Homeساروڻيونفاضل راهوءَ جي شھادت، ورسيون ۽ ٽيپ ريڪارڊر

فاضل راهوءَ جي شھادت، ورسيون ۽ ٽيپ ريڪارڊر

1987ع ۾ فاضل جي شھادت جو ھانءَ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو. سڄي سنڌ سراپا نوحو، احتجاج، نعرا ۽ للڪارون للڪارون ٿي وئي. سڄيءَ سنڌ ۾ تڪليف، غم ۽ غصي جي لھر ڇانئجي وئي. پليجو صاحب ان واقعي دوران لنڊن پنھنجي علاج خاطر ويل ھيو، جتان سندس چاليھي تي واپس موٽي آيو ھيو. پوءِ ھر سال 1989ع تائين پليجي صاحب جي تقرير سنڌ جي پورھيت اڳواڻ شھيد فاضل راھو جي ورسيءَ تي ٻُڌبي ھئي. ورسيءَ جو ڇاته اجتماع ھوندو ھيو. لکين ماڻهن جو ڇوليون ھڻندڙ انساني سمنڊ ھوندو ھيو. ورسيءَ جون تياريون ٻه ٽي مھينا پھرين کان ئي شروع ڪبيون ھيون. آئون ۽ اقبال جروار ( خير محمد جروار) ۽ ڊاڪٽر غفار جروار ھميشھ پنھنجي ڳوٺان شھيد فاضل جي ورسيءَ تي گاڏي ڀري ويندا ھياسين. گهڻو ڪري ڊاٽسن ھوندي ھئي، جنھن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جا نوجوان گڏجي ويندا ھياسين. ورسيءَ جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ جهولي فنڊ گڏ ڪبو ھيو، جنھن دوران ميرپورخاص- حيدرآباد روڊ تي ڪيريا شاخ (جتي اڳ ۾ ننڍو اسٽاپ ھيو ۽ ھاڻي ٽنڊو الھيار باءِ پاس اتان کان شروع ٿئي ٿو)، وٽ بيھي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڪلاڪ کن جهولي فنڊ ڪبو ھيو. جهولي فنڊ جي اڳواڻي آئون ڪندو ھيس ۽ ان وقت ميٽرڪ جو شاگرد ھيس. منھنجي عمر اٽڪل 15 سال کن ھئي. جنھن وقت اسان کي ھزار کن روپيھ فنڊ ملي ويندو ھيو ته اسين فنڊ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ھياسين. ڇو ته اسان جي ضرورت 8 يا 9 سئو ھوندي ھئي. ڊاٽسن ايترا پئسا ٽنڊي الھيار کان گولاڙچيءَ جا وٺندي ھئي. گولاڙچي پھچي، لنگر جا چانوَر کائيندا ھياسين. هزارين ماڻهو ايندا ھيا ۽ لنگر سڀني ماڻهن لاءِ ھوندو ھيو. ورسيءَ تي ھر سال فاضل صاحب تي ڪيل شاعريءَ تي مشتمل گيتن جون ڪيسٽون جاري ٿينديون هيون. محمد يوسف، سجاد يوسف، الھڏنو جوڻيجو، وائيسز گروپ، سارنگ وائسز گروپ ٽنڊو الھيار پاران گيتن جون ڀيٽائون پيش ٿينديون ھيون. ڪيسٽن ۽ ڪتابن جا دڪان، فاضل صاحب ۽ پليجي صاحب جي تصويرن جا اسٽال لڳل ھوندا ھيا. لکين ماڻهن جو پنڊال لڳل ھوندو ھيو. ورسيءَ لاءِ سڄي سنڌ مان پيدل قافلا پڻ نڪرندا ھيا. ڳاڙھن جهنڊن سان سينگاريل قافلا، جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي ھر برادر محاذ جھڙوڪ سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي مزدور فيڊريشن جا پنھنجا پنھنجا جهنڊا ٺھيل ھوندا ھيا، سي پري کان جُهولندي ڏسبا ھيا. اھڙا من موھيندڙ منظر ڏسي لڳندو ھيو ته واقعي ٻَيلو ٻه وِکون- سُرخ انقلاب اسان جي روحن، ذھنن، سوچن ۾ اچي چڪو ھيو. ھاڻ رڳو ان کي سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، ڳلين، چئوڪن، وستين واھڻن ۾ پلٽجڻو ھيو. اسين روحاني طور فاضل جي ورسيءَ تي ويندڙ قافلن جي سُرخ جهنڊن ۽ مائو ڪيپ پھريل ڪامريڊن کي روسي ناولن ماءُ، چراغ جلتا رھا، ڊان بھتا رھا،آننا ڪرينا، دنيا ڪو جنجهوڙ ديني والي دس دن، نوجوانون ڪا گيت جھڙن ناولن جا ڪردار سمجهندا ھياسين، ۽ خود پڻ انھن جھڙا ڪردار ٿيڻ لاءِ پيا تڙپندا ھياسين.

Sarangaa فاضل راهوءَ جي شھادت، ورسيون ۽ ٽيپ ريڪارڊر

فاضل صاحب جي آخري ورسي جيڪا 1989 ۾ ٿي، تنھن دوران اوچتو زبردست طوفاني برسات اچي لڳي، جنھن سبب ھال ۾ ويٺل هزارن ماڻهن ۾ چوپچو شروع ٿي وئي. ان دوران منتظمين پاران باقي تقريرن جي سلسلي کي روڪي، پليجي صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. پاڻ دونھاندار جذباتي تقرير ڪيائين. خاص طور ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن سان جيڪو ظلم، بربريت ۽ ننگي دھشتگردي ڪئي وئي ھئي، تنھن جي حل لاءِ ھن سنڌ حڪومت کان ھٿيارن جا لائيسنس گهريا ھيا. اھا تقرير مون پنھنجي ٽيپ ريڪارڊر ۾ ريڪارڊ ڪئي ھئي. پليجي صاحب جي تقريرن کي ريڪارڊ ڪرڻ لاءِ مون گهر وڏا جهيڙا، ملھالا، جفاڪشيون ڪري، بابا ۽ ڏاڏا کان پئسا وٺي، ٽيپ ريڪارڊر خريد ڪيو ھيو. اھو ٽيپ ريڪارڊر تمام ڳرو ھوندو ھيو، پر آئون هر پروگرام  ۾ ھميشھ پاڻ سان گڏ کڻي ويندو ھيس. تقريرون رڪارڊ ڪندو ھيس، پاڻ به ٻڌندو ھيس، ۽ جتي يونٽ کولڻ ويندا ھياسين يا دوستن جو اسٽڊي سرڪل ھلائيندا ھئاسين، ته ان ۾ به پليجي صاحب جون تقريرون ھلائيندا ھياسين.

Sarangaa فاضل راهوءَ جي شھادت، ورسيون ۽ ٽيپ ريڪارڊر

ڪھڙا نه سچائيءَ ۽ معصوميت وارا ڏينھن هيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا