Homeسنڌ ڇا سنڌي دهريا آهن؟

 ڇا سنڌي دهريا آهن؟

دهريو معنيٰ اهو شخص جيڪو خدا جي وجود کان انڪاري هجي. جنھن کي انگريزيءَ ۾ Atheist چئبو آھي. شخص مذهبن کي نه مڃيندو آهي. مولانا راشد سومري جو چوڻ آهي ته سنڌين جي اڪثريت دهريو يا ملحد آهي. اچو ته هن بيانيي جي ڇنڊڇاڻ ڪريون.
مون اڄ تائين سنڌ ۾ اهڙو ڪو به دهريو نه ڏٺو آهي، جنھن جو نڪاح اسلامي طريقي سان نه ٿيو هجي يا وري طلاق اسلامي طريقي سان نه ٿي هجي. سنڌ ۾ توهان اهڙي دهريي کي سڃاڻو، جيڪو پيدائشي مسلمان هجي، سندس مرتيي کان پوءِ کيس جهنگ يا کڏ ۾ اڇلايو ويو هجي؟. مون ته هتي مها دهرين جي به جنازي نماز ڏٺي. اسلامي طريقي سان ڪفن دفن ڏٺو. عام طور اخلاق کي مذهب سان ۽ مذهب کي خدا سان جوڙيو ويندو آهي. پر ڇا توهان لادين کي ڪڏهن ڀيڻ سان شادي ڪندي ڏٺو؟؟ يا وري لادين کي نياڻي سياڻيءَ جو يا بزرگن جو احترام نه ڪندي ڏٺو ؟ گهٽ ۾ گهٽ مون اهڙو شخص نه ڏٺو آهي. انهيءَ جو مطلب ته اخلاقيات، روحانيت، مذهب ۽ خدا الڳ الڳ معاملا/ڳالهيون آهن. دراصل مذهب جا ٻه حصا آهن، هڪ حقوق الله، ٻيو حقوق العباد.
ٻنهي حقن جو پوئلڳ مسلمان آهي. اسلام جو واحد پھريون نُڪتو وحدانيت آهي. الله کي هڪ ڪري مڃو. منافقي نه ڪريو. انسان جا حق الله معاف نه ڪندو. الله جا حق الله پاڻ معاف ڪري سگهي ٿو. عبادت جو طريقو خدا قرآن شريف ۾ ٻڌايو آهي. هاڻي خدا ڇا آهي؟ انهيءَ جي تُز تشريح نه سائنس ڪري سگهي ٿي، نه مذهب.
اسان ته انسان جي تشريح به نٿا ڪري سگهون، پر انسان بنيادي طرح جانور آهي. انهيءَ جانور وٽ نفس به آهي ته روح به آهي. هتي روح مان مراد ڪا غير مرئي شيءِ ناهي. روح جي تشريح ايتري آهي ته اهو انساني پيار، احساس، قربت، همدردي ۽ درد وند دل جو درمان آهي.
دنيا ۾ ڪيترا نظريا آيا، مذهب آيا، سندن اصل مقصد انسان کي سڌو رستو ڏيکارڻ، هڪ سٺو صحتمد سماج قائم ڪرڻ هو. پر تاريخ شاهد آهي ته نظرين ۽ مذهبن جي پوئلڳن انهيءَ جي غلط تشريح ڪري، پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي. يا وري نظرين يا مذهبن جي اصل مقصد کي وساري ڊاگما جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن به نظريي يا مذهب کي ڊاگما بنائبو (يعني انهيءَ جي ظاهريات تي ڳَنڊ ٻڌي بيھي رهبو )ته انسانيت جي تسلسل جي تاريخ کي مسمار ڪري، صرف انسان براءِ نظريو يا انسان براءِ مذهب بڻجي ويندو. نفرتن اتان ئي جنم ورتو آهي. جڏهن به مذهب کي معاشيات لاءِ يا سياست لاءِ استعمال ڪيو ويو ته مذهب جو اصل مقصد ختم ٿي ويو.
انساني قدر روحاني ٿيندا آهن. هر سماج پنھنجا قدر کڻي ايندو آهي. فطرت جي ويجهو رهندڙ سماجن جا پنھنجا قدر هئا. زرعي سماج جا پنھنجا قدر هئا. جديد دور جا پنھنجا قدر هئا. هاڻي جديديت پڄاڻان دور جا قدر الڳ آهن. انهن جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي.
رواج رسمون، اخلاقيات، قدر، روحانيت جا ماڻ ماپا هر سماج جو معاشي نظام کڻي ايندو آهي. معيشت ۽ پيداواري اوزار بدلبا آهن ته نظام به بدلبو آهي. قدر به بدلجي ويند ا آهن. شايد انهيءَ ڪري الڳ الڳ دورن ۾ الڳ مذهب ايندا رهيا، جيڪي انسان کي سندس روحانيت جو درس ڏيندا رهيا ته انسان بنجڻ لاءِ ڇا ضروري آهي.
جڏهن دنيا واپاري نه هئي، مادي شين جي ڊوڙ نه هئي، ته علم جو دور هو، نظرين جو دور هو، سوچ ويچار جو دور هو. اخلاق جو دور هو. پيار ، بھادري، سچائيءَ جو دور هو. تڏهن مذهب روحانيت جي درس لاءِ استعمال ٿيندو هو. خدا جي خوشنوديءَ لاءِ انسان کي انسان ٿيڻ جو درس ڏنو ويندو هو. جڏهن دنيا مادي شين جي ٿي ويئي، واپاري بنجي ويئي، ماديت ۾ اڳتي نڪري ويئي، ته پوءِ هر ڪوئي شين حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويو. انسان اڪيلو ٿي ويو. صرف شين جو وجود مڃيو ويو. انسان خالي کوکلو ٿي ويو. اسٽيٽس جو دور، برانڊ جو دور، صارفين جو دور ، مارڪيٽن جو دور، ڊجيٽلائيزڊ دور اچي ويو. انسان جو جوهر بازار ۾ رکيو ويو. هاڻي مذهب جو ڪردار بدلجي ويو.
سنڌ ۾ اسلام کي ڦھلائڻ ۾ وڏو ڪردار صوفين جو آهي. صوفين مذهب جي جيڪا تشريح ڪئي، اها اسان جي عام مُلان واري تشريح کان الڳ هئي. هنن دين بھتر دنيا بنائڻ ۽ ماڻهوءَ کي بھتر انسان بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو. هنن مذهبن جي وچ ۾ ڀائيچارو قائم ڪيو. صوفين جي خيال ۾ حقوق العباد وڌيڪ اهم آهي. اسان انهيءَ کي سيڪيولرازم چوندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي ته هر مذهب جي عزت ڪريو. انهيءَ کي آزاد ڇڏيو. ڪنھن به حڪومت، بادشاهه ۽ رياست جو مذهب نه هوندو آهي. اهو رعيت جو انفرادي مسئلو آهي، ان کي اجتماعي مسئلو نه بنايو. صوفين جو روَيو لبرل هو، جنھن جو مطلب هو ته خيالن کي آزاد ڇڏيو. جُنون پرستيءَ جي ور نه چڙهو. هر ماڻهوءَ جي انفرادي آزادي تسليم ڪريو. ڇوته مذهب صرف عوام کي ڊيڄارڻ جو اوزار بنجي ويو. صوفين وٽ خدا دوست آهي، ملن وٽ خدا ڊپ ۽ خوف جي علامت آهي.
صوفين جي سرتاج شاهه لطيف جو خيال بلڪل هن سلسلي ۾ واضح هو. هو انساني مقصديت جو شاعر هو.
وَحدَهُ لا شَرِيڪَ لَُه، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪار ڻي، نرتئون منجهان نينھن.
سڌو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن تون وَحدَهُ لا شَرِيڪَ لَُه چوين ٿو ته پوءِ محمد ڪارڻي کي مڃ، زور زبردستي ناهي. تون جيڪو چوين ٿو، انهيءَ تي قائم رهه، پوءِ منافقي نه ڪر.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام.
هر جڳھه ”جي“ يا ”جان“ موجود آهي معنيٰ زور زبردستي ناهي. جيڪڏهن توهان ڪنھن جي چونڊ ڪريو ٿا ته انهيءَ سان سچا رهو. شاهه لطيف وٽ مذهب اندر اُجارڻ ، پاڻ سڃاڻڻ، سچو رهڻ، منافقي کان پاسو ڪرڻ آهي. شاهه جو مذهب خدا سان عشق آهي، جيڪو خدا سان عشق ڪرڻ چاهي ٿو، اهو پھرين خلق خدا سان عشق ڪري.
هاڻي سنڌي ماڻهو صوفياڻو مزاج رکي ٿو، تنھن ڪري لبرل آهي، سيڪيولر آهي، دهريو ناهي، ملحد ناهي. اهو تاثر به هڪ پروپيگنڊه آهي، جيڪا پھرين ڪميونسٽن جي خلاف ڦھلائي وئي هئي. ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي غلط تشريح ڪري، انهيءَ کي ڊاگما بنايو ويو. تنھن ڪري ڪميونسٽ ترقي پسند هئڻ باوجود به مُلان وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. مذهب کي ڇيڙڻ جي ضرورت ئي نه هئي. صرف اسلام جي صحيح تشريح ڪرڻ جي ضرورت هئي. صوفيءَ جي صحيح تشريح ڪري، انهيءَ رستي کي سمجهائڻو هو، جيڪو نه ٿيو. نتيجي طور ڪميونسٽ تحريڪ هتي مضبوط ٿي نه سگهي.
هندستان ۾ فساد اورنگ زيب عالمگير کان شروع ٿئي ٿو. ان کان اڳ مذهب بادشاهن جو نه هو. نه ته اڪبر بادشاهه دين الاهيءَ سان سيڪيولر ازم سان هندستان تي بغير مذهبي تفريق سان راڄ ڪيو.
اورنگزيب کان پوءِ رياست مذهبي در بنجي ويئي. نتيجو اهو نڪتو جو هندستان ۾ مذهبي جنونيت پيدا ٿي، جنھن جو نتيجو توهان اڳتي هلي ڏٺو. انگريزن ان جو فائدو وٺي ننڍي کنڊ کي تقسيم ڪري، نه صرف ڪمزور ڪيو بلڪ هميشه لاءِ مذهب کي هٿيار بڻائي استعمال ڪيو.
ٻئي طرف اسلام جي روح کي غلط تشريح سان مسخ ڪيو ويو. پيري مريدي، ڌاڳا ڦيڻا، وسوسا، ڪيترا ئي غلط رواج اسلامي ۽ مذهبي بڻائي پيش ڪيا ويا. نتيجي ۾ هندستان پيرن ۽ مزارن سان ڀرجي ويو. درگاهي ڪلچر، سيد ڪلچر، مجاور ڪلچر، گادي ڪلچر مضبوط ٿيو ۽ ان مان اربين روپين جي آمدني هڪ بزنيس بنجي ويو. ماڻهن کي سچي مذهب جي بجاءِ پيرن جي پٺيان لڳايو ويو.
سامراجي مفادن تحت سوويت يونين خلاف صرف مذهب ئي واحد پروپيگنڊا هئي، جنھن ڪري هٿ وٺي ننڍي کنڊ ۾ مذهب کي جنوني بڻائي ڦھلايو ويو. افغاني جنگ ۽ ضيا شاهيءَ کان پوءِ هنن اڻ ڳڻيا مدرسا کوليا، معصوم ماڻهن کي شوق شھادت ڏياري قربان ڪيو ويو. افغانين جي نسلن کي تباهه ڪيو ويو. پاڪستان ۾ به ماڻهن کي جھاد لاءِ اڪسائيندڙ فرقن جا مدرسا کوليا ويا، جن کي ٻاهرين امداد ڏيئي، ڊالرن جا مِينھن وسايا ويا. اهو مُلو جيڪو لولو پني کائيندو هو، اهو لينڊ ڪروزر ۾ گهمڻ لڳو. پاڪستان ۾ مُلو هڪ وڏو بزنيس مئن ٿي اڀريو. هوڏانھن پٺاڻ مذهبي جھاد وسيلي اربين روپيا ڪمائڻ لڳو. خودڪش حملن کي هڪ ڪاروبار بڻايو ويو.
ٻئي طرف سمورن مذهبي ڏهاڙن جي روح کي پٺيان ڇڏي، انهن کي ڪمرشل شڪل ڏني وئي. شب برات ڦٽاڪن جو ڏهاڙو ٿي ويو. عيد، شاپنگ شو بنجي ويئي. قربانيءَ واري عيد هڪ ٻئي کي ڏيکارڻ جو ڏهاڙو يا پئسي جي نمائش ، ٻڪرا وٺي گهٽين ۾ گهمائڻ واري رسم بنجي ويئي. وڏن شھرن ۽ ڊفينس جھڙن علائقن ۾ قرباني اسٽيٽس جي نشاني آهي. ڪيترو وڏو ٻڪر ورتو اٿس يا ڪيترو مھانگو ڍڳو ورتو اٿس. اڪثر مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ روڊ رستا بند ٿيو وڃن. خلق خدا آزار ۾ اچيو وڃي. اسان جا ڪرپٽ ۽ ڪرمنل ماڻهو به مخصوص مولوين کي لکين روپيا ڏين ٿا، جن جي ڪري هو کين ڪِلين چِٽ ڏيو ڇڏين. ڪيترن ئي مولوين جا قصا مشھور ٿين ٿا. شراب نوشيءَ کان ڪال گرل جي دوستين تائين جا اسڪينڊل سامهون اچن ٿا. ڇا اهو مذهب آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وارن کان اهي عام يا سيڪيولر ماڻهو سٺا ناهن، جيڪي ڪنھن کي نه ڏکوئين، نه ڪا ڪرپشن ڪن، نه وري مذهب کي ڪمرشل بنائين. يعني دين کي ڌنڌو بنائڻ وارن کان ته اهي بھتر آهن.
باقي هڪڙا اهي آهن، جيڪي خدا کي مڃين ٿا. انهن وٽ يقين آهي، عقيدو آهي، پر سائنسي ثبوت ناهي. ٻئي طرف جيڪي خدا کي نٿا مڃين، اهي به عقيدو رکن ٿا. سائنسي ثبوت انهن وٽ به ڪونهي.
خدا ۽ مذهب ٻه الڳ الڳ حقيقتون آهن. ڪجهه ماڻهو خدا تي يقين رکن ٿا، پر مذهب تي نٿا رکن. تنھن ڪري دنيا ۾ مذهب الڳ الڳ آهن، پر سڀني مذهبن ۾ خدا جو تصور موجود آهي. هتي سائنسي حوالي کان ڪوائنٽم فزڪس جي اچڻ ۽ آئنسٽائن جي ٿيوري اچڻ کان پوءِ ڪائنات جو تصور ئي بدلجي ويو. مان اهو يقين سان چوان ٿو ته اسان ڪائنات جي باري ۾ اڃا ڏهه سيڪڙو به نٿا ڄاڻون، اسي سيڪڙو ڊارڪ مادي جي متعلق به نٿا ڄاڻون. ڪوائنٽم دنيا جي متعلق به اڃا سائنس وسيح معلومات ڏيئي نه سگهي آهي. ميڪرو دنيا اسان جي تصور کان ٻاهر آهي. مائڪرو دنيا بابت معلومات گهٽ آهي. تنهن ڪري ڪائنات ۾ مابعدالطبعياتي سوالن کي اهو چئي ڇڏڻ ته ڪجهه ڪونهي، صرف مادو آهي،خود اڌورو علم آهي. پر اصل مسئلو اخلاقيات جو آهي، جنھن وقت مدرسا گهٽ هئا، مذهبي تبليغ نه هئي، ماڻهو اخلاقي هئا، ايمانداري وڌيڪ هئي. پر هاڻي انسان اخلاقيات کان ٻاهر نڪري رهيو آهي، روحانيت کان ٻاهر اچي رهيو آهي. ڇو ته مذهبي ماڻهو وڌيڪ جنوني ٿي ويو آهي. ان جو جواب ڪنھن مولانا وٽ ناهي. ڇو ته انهيءَ جو جواب معاشي ۽ سياسي آهي.
سنڌ جو هڪ ٻيو سياسي پھلو آهي. عربن سنڌ تي حملو ڪيو، سنڌ تي ڌاريا قابض رهيا. ڪڏهن افغاني، ڪڏهن غوري، ڪڏهن خلجي، ڪڏهن مدد خان، ڪڏهن نادر شاهه، مغل. مطلب ته آخر ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ، ڦرلٽ ، زمينون ڌارين کي ملڻ، سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽڻ ۽ ڌارين جي يلغار سڀ اسلام جي نالي ۾ ٿي. انهيءَ ڪري سنڌي ماڻهو ان مخصوص ٽرمنالاجي کان بدظن آهي، جيڪا استحصالي ڌريون مذهب جي آڙ وٺي استعمال ڪن ٿيون، پر سندن اصل مقصد لٽڻ آهي. توهان ڏٺو هوندو، ڪمرشل دور ۾ مارڪيٽ دنيا تي حڪمراني ڪري ٿي. باقي سڀ اوزار آهن، جن مان مذهب به هڪ اوزار طور استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري ٽرمپ به پنھنجي جنگ کي مذهب جي جنگ چئي، تيل جي کوهن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. توهان هاڻي برانڊيڊ مولوي ڏٺا هوندا، جن جو هر رسم ادا ڪرڻ جو الڳ الڳ اگهه مقرر آهي. وڏو ذاڪر مجلس پڙهندو ته وڌيڪ اگهه وٺندو. وڏو مولوي ميلاد پڙهندو ته وڌيڪ قيمت ڏيڻي پوندي. مذهب هاڻي هيڻن، غريبن، بي پھچن ۽ لاچارن جو گهٽ اميرن جو ڌنڌو وڌيڪ آهي.
سنڌي ملحد يا دهريا ناهن. ملن واري مذهب جي تشريح کان پري آهن. فرق صرف مذهب جي تشريح جو آهي. سندن مذهب ڪمرشل يا واپار ناهي، نه ئي وٽن مذهب استحصال ڪرڻ جو جواز مھيا ڪري ٿو. سنڌي خود ڪش حملا به نٿو ڪري. سنڌي وٽ خدا جو تصور رحيم ، پيار ڪرڻ وارو، ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي.

4 COMMENTS

  1. پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي هي فڪري تحرير، سنڌي سماج توڙي هن خطي ۾ مذھب جي پسمنظر کان وٺي پيشمنطر ۽ جديديت پڄاڻان جي لاڙن ۾ لڙهندڙ قدر ۽ هن وقت سنڌي سماج ڇا پيو سوچي؟ جهڙن انيڪ سوال ذهن پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

  2. سيڪيولرازم ۽ لبرلازم جي وصف جي به کولي وضاحت ڪريو ها ته معاملا اڃان وڌيڪ سڌا ٿي وڃن ها. مذهب جو اخلاقيات سان ڪو خاص تعلق ناهي.

    مذهبي ادارن اخلاقيات کي دائرن ۾ ورهائي رکيو آهي. جنهن ڪري معاشري جي اصلاح ۽ اخلاقي ترقي جو تعلق مذهب سان ناهي. مذهبي اخلاقيات ۾ حدون مقرر ٿيل هونديون آهن، غيرمذهب وارن لاءِ جدا حدون ته هم مذهب ۽ هم فرقا ماڻهن لاءِ خاص مراعتون.

    جن معاشرن ۾ مذهب اثر مذهب پرست معاشرن کان گهٽ آهي اتي جو عام شهري اخلاق طور تي وڌيڪ مظبوط نظر اچي ٿو. ڇو ته اصل معاملو رياستي پاليسين ۽ معاشي وسيلن جي ورڇ جو آهي.

    اگر هن وقت سنڌ ۾ اڌ آبادي ملحدن جي آهي ته باقي بچل اڌ ڪٽر مذهبي ڪٽر ماڻهون آهن.
    روحانيت ۽ ذهني سڪون صرف مذهبي مشقت سان ناهي حاصل ٿيندو. روحانيت جو تعلق فرد جي ذهني سڪون، ڀلائيءَ ڪرڻ جي خواهش ۽ آزاديءَ کي محسوس ڪرڻ ۾ حاصل ٿئي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا