نامور ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر شاهنواز ڀٽيءَ جي لکيل ۽ ڊائريڪٽ ڪيل فلم ”مائي بختاور“ کي اولھه بنگال ڀارت ۾ ٿيل بيلغوريا فلم فيسٽيول ۾ ٽن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. هن فلم لاءِ شاهنواز ڀٽيءَ کي بيسٽ ڊائريڪٽر ۽ بيسٽ اسڪرين پلي ايوارڊن سان نوازيو ويو. جڏهن ته فلم ۾ مائي بختاور جو ڪردار ادا ڪندڙ نامور اردو فنڪاره ڪيف غزنويءَ کي بھترين اداڪاره جو ايوارڊ ڏنو ويو. هيءَ سنڌ جي هڪ تاريخي ڪردار بابت ٺھيل پھرين پاڪستاني فلم آهي، جنھن کي انڊيا جي ڪنھن فيسٽيول ۾ ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويوآهي. هيءَ فلم ٻين عالمي فلم ميلن ۾ پڻ موڪلي وئي هئي.

”مائي بختاور“سنڌ جي ھاري تحريڪ جو هڪ اهم ڪردار آهي. هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلمن خلاف تاريخي مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو. مائي بختاور جو ڪٽنب نامور هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان جڙيل هئو، جنھن سبب هن فلم ۾ مختصر طور حيدر بخش جتوئيءَ جو ڪردار پڻ ڏيکاريل آهي
مائي بختاور1880ع ۾ ضلعي بدين جي ڳوٺ دودي خان سرڪاڻي ۾ مراد خان لاشاريءَ جي پيڙيل هاري گهراڻي ۾ جنم ورتو. 1898ع ۾ مائي بختاور ولي محمد لاشاري سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءُ ڄاوا. هن جي زندگي، پنجابي زميندارن جي سخت راڄ هيٺ بيشمار مقامي عورتن جي جدوجھد سان جڙيل هئي، جيڪا بعد ۾ سنڌي هارين جي ظلمن خلاف مزاحمت ۽ حوصلي جي علامت بڻجي وئي.

هاري تحريڪ، جنھن جي اڳواڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري رهيو هئو، پنھنجي عروج تي پھچي چڪي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ هاري هن تحريڪ سان جڙي ويا هئا. مائي بختاور جو مڙس ولي محمد لاشاري صوفي شاهه عنايت شهيد جو پوئلڳ هو. ٻئي طرف سندن پٽ پڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ هاري پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو. حقن جي تاريخي ۽ همعصر لڙائيءَ جي ميلاپ مائي بختاور جي خاندان کي اها بيداري ڏني، ته پنھنجي حق لاءِ ڪيئن وڙهجي. جڏهن زميندار چوڌري سعيد الله فصل مان گڏڪيل ٽي حصا اناج کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مائي بختاور ۽ سندس ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي هر مرد ۽ عورت مزاحمت ڪئي ۽ انڌي بٽئي خلاف ڀت بڻجي ويا، زميندار کي ڪڻڪ جي ديرن جي ويجهو اچڻ نہ ڏنائون.
22 جون1947ع تي حيدر بخش جتوئيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي هيڊڪوارٽر جهنڊو شهر ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. مائي بختاور جي گهر جا مرد ۽ ساٿي ڳوٺاڻا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ۾ فقط عورتون رهجي ويون. ان جو فائدو وٺي زميندار مائي بختاور ۽ سندس ڪُٽنب جي لُڻيل ڪڻڪ جو سموري اُپت کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مائي بختاور ان خلاف سامهون ٿي بيٺي.

زميندار چوڌري سعيد الله، هٿياربندن کي فائرنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنھن ۾ مائي بختاور شھادت ماڻي.
مائي بختاور جي المناڪ موت کان پوءِ 1950ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هڪ تاريخي قانون ساز ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنھن تحت زميندارن کي مجبور ڪيو ويو ته هو زرعي پيداوار جو اڌ حصو هارين لاءِ مختص ڪن. ان کان پوءِ ان وقت جي پاڪستان جي پرڏيھي وزير سر محمد ظفرالله خان جي ڀائٽي زميندار چوڌري سعيد الله ۽ منشي چوڌري خالد کي عدالت مائي بختاور جي بي رحم قتل ۾ ملوث هجڻ تي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
فلم جي شروعات ۾، هڪ بزرگ عورت کي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا مائي بختاور جي سڳي پوٽي آھي.

مائي بختاور جي تاريخي ڪردار سبب پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شھيد بينظير ڀٽو پڻ پنھنجي ڌيءُ جو نالو بختاور رکيو هيو. هن فلم لاءِ مالي سھڪار سيد سردار شاهه جي وزارت دوران سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڪيو ويو هيو.
