Homeادبڪٿامنھنجو پيارو ديس

منھنجو پيارو ديس

اِزابيل آلندي
اِزابيل آلندي
ازابيل آلندي چليءَ جي مشھور ناولسٽ آھي، جنھن جي ڪافي ناولن تي فلمون ۽ سيريز به ٺھيل آھن. ھتي سنڌي پڙهندڙن لاءِ سندس ساروڻين جي ڪتاب ” My beloved country“ جو شروعاتي حصو ڏجي ٿو.

ازابيل آلندي چليءَ جي مشھور ناولسٽ آھي، جنھن جا ناول گارشيا مارڪيز ۽ بورخيس جي لکڻين جيان جادوئي حقيقت نگاري ءَ جي ٽيڪنڪ سان لکيل آھن. سندس ناول دي ھائوس آف اسپرٽس جو ڳاڻيٽو اسپيني ادب جي چند شاھڪار ناولن ۾ ٿيندو آھي. 1973 ۾ چليءَ ۾ آيل فوجي بغاوت ۾ سندس پري جي چاچي ۽ ملڪ جي پھرئين چونڊيل سوشلسٽ  صدر سلواڊور آلندي کي فوجي ڊڪٽيٽر پنوشيءَ جي فوجين بمباري ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ سندس خاندان جلاوطن ٿي وينزويلا ۾ وڃي رھيو. ازابيل آلندي ھن وقت آمريڪا ۾ مقيم آھي. سندس ڪافي ناولن تي فلمون ۽ سيريز به ٺھيل آھن. ھتي سنڌي پڙهندڙن لاءِ سندس ساروڻين جي ڪتاب My beloved country جو شروعاتي حصو ڏجي ٿو

اچو ته منھنجي ملڪ چليءَ کان شروع ڪريون، جيڪو دنيا جي نقشي تي به ٿورن ئي ماڻهن کان ڳولهيو ٿيندو. منھنجو ملڪ ايترو ته پري آهي، جو منھنجي هڪڙي دانشور دوست چواڻي ته ”پاڻ چليءَ کي وڪڻي پيرس جي ويجهو ڪو ملڪ وٺون“.

چلي ايترو ته پري آهي، جو ڪير وڃائجي وڃڻ کان پوءِ به اتي نٿو پھچي سگهي. ها، پر اتي پھتلن مان ڪيترن ئي چليءَ کي پنھنجو وطن بڻائي ڇڏيو. هيءُ ڊگهو ۽ سوڙهو ملڪ هڪ ٻيٽ جيان آهي، جنھن جي اتر طرف دنيا جي خشڪ ترين صحرائن مان هڪ آهي ته وري اوڀر طرف ازلي ڏُکن ۽ اڻ اُڪرجندڙ انڊيز جا جبل. اولھه ۾ اوچتا پيسفڪ سمنڊ جا ساحل ته وري هيٺ اتر ۾ انٽارڪٽيڪا جون برفاني تنھايون. پنھنجي ديس واسين جي سڃاڻپ جي احساس سان ڳنڍيل، چلي اهڙين مختلف آبھوائن ۽ جاگرافيءَ سان جڙيل ديس آھي، جيڪو اھنجن رستن ۽ سَون ٻرندڙ جبلن  جي وچ ۾ڪنھن معجزي وانگي ٺھيل آهي.

اسان چليءَ جي ماڻهن جو پنھنجي مٽيءَ سان وڏو گھروتعلق آهي. اسان مان گهڻن جو اڃا به اهو خواب آهي ته پنھنجو زمين جو ٽُڪر هجي، پوءِ ڀلي ان ۾ ڦِٿَل گوبي کان سواءِ ڪجهه به نه اُپايون. اسان جون اخبارون اڃا تائين زراعت تي خاص  صفحا ڇاپينديون آهن. ۽ انهن کي ڏامر جي رستن ۽ سيمينٽ جي گهرن ۾ رهندڙ اُهي شهري بابوُ به شوق سان پڙهنداآهن، جن ڪڏهن زندگيءَ ۾ جيئري ڍڳي به ڪونه ڏٺي هوندي.

منھنجو ڊگهو ۽ سوڙهو ملڪ چئن خوبصورت نالن وارن علائقن ۾ ورهايل آهي. فوجي حڪمرانن کي ڇا ڪاڻ ته انهن جا نالا ياد ڪرڻ ۾ سُور پئي ٿيو، تنھن ڪري ان ۾ انهن انگن جو به واڌارو ڪري ڇڏيو. پر آئون انهن انگن وارن نالن کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪريان. ڇو ته منھنجي شاعراڻي تخيل ۾ انگي جدولن واري نقشي جي ڪا به گنجائش نه آهي. دنيا کان ڪٽيل هئڻ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي سونھن ڀرين نظارن کي ڏسي، اسان چليءَ جي ماڻهن ۾ هڪ تڪبر به اچي ويو آهي. اسان سمجهندا آهيون ته اسان دنيا جو مرڪز آهيون، ۽ گِرينوچ جي لائين سانتياگو مان گذرڻ گهرجي. اسان لاطيني آمريڪا کي پُٺ ڏئي، سدائين پاڻ کي يورپ سان ڀيٽيندا آهيون. اسان پاڻ ۾ ئي گم هوندا آهيون. اسان سمجهندا آهيو ته باقي دنيا رڳو اسان جي ملڪ جو ٺھيل شراب پيئڻ ۽ اسان کان هارائيندڙ فٽبال ٽيمون پيدا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيل آهي. چلي گهمندڙن کي اها صلاح ڏيندس ته ڪڏهن به اسان جي ملڪ جي شراب ۽ عورتن جي سونھن تي تنقيد نه ڪجو. ڇو جو اسان ڌارين کي پاڻ تي تنقيد ڪرڻ نه  ڏيندا آهيون. پاڻ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ اسان جا پنھنجا ماڻهو ئي ڪافي آهن. آئون مڃان ٿي ته آئون پاڻ به انهيءَ تنگ نظر وطن پرستيءَ واري بيماريءَ جي شڪار آهيان. جڏهن آئون پھريون ڀيرو فرانسسڪو آئي هئس ته اتي جون سونھري پھاڙيون ۽ شاندار ٻيلا ۽ ساحل ڏسي، مون چيو ته اُهي ته صفا چليءَ جھڙا آهن.

چليءَ کي منھنجيءَ دل سان ڏسڻ چاهيو ٿا ته پئبلو نرودا کي پڙهو، جنھن پنھنجي هن ديس جي منظرن، خوشبوئن، پرهه ڦٽين، مسلسل برساتن، غربتن، مھمان نوازي ۽ صبر کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. اها ئي منھنجي ساروڻين جي ڌرتي آهي، جنھن کي آئون پنھنجين اڪيلائين ۾ ياد ڪندي آهيان، ۽ جيڪا ڌرتي منھنجين ڪيترين ئي ڪھاڻين جو پسمنظر آهي ۽ جيڪا منھنجي خوابن ۾ ايندي آهي. مان مڃان ٿي ته چليءَ جا ٻيا به ڪيترا ئي رُخ آهن. مادي پرستي ۽ مغروريءَ وارو رُخ؛ ماضيءَ جي زخمن وارو رُخ؛ منافقتن وارو رُخ ۽ ڪنھن ٻئي زلزلي ۽ سياسي تباهيءَ جو انتظار ڪندڙ رُخ. چليءَ ۾ هر شئي جو ڪجهه نه ڪجهه موجود آهي.

منھنجو خاندان سانتياگو جو آهي. جيتوڻيڪ آئون اتي ئي نپني آهيان، پر هاڻ ته آئون به ان کي سڃاڻي نٿي سگهان. آئون سانتياگو جي گهٽين ۾ وڃائجي ويندي آهيان. چلي جو هيءُ گاديءَ جو هنڌ ٻين اسپيني شھرن وانگر ٺھيل آهي، پر هاڻ ان جي سونھن جي رڳو ياد ئي رهجي وئي آهي. سانتياگو هڪ سھڻو شھر ٿي سگهيو ٿي، جيڪر انهيءَ ماحولياتي گدلاڻ جي ٽوپلي هيٺان نه هجي ھا، جيڪا ٻارن کي پينگهن ۾، پوڙهن کي گهرن ۾ ۽ پکين کي هوائن ۾ ماريو ڇڏي.

ٻين شھرن  امير ۽ غريب ماڻهو گڏ پيا رهندا آهن، پر سانتياگو ۾چئن گيراجن ۽ محافظن سان گهيريل اميرن جي محلن ۽ ٻن ڪمرن ۾ پندرنهن ماڻهن وارن غريبن جي گهرن  وچ ۾ فاصلو تمام وڏو آهي.

سانتياگو جو اونهارو وڏو ۽ گرم آهي. انهن مھينن ۾ سنهي پيلاڻ واري دز سڄي شھر کي ويڙهي ويندي آهي. ساڙيندڙ سجُ رستن جي ڏامر کان وٺي ماڻهن جي مزاج تي اثر ڪندو آهي. جڏهن آئون ننڍي هوندي هيس ته انهيءَ موسم ۾ منهنجا گهر وارا سمنڊ جي ڪناري تي هليا ويندا هئا. تن ڏينھن ۾ رستا ڏاڍا خراب هوندا هئا ۽ منھنجو ڏاڏو ڌاڙيلن کان بچاءَ لاءِ هڪ وڏو پستول به رکندو هو. پر هاڻ رستا سٺا ٿي ويا آهن ۽ سانتياگو کان ٻاهر امن امان به بھتر ٿي ويو آهي. هاڻ رڳو سمنڊ ڏانھن ويندڙ اُهي رستا خراب آهن، جن جا ساحل امير ماڻهن لاءِ مخصوص آهن. ڇو جو اهي نه ٿا چاهين ته غريب غربو پنھنجي سانورن ٻارن سان گڏ بسن ۾ چڙهي، انهن اميرن سان ساحلن تي مزو وٺي.

جيئن ئي اوهان سانتياگو مان نڪرندا ته انگورن جي ولن، ٽڪرين ۽ چراگاهن سان سينگاريل ٻھراڙيءَ وارا علائقا شروع ٿي ويندا. منھنجي توهان کي صلاح آهي ته انهن ٻھراڙين وارن ڳوٺن ۽ رستن تي بيھي، اتان لذيذ ميوا، ڀاڄيون، ماکي، بيضا ضرور وٺجو. انهن جو پنھنجو ذائقو هوندو آهي، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارن ڳوٺن ۾ گانگٽن ۽ مڇيءَ جي ٺھيل کاڌن جو وري مزو ئي پنھنجو. انهن کي پچائڻ لاءِ ته توهان کي گهڻي رڌڻ جي ڄاڻ جي به ضرورت ڪونهي. بس مڇيءَ کي ٺڪر جي دانگي تي رکي، انهي ۾ ڪٽيل بصر ۽ ٿورو لوڻ مرچ ٻُرڪي، ۽ ليمي جي رَس تي باهه تي سَيڪيو ۽ پوءِ ان کي ٿڌي شراب سان گڏ کائو.

Sarangaa منھنجو پيارو ديس

منھنجي ننڍپڻ جي سانتياگو کي پنھنجي وڏي شھر هئڻ تي بانور هو، پر حقيقت ۾ انهيءَ جو مزاج ننڍڙي ڳوٺ جھڙو هو. هر ماڻهوءَ کي شھر جي هر ڳالهه خبر هوندي هئي. ڪير چرچ ويو يا نه، اها خبر سڀني کي پئجي ويندي هئي ۽ علائقي جو پادري ٺڪ ان جي گهر پھچي، چرچ نه اچڻ جو سبب پڇندو هو. ٿورن ماڻهن وٽ فرج هوندي هئي ۽ گهڻو ڪري ماڻهو روز گاڏيءَ تي ايندڙ ڪاٺ جي ٻُوري ۾ ليپيل برف وٺندا هئا. اسان جي گهر ۾ فرج هوندي هئي، جيڪا چاليھه سال کن هلي. ان ۾ لڳل موٽر به ٽرڪ جھڙو آواز ڪندي هئي. انهيءَ جي هيٺان ڪيتريون ئي ٻليون ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري مري ويون. پر اهو ٻلين جي آباديءَ کي روڪڻ جو هڪڙو طريقو هو، نه ته اسان جي گهر ۾ ايڏيون ٻليون هيون، جو اسان جو گهر ٻلين ۾ ھوند ٻڏي وڃي هان.

اسان جي گهر ۾ به ٻين گهرن جيان جانور خاص طور تي ڪتا هوندا هئا. پر ڪير اهي ڪتا خريد ڪونه ڪندو هو. ڪن کي ورثي ۾ ملندا هئا ته ڪن کي وري تحفي ۾، ته ڪي وري ان ڪري پالبا هئا، جو اھي ننڍي ٻار کي اسڪول مان پيڇو ڪري اچي گهر پھچائيندا هئا. پالتو ڪتن کانسواءِ رولو ڪتن جي به لوڌ سانتياگو جي گهٽين ۾ پئي ڦرندي هئي. پر اهي ڪي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر مصيبت ماريا يا بيمار ڪتا نه هوندا هئا. اهي منظم گروهن ۾ هوندا هئا ۽ ڪافي بااخلاق قسم جا ڪتا هوندا هئا.

اسان روٽي گهٽيءَ جي ڪنڊ واري بيڪريءَ تان وٺندا هئاسين، جنهن جي تازي تندور مان پڪل خوشبوء اڃا منھنجن حواسن ۾ تازي آهي. کير جست جي وڏن ڪنسترن ۾ ايندو هو. کير وارو ٻھراڙين مان گهوڙي گاڏيءَ تي ايندو هو ۽ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنڊڙي مان انهن جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي هئي. نوڪرياڻون پنھنجا ٿانوَ کڻي اتي پھچي وينديون هيون-  ۽ پوءِ کير وارو پنھنجي وارن سان ڀريل ٻانھَن بغلن تائين کير جي ڪنستر ۾ وجهي، پنھنجي پنھنجي مقرر تور جو کير ڏيندو هو.

گهٽين ۾ خانه بدوش جپسي مايون به اينديون هيون. اهي ٻن يا ٽن جي ٽوليءَ ۾ اينديون هيون، ۽ ساڻن گڏ اڌ درجن ٻار به هوندا هئا، جن جا نڪَ پيا وهندا هئا ۽ جيڪي سندن پَڙَن سان چنبڙيا پيا هوندا هئا. اسان کي کانئن ڪافي ڊڄ ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جپسين جي باري ۾ اهو هُلايل هو ته اهي ٻارن کي اغوا ڪري کڻي وينديون آهن ۽ جيڪر کين ڪير خيرات نه ڏيندو هو ته کين پِٽون ۽ پاراتا ڏينديون هيون. انهن جي باري ۾ مشھور هوندو هو ته اهي جادوءَ جي زور تي ماڻهن ۾  بيماريون آڻي سگهنديون هيون. پر انهن جي انهيءَ بدناميءَ جي باوجود، اسان کين هٿ ڏيکاري، پنھنجيءَ قسمت جو حال پڇڻ کانسواءِ ڪونه رهندا هئاسين. اُهي مونکي سدائين چونديون هيون ته ڪو گهاٽين مُڇن وارو همراهه مونکي پري پري وٺي ويندو. ڇاڪاڻ ته منھنجو ڪو اهڙو محبوب ڪونه رهيو آهي- سو، آئون سمجهان ٿي ته  اها پيشنگوئي منھنجي ماٽيلي پيءُ جي باري ۾ هئي، جنھن جون گهاٽيون مُڇون هيون، جنھن جي سفارتڪاريءَ واري نوڪريءَ سبب مون پري پري جي ديسن جو سفر ڪيو.

چليءَ جي منھنجي پھرين ساروڻي اُهو گهر آهي، جنھن ۾ جيتوڻيڪ آئون ڪڏهن رهي نه هئس، پر جيڪو گهر منھنجي ناول ”هائوس آف اسپرٽ“ جو مکيه ڪردار هو. منھنجي ناول جو اهو تصوراتي خاندان منھنجي ناناڻي خاندان تي ٻَڌل هو. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي اهو وڏو پراڻو گهر، جنھن تي منھنجو اهو ناول آڌاريل آهي، تنھن ۾ منھنجي ماءُ جو جنم ۽ نيپاڄ ٿيو. هاڻ ته اهڙا گهر سانتياگو ۾ رهيا ئي ڪونه آهن، جو انهن پراڻن گهرن کي ترقي ۽ جديديت کائي وئي آهي. پر ٻھراڙيءَ ۾ اهڙا گهر اڃا موجود آهن. ڦھليل ۽ وسيع گهر، جن جا اڱڻ ايڏا وشال، جو رات جو صفي مان ويڙهي تائين وڃڻ لاءِ به دل گردو گهرجي. اهڙا گهر، جن جي باري ۾ مشھور آهي ته اهي اُگرا آهن ۽ جتي هڪڙو ٻه جِن ۽ بدروح ته هوندا ئي آهن. منھنجا ٻارنھن ماما ۽ ماسيون ٿورا چرياڻ قسم جا هئا. ڪيترا ته شادي کان پوءِ به انهيءَ گهر ۾ رهي پيا. منھنجي نانِي به شاديءَ کان پوءِ پنھنجي مڙس يعني منھنجي ناني سان گڏ انهيءَ گهر ۾ رهي پئي. منھنجي ناني پوءِ انهيءَ گهر کي ڪافي سڌاريو.

جيتوڻيڪ چلي ٻن ڪروڙن جي آباديءَ تي مشتمل هڪڙو جديد ملڪ آهي، پر ماڻهن ۾ قبائلي ذهنيت جي باقيات اڃا تائين موجود آهي. خاص طور تي ٻھراڙين ۾. ماڻهو قبائلي بنيادن تي ورهايل آهن، جيڪي ڏيک ويک، لباس، تان جو سوچ ۾ به هڪجھڙا آهن ۽ وقت اچڻ تي هڪ ٻئي جي بچاءُ لاءِ به اڳيان ايندا آهن. اسان وٽ قبيلا خاندان جيان آهن، ۽ هرڪنھن جا انهيءَ خاندان يا قبيلي ڏانھن فرض آهن، جنهن کان ڪو لنوائي نه ٿو سگهي. جيڪر ڪنھن ساڳئي قبيلي جي ماڻهن جي مدد نه ڪئي ته اها شرمندگيءَ جي ڳالهه سمجهي ويندي آهي، جنهن جي خواري سالن تائين پئي هلندي. منھنجي مٽن مائٽن ۾ چليءَ جي ماڻهن واريون اهي سموريون خوبيون ۽ خاميون آهن. انهن جو مشاهدو ڪري، اسان چليءَ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ ڪردار سمجهي سگهون ٿا.

ترجمو ـ منوج ڪمار

3 COMMENTS

  1. تمام بھترين نج سنڌي ۾ بلڪه ڄڻ سمورو قصو سنڌ جو لڳي رھيو آھي. قبائلييت جو ھڪ فائدو اھو بہ آھي تہ معاشي، سماجي توڙي سياسي حوالي سان فردن جي مالڪي ٿئي ٿي جڏھن تہ سنڌ واري قبائليت ڏاڍي ڀوائتي آھي.

  2. سارنگا کي ھن ڊجيٽل سفر جون کوڙ واڌايون. جيئن ئي سوشل ميڊيا ذريعي سارنگا جي انٽرنيٽ جي سفر جو ٻڌو تہ نہ ڄاڻ دل خوشيءَ سان ڀرجي وئي. اھڙو مواد جيھن کي ھر روز اخبارن جي صفحن ۾ ڳولي ٿڪس، سو ھاڻ ھڪ وقت سھيڙيل، سونھن ۽ سڌار سان سامھون آيو.
    ھن. سفر لاءِ انتظاميہ کي مبارڪون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا