Homeادببڪ شيلفجُدائيءَ جي بارش ۾ ڀِڄندڙ شاعر...!

جُدائيءَ جي بارش ۾ ڀِڄندڙ شاعر…!

علي دوست عاجز
علي دوست عاجز
علي دوست عاجز جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھم نالو آھي، جنھن جي شاعريءَ جي ڪيترا ئي مجموعا شايع ٿي، شھرت ماڻي چڪا آھن. ھو تخليقي نثر ۾ بھ بيحد نئين انداز ۾ لکي ٿو، جنھن ۾ لوڪ روايت، عوامي زندگي ۽ حڪايت جو رنگ غالب آھي.

شاعري تہ هن کي ورثي ۾ ملي هئي. نہ بہ مليل هُجيس ها، تڏھن بہ جِتي هن جنم ورتو هو، اتي ناميارن شاعرن جي ڪري اهڙو موزون ماحول ٺھيو پيو هو، جو شاعريءَ جي رنگ ۾ اڳ ئي (فطرتن) رنگيل نہ بہ هُجي ها، تڏھن بہ (عادتن) شاعر ٿئي ئي ٿئي ها…!
علي آڪاش سان منھنجي ويجهڙائي گهڻو دير سان ٿي. آئون ڪنهن جي ويجھو تيستائين نہ ٿي سگهندو آهيان، جيسيتائين ڪنھن نابِين وانگي، کيس دِل جي اکيُن سان ڇُھي نہ ڏِسان!
علي پنھنجي جسم جي فريم کان گهڻو پَرتي بيٺل شخص لڳندو آهي. هن جا تخليق ڪيل شاهڪار، رِٽيل شاپس retail shops تي، اصل رقم کان ڏهُوڻ تي وِڪرو ٿي رهيا هُوندا آهن!
علي نہ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪنھن کي سندس شعر تي ڇڙو دادُ بہ نہ ڏئي، ۽ ڏيڻ تي اچي، تہ ڪو نظم تہ ڇا، کيس نظمن جو سڄو ڪتاب اَرپي ڇڏي!
عليءَ جي اَنا، ٻار جي ضد وانگر معصوم آهي. اها راضي نہ ٿئي، تہ چنڊُ لاهي ڏيڻ تي بہ راضي نہ ٿئي، آٽي تان لھي، تہ معمولي رانديڪي تي بہ پرچي پوي!
هن کي روئارڻ لاءِ ضروري ناهي، تہ ڪو سندس دِل کي رَنجائجي، پر اڳ ڏُکوئِي وانگر، فوٽو ڪڍڻ وقت رڳو کيس “سِمائيل پليز” چئجي، تڏھن بہ هي روئي پوندو…!
علي آڪاش جا نظم پڙهندي، توهان کي لڳندو، ڄڻ توهان بيگنار ڍنڍ (نيپال) جي ڪناري، ڪنھن ٻيڙيءَ کي، جنھن ۾ هڪ اڪيلي عورت ويٺل آهي، خاموشيءَ سان ويندي ڏِسي رهيا آهيو…!
سندس محبت واري ڪنھن نظم جِي پُڄاڻيءَ تي، توهان کي”دِي بِرجز آف دِي ميڊيسين” جو آخري سِين رِي ڪال ٿِي سگهي ٿو. جنھن ۾ هِيرو وڏي وقت کان پوءِ تيز بارش ۾ پُسندَي ڏسي ٿو، تہ سندس محبوبہ پنھنجي مُڙس جي گاڏيءَ ۾ ساڻس وڃي رهي آهي. اندر گاڏي جي بئڪ مِرر تي ڪِراس وارو لاڪيٽ لڙڪِي رهيو آهي. سندس محبُوبہ اهڙي اوچتي اتفاق تي، کيس شديد ڏُکارو فِيل ڪري، پنھنجا ڳوڙها نہ ٿي روڪي سگهي، پر بارش ۾ هن (هيرو) جا لُڙڪَ ٻائڙ ٻوڙ ڪري ڇڏيندا آهن…!
“بادلون ڪا دوزخ” ۾، هن روايتي موضوعن توڙي ڊِڪشن کي ٻہ وِکون، بلڪ ٻہ مَنجا پوئتي رهائي ڇڏيو آهي!
نظمن ۾ اهڙو ڌيرج، وزن ۽ رِڌم آهي، جھڙو ھاٿيءَ جي وِکُن ۾ هوندو آهي. نظمن کي مليل اهڙي ٽريٽمينٽ، نظمن ۾ وڌيڪ گھرائي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
علي آڪاش پنھنجي طبيعت ۽ ذات کي زندگيءَ جي پُڙن ۾ ايئن پئي پِيٺو آهي، جيئن جنڊ جي پُڙن ۾ جوئر جا داڻا پِيسبا رهندا آهن! هِنيانوَ ٻُڏڻ جھڙي حقيقت جو توانو اظھار، جنھن جي ڪڙاڻ دير تائين زبان تي رهي، اوهان کي علي آڪاش جي نظمن ۾ حيرت جي حد تائين محسوس ٿيندو…!

اُس نَي دل پر ہاتھ رکهنا چاہا
تو وه جيب پر پڙا
جس مين بجلی کا بِل تها
ستر هزار چار سو بيس
اس کو ياد آيا
اس ڪي ادائيگی ڪي تاريخ تهی سولہ اگسٽ
اور وه چوده اگست تھا!

توهان کي هن جي نظمن ۾ غزل جي شعرن وانگر خيال جي لحاظ کان ننڍڙا ۽ مڪمل نظم پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا.

مُجَهے معلوم نہ تها
کہ جدائي ڪي بارش
اِتني طويل ہوتي هے!

ايئن ناهي، تہ ڪو هن زندگيءَ جي معاملن کي سُلجهائڻ ۾ دلچسپي نہ ٿي ورتي، پر:

اس کا ماننا تها کہ
معاملات نپڻانَي ڪے ليے
سماجي جانور بننا پڙتا هے.
جانورون سي اسَي پيار تها
ليکن “سماجي جانور” ڪي اصطلاح
اسے بلڪل پسند نہ تهی!

هن جي نظمن ۾ موسيقي جي نوٽيشن جھڙا ننڍڙا نظم، نظمن کي دلڪش بنايو بيٺا آهن.

ميں چاهتی هُوں
جو ميرا ہاتھ پکڙے
وه ميری تهکن محسوس کرے!

علي، روايتي شاعري، ڀلي تہ اها ڪلاسيڪل ڇو نہ هجي، ان کان شعوري طور پنھنجو پاندُ ڇڏائي لِکڻ ۾ رُڌل پئي رهيو آهي. اها ڳالھ ئي هڪ ليکڪ/شاعر کي الڳ سُڃاڻَ ۽ مقام ٿي عطا ڪري، جنهن کي علي اِنجواءِ ڪري رهيو آهي…!

گوگل مئپ ميں
تُمهارا محلہ ديکها جا سَڪتا هے
اور شايد گهر بهی
ليکن تُمهارَے گهر کا
دروازه نہين کهڻکهڻايا جا سَڪتا…!

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا