪڏھن تعليم جو مقصد رڳو نظرياتي جمود کي برقرار رکڻ ھجي، ته سماجي ترقي ممڪن نه ٿيندي. تعليم کي اھڙو ذريعو ھجڻ گهرجي، جيڪو ذھني وسعت پيدا ڪري ۽ سماجي برابريءَ کي فروغ ڏئي.

Sarangaa تعليم ۽ نظرياتي جمود: عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙ نصاب

پاڪستان جو موجوده نصاب ۽ ان جي پيشڪش ھڪ خاص بيانيي کي هٿي ڏين ٿا، جنھن ۾ پنھنجي برتريءَ جو احساس ايترو گهڻو ھوندو آھي، جو عاجزي ۽ انڪساريءَ جو پھلو ختم ٿي وڃي ٿو. تعليم جو اصل مقصد شخصيت سازي ۽ بين الاقوامي سطح تي ھم آھنگ شھري پيدا ڪرڻ آھي، پر اسان جي تعليمي نظام اسان کي دنيا جي ٻين ماڻهن کان مختلف ۽ متصادم بڻائي ڇڏيو آھي. ھيءُ تضاد نه رڳو سماجي ورڇ کي گھرو ڪري ٿو، پر اسان جي عالمي سڃاڻپ کي پڻ متاثر ڪري ٿو. جان ڊيوي (1859–1952)تعليم جي عملي اھميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم جو مقصد فرد کي سماجي زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ آھي، جيئن ھو سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري. ڊيوي جو خيال ھو ته تعليم کي زندگيءَ جي حقيقي مسئلن ۽ تجربن سان لاڳاپيل ھجڻ گھرجي. پر جڏھن تعليمي نصاب نظرياتي محدوديت جو شڪار ھجي، ته ان جا فرد سماج ۾ تعميري بدران تخريبي ڪردار ادا ڪرڻ لڳن ٿا.
رياست جو ڪردار ھتي تمام اھم آھي. اھا حڪومتن جي ذميواري آھي ته اھي پنھنجي شھرين لاءِ اھڙو تعليمي نظام جوڙين، جيڪو انھن کي عالمي سطح تي مقابلي جي قابل بڻائي. تعليم کي نظرياتي جمود مان ڪڍي عملي، تخليقي ۽ تحقيقي بنيادن تي استوار ڪيو وڃي. نصاب کي ان انداز ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته اھو شاگردن ۾ برداشت، رواداري ۽ وسيع نظر کي فروغ ڏئي. Maria Montessori (1870–1952) ابتدائي تعليم ۾ انساني قدرن جي شموليت تي زور ڏنو آھي. ھن جي مطابق تعليم جو مقصد محبت، امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ھجڻ گهرجي، جيئن ننڍپڻ کان ئي سماج ۾ مثبت رجحان پيدا ٿئي. ھن جو تعليمي فلسفو ٻارن جي فطري دلچسپين ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ تي مبني ھو.

Sarangaa تعليم ۽ نظرياتي جمود: عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙ نصاب


پاڪستان ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحانن جي ھڪ ٻيو اھم سبب صنفي عدم برابري پڻ آھي. اسان جو نصاب صنفي برابريءَ بدران پدرشاھيت کي ھٿي ڏيندو آھي، جنھن سان معاشري ۾ عورتن جي حقن ۽ مقام کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. Carol Gilligan Present جنھن عورتن جي نفسيات تي ڪم ڪيو آھي، صنفي توازن ۽ انصاف جي اھميت تي زور ڏنو آھي ته جيئن ھر فرد پنھنجين صلاحيتن کي مڪمل طور ڪم آڻي سگهي. نصاب ۾ صنفي برابريءَ کي فروغ ڏيندڙ مواد شامل ڪرڻ ضروري آھي، جيئن معاشرو عورتن کي به مردن جي برابر موقعا فراھم ڪري ۽ انھن جي صلاحيتن کي تسليم ڪري.
تعليم جو اصل مقصد ذھني آزادي ۽ روشن خيالي پيدا ڪرڻ آھي، جيئن فرد سماج جي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. جيڪڏھن تعليمي نظام ۾ موجود تضادن ۽ نظرياتي انتھاپسنديءَ جو خاتمو نه ڪيو ويو، ته اسان مستقبل ۾ به ھڪ ورھايل ۽ غير متوازن معاشرو ئي ڏسنداسين. ضرورت آھي ته نصاب کي انساني قدرن، سماجي ھم آھنگي ۽ بين الاقوامي نظرين جي مطابق ترتيب ڏنو وڃي، جيئن پاڪستان جو تعليمي نظام ھڪ ترقي پسند، سھپ ۽ رواداريءَ تي مبني معاشرو پيدا ڪري سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا