Homeسنڌتعليمجذباتي خواندگي بنا جيئندڙ نسل جو الميو

جذباتي خواندگي بنا جيئندڙ نسل جو الميو

اصغر سومرو
اصغر سومرو
اصغر سومرو ھڪ نامور نوجوان ليکڪ آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ تعليم، سماج ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ توڙي حڪومتي پاليسين تي لاڀائتا مضمون ۽ بلاگ لکندو رھي ٿو.

پاڪستان ۾ گهٽ تعليم/لِٽريسي جي شرح بابت اسان ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندا رهون ٿا، پر ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته اسان جي سماج ۾ ”جذباتي تعليم“ ڪيتري آهي؟ يعني ماڻهو پنھنجن جذبن کي سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ صحيح طريقي سان ظاهر ڪرڻ بابت ڪيترو ڄاڻن ٿا؟ بدقسمتيءَ سان اهو موضوع نه تعليمي ماهرن جي ڌيان ۾ سنجيدگيءَ سان آيو آهي، نه ئي حڪومت يا بين الاقوامي ڊونر ادارن جي پاليسي سازن وٽ ڪا ترجيح حاصل ڪري سگهيو آهي.

روزانو اخبار کوليون ٿا ته زيادتي، خودڪشي، غيرت جي نالي تي قتل، گهرو تشدد يا ميڙ هٿان مارڻ جھڙيون خبرون عام جام ڏسجن ٿيون. اهي خبرون رڳو جرمَ ناهن، پر اهو ظاهر ڪن ٿيون ته اسان جو سماج اندروني طور ڪيترو نه ٽٽل ڦٽل آهي. ماڻهو معمولي تڪرار تي به ٻئي کي مارڻ تي لھي اچن ٿا. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان ماڻهن کي اهو نٿا سيکاريون ته غصي کي ڪيئن سنڀالجي، مايوسيءَ کي ڪيئن برداشت ڪجي، يا ڪنھن جي دوستي يا تعلق رکڻ واري انڪار کي ڪيئن قبول ڪجي.

اڄ پنھنجي ڊائري پڙهندي، مون گذريل سال 14 جولاءِ واري ’ڪاوش‘ ۾ شايع ٿيل ڇرڪائيندڙ خبرن بابت پنھنجا نوٽ ڪيل خيال ڏٺا. جڏهن مون ان ڏينھن اخبار پڙهي، تڏهن شدت سان احساس ٿيو ته اسان جي اجتماعي شعور ۾ تشدد ڪيترو نه عام ٿي ويو آهي. هڪ ئي ڏينھن جي اخبار ۾ خوفناڪ واقعا ايترا ته موجود هيا، جو لڳو ڄڻ ڪا ڪرائيم ڊائري هجي، اخبار نه.

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ صوبيه نالي نوجوان ڇوڪري، جنھن پنھنجيءَ پسند سان شادي ڪئي هئي، قتل ٿي وئي. سندس مڙس ۽ ڏير کي سندس ڀاءُ جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ساهرن دعويٰ ڪئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي. شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ 35 سالن جي عورت جو ساڙيل لاش فائبر ٽينڪ مان مليو. منگهوپير ۾ هڪ شخص کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، جنھن پنھنجي ڀاءُ جي سس سان ٻي شادي ڪئي هئي. خيرپور ميرس ۾ گهر وڪرو ڪرڻ واري تڪرار تي مڙس پنھنجيءَ زال کي ڇُري سان قتل ڪيو. ٽنڊي آدم ۾ سڱاوتيءَ واري جهيڙي ۾ 65 ورهين جي پوڙهي عورت مارجي وئي. لاڙڪاڻي ۾ 15 ساله ذهني طور معذور ڇوڪري اجتماعي زيادتيءَ کان پوءِ فوت ٿي وئي. نوشھري فيروز ۾ هڪ ماءُ پنھنجي پٽ جي قتل جي صدمي ۾ زندگي وڃائي ويٺي. ٽنڊي آدم ۾ فيضان ملڪ نالي نوجوان والدين طرفان موٽر سائيڪل نه وٺي ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪوٽڙيءَ ۾ پراڻي دشمنيءَ سبب هڪ مزدور کي گولي هڻي، قتل ڪيو ويو. ان کان علاوه مبينا چور يا توهينِ مذهب جي الزام هيٺ ميڙ هٿان مارجڻ جا واقعا به هاڻي معمول جي خبر بڻجندا پيا وڃن.

اهي رڳو واقعا نه آهن، پر خطري جي خوفناڪ گھنٽي آهن. اهي ظاهر ڪن ٿا ته اسان جي سماج ۾ تڪرار، مايوسي ۽ ذهني دٻاءُ ڪيترو وڌي چڪو آهي. اهي رڳو فردي جرمَ نه، پر انتظامي ڍانچي، ثقافت، ادارن ۽ نفسيات جي ٽٽڻ جون به علامتون آهن. اڃا به حيرت جي ڳالهه اها آهي ته قتل، زيادتي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد هاڻي ’معمولي خبر‘ بڻجي ويا آهن. زندگيءَ جو قدر گهٽجي رهيو آهي ۽ همدردي ختم ٿيندي پئي وڃي. تشدد کي اخلاقي انحراف نه، پر غصي، شرم، خواهش يا طاقت جي اظھار جو قابلِ قبول طريقو سمجهيو پيو وڃي.

خاص طور ٻارن ۽ ذهني طور معذور ماڻهن سان زيادتي جنسي خواهش نه، پر تسلط، ذلت ۽ انسانيت کان محروميءَ جو اظھار آهي. اهڙا جرمَ سماج ۾ طاقت جي عدم توازن کي ظاهر ڪن ٿا. مرد عورتن تي، وڏا ٻارن تي، صحتمند معذورن تي، جاگيردار هارين تي، مالڪ نوڪرن تي تشدد ڪن ٿا. نتيجي طور اسان جو سماج نفسياتي طور اهڙيءَ حالت کي پھچي ويو آهي، جتي ٻئي مٿان حاڪميت ڪرڻ، کيس خاموش رکڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ مقصد بڻجي ويو آهي.

هيءَ صورتحال ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته سماجي ۽ اخلاقي اصول هاڻي ماڻهن لاءِ رهنمائي جو ذريعو نه رهيا آهن. اڻبرابري، برادريءَ جي اخلاقي ڍانچي جو زوال ۽ ادارن تي بي اعتمادي مايوسي ۽ خودانصافيءَ جي رجحان کي وڌائين ٿا. اهي واقعا اتفاقي نه، پر جذباتي اڻ پڙهيائيءَ (Emotional Illiteracy) جو نتيجو آهن- يعني ماڻهو مايوسي، حسد، ڪاوڙ، شرم يا خوف کي تعميري نموني سنڀالي نٿا سگهن.

ان مسئلي جو مستقل حل رڳو عدالتن جي بھتري، قانون جي عملداري يا ذهني صحت جي خدمتن ۾ ناهي، پر تعليم ۾ آهي. اسان جا اسڪول شاگردن کي ناڪامي، دل ٽٽڻ، معاشي يا جذباتي نقصان، ذهني دٻاءَ يا استحصال سان مُنھن ڏيڻ سيکارين ئي نٿا. نتيجي ۾ هڪ اهڙو نسل تيار ٿي رهيو آهي، جيڪو شايد امتحانن ۾ ڪامياب هجي، پر جذباتي طور ڪمزور، سماجي طور اڻڄاڻ ۽ اخلاقي طور غير مستحڪم آهي. جذباتي خواندگيءَ کانسواءِ اسان ٻارن کي زندگيءَ لاءِ نه، پر صرف امتحان لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون.

ان ڪري ننڍپڻ کان ٻارن کي پنھنجي ۽ ٻين جي جذبن کي سڃاڻڻ، نالو ڏيڻ ۽ سمجهڻ سيکارڻ ضروري آهي. جھڙوڪ غصو، اداسي، خوشي يا شرم وغيره. انهن کي اهو به سمجهائڻ گهرجي ته اهي جذبا ڇو پيدا ٿين ٿا ۽ انهن سان ڪيئن نڀائجي. اهڙين صلاحيتن سان ٻار چِڙ، مايوسي يا ڌار ٿيڻ جي حالت ۾ پُرسڪون رهڻ، ردعمل ۾ دير ڪرڻ ۽ جارحيت کان پاسو ڪرڻ سکي سگهندا. ننڍيءَ عمر کان همدردي پيدا ڪرڻ سان ٻار ٻين جي احساسن جو خيال رکندا ۽ پنھنجي رويي ۾ توازن آڻيندا.

سماج ۾ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ مردانگيءَ جي زهرناڪ تصور کي نظر ۾ رکندي، خاص طور ڇوڪرن کي رضامندي (consent)، همدردي ۽ انڪار کي قبول ڪرڻ سيکارڻ لازمي آهي. جذباتي تعليم ٻارن کي اختلاف برداشت ڪرڻ ۽ ڪاري يا اڇي، مڪمل صحيح يا مڪمل غلط واري سوچ کان پاسو ڪرڻ سيکاريندي. هي جذبات کي دٻائڻ نه، پر انهن کي سمجهڻ ۽ صحيح رُخ ڏيڻ جو عمل آهي.

آخري ڳالهه اها آهي ته، جيڪڏهن جذباتي خواندگيءَ کي ابتدائي تعليم (ECE) کان وٺي مئٽرڪ تائين نصاب جو حصو بڻايو وڃي، ته اها پنھنجيءَ ذات، ٻين انسانن ۽ سماج خلاف وڌندڙ تشدد لاءِ هڪ روڪٿام واري ويڪسين ثابت ٿي سگهي ٿي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت، صوبائي وزير ۽ تعليم کاتو هن سنجيده مسئلي ڏانھن ڌيان ڏيندا، جيڪو اڃا تائين ته ڪنھن وٽ به گهربل توجهه حاصل ڪري نه سگهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا