Homeثقافتمذھبسنڌي هندو مذهبيت جي سماجي جوڙجڪ: بقا جي نفسيات کان ڪارپوريٽ نيٽ...

سنڌي هندو مذهبيت جي سماجي جوڙجڪ: بقا جي نفسيات کان ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ تائين

سنت ساڌ رام جي تازي وڇوڙي اتر سنڌ جي هڪ وڏي حصي ۽ سندس عقيدتمندن ۾ سوڳ جو هڪ گھرو ۽ نمايان وايومنڊل پيدا ڪيو آهي. هن اجتماعي ڏک (Collective Grief) ۽ عقيدت جي ليول کي ڏسي عام طور تي اها غلط فھمي پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ جو هندو سماج شايد هڪ مڪمل طور تي يڪجا، هموار ۽ مڪمل بلاڪ (Homogeneous Social Block) آهي. پر جڏهن اسان سماجي سائنس (Sociology) جي اصولن ۽ تنقيدي نظريي (Critical Theory) جي عينڪ مان هن سوڳ جي پٺيان لڪل پيچيده سماجي بيھڪ جو گھرو مطالعو ڪنداسين، تہ حقيقتون ان کان بلڪل مختلف ۽ طبقاتي بيٺڪ تي ٻڌل نظر اينديون.
پروفيسر احمد سومري صاحب پاران اٿاريل اهو نُڪتو ته “ڪو هڪ پير يا سنت سڄي سنڌ جي هندن جو روحاني پيشوا نٿو ٿي سگهي”، هڪ اهم اڪيڊمڪ حقيقت آهي. پر ان بيانيي کي رڳو علائقائي يا ڪاسٽ سسٽم جي سطحي اڻبرابريءَ جي تناظر ۾ ڏسڻ بدران، اسان کي سنڌي هندن جي تاريخي نفسيات ۽ جديد معاشي متحرڪن (Dynamics) جو تجزيو ڪندي ڪجهه اهم فڪري نڪتا اڳيان رکڻا پوندا.
ورهاڱي جو نفسياتي جبر ۽ بقا جي نفسيات (Psychology of Survival)1.
تاريخي طور تي، 1947ع جي ورهاڱي سنڌ جي هندو سماج کي هڪ اهڙي وجودي موڙ (Existential Crisis) تي آڻي بيھاريو، جتي هنن جو سڀ کان وڏو چئلينج ڪو مذهبي تبليغ، لاهوتي بحث يا پنھنجي فرقي جي بالادستي قائم ڪرڻ نه هو. ان ناڪاري سماجي ۽ سياسي وايو منڊل ۾، رهجي ويل هندن جي پھرين ۽ آخري ترجيح صرف ۽ صرف ذاتي ۽ اجتماعي بقا (Survival) هئي. فرانسيسي سماج سڃاڻ پيئر بورديو (Pierre Bourdieu) جي اصطلاح ۾ چئجي ته هن حادثي هندن جي “هيبيٽس” (Habitus / سماجي رويي ۽ عادتن جي نظام) کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيو.
هن بقا جي نفسيات سنڌي هندو مت جي سڄي سڀاءُ کي هڪ مخصوص شڪل ڏني؛
غير جنگجو وابستگي (Non-Militant Attachment): جھادي اثرن جي تابع مسلم سماج جي ھڪ رفليڪشن جي برعڪس، جتي مذهبي لاڳاپو اڪثر انتھاپسنديءَ تائين هليو ويندو آهي، سنڌي هندو مت ۾ مذهبي وابستگي هميشه کان غير جنگجو، روادار ۽ رڳو ڌرمي رسمن تائين محدود (Ritualistic) رهي آهي.
سماجي سڄاڻپ تائين محدود ناتو: مندرن، مڙھين، مرشدن يا درٻارن سان هنن جو ناتو ڪو گھرو نظرياتي يا پرچارڪ تبليغي لڪيرون ڪڍڻ وارو ناهي رهيو. ڌرم انهن لاءِ رڳو شادي مرادي، مرڻي پرڻي ۽ بنيادي سماجي سڄاڻپ (Social Identity) کي هڪ ڳانڍاپي ۽ گڏيل جوڙجڪ ڏيڻ تائين محدود رهيو آهي ته جيئن اڪثريتي سماج ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي سگهجي.
. ڪيپيٽلزم ۽ مذهبي ادارن جي مارڪيٽائيزيشن (Commercialization of Faith)2.
اڄوڪي ليٽ-ڪيپيٽلزم (Late Capitalism) جي دور ۾، جتي مذهبي ادارا پاڻ کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيا آهن، سنڌ جي خوشحال (سرمائيدار) ۽ سياسي اثر رکندڙ ڪاروباري ڪلاس جو هڪ مخصوص “ڪلب” جڙي چڪو آهي.
ڪارل مارڪس جي “ڪموڊٽي فيٽشزم” (Commodity Fetishism / شين کي جادوئي طاقت ڏيڻ جو تصور) جي اصول تحت، هن ڪلاس پاران مندرن، ڌرمي آستانن، مرشدن ۽ گادين جو هڪ نئون ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنھن مذهبيت کي هڪ ڪارپوريٽ يا مارڪيٽ پراڊڪٽ وانگر استعمال ڪيو آهي.
سنت ساڌ رام سميت مختلف مذهبي شخصيتن کي پنھنجي پنھنجي جرسڊڪشن (Jurisdiction) يا علائقائي اثر ۾ هڪ روحاني “برانڊ” طور اڀاريو ويو، جتي هر برانڊ جا پنھنجا معاشي ۽ سماجي دائرا ۽ ڪمفرٽ زون آهن. تنھنڪري، جڏهن ميڊيا يا سياسي بيانيي ۾ “سڄي سنڌ جا هندو” وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، ته اهو ڪو گڏيل مذهبي يا روحاني شعور ناهي هوندو، پر اصل ۾ ان مخصوص اليٽ (Elite) ۽ ڪاروباري ڪلاس جي داخلي نيٽ ورڪنگ (Networking) جو نتيجو هوندو آهي. ان کي سماجي اصطلاح ۾ “سوشل ڪيپيٽل” (Social Capital) چيو ويندو آهي، جنھن جو مقصد پنھنجي معاشي طاقت کي مذهبي تحفظ ڏيڻ آهي.

Sarangaa سنڌي هندو مذهبيت جي سماجي جوڙجڪ: بقا جي نفسيات کان ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ تائين
  1. ڪاسٽ سسٽم ۽ سوشل اسٽيٽس جو دٻاءُ (Social Stratification)
    جنھن ڇوت ڇات (Untouchability) يا ڪاسٽ سسٽم جي روايتي بحث کي بار بار اٿاريو ويندو آهي، اهو اڄ جي ماڊرن شھري زندگي، گلوبلائيزيشن ۽ سوشل اسٽيٽس (Social Status) جي ٻه طرفي دٻاءَ سبب پنھنجي روايتي معنيٰ مڪمل طور تي وڃائي چڪو آهي. اڄ جو هندو سماج ذات پات جي مدي خارج نظام کان وڌيڪ ماڪس ويبر (Max Weber) جي “سوشل اسٽريٽيفڪيشن” (طبقاتي درجي بندي) جي اصول تحت معاشي مفادن جي بنياد تي صف بندي ڪري ٿو. هاڻي سماجي دٻاءُ ڪنھن شودر يا دلت هجڻ جو ناهي، پر معاشي طور ڪمزور هجڻ جو آهي. آئندي جا انومان ۽ انديشا (Futuristic Concern)
    سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي ٿيندڙ سوڳ پنھنجي جاءِ تي محترم آهي، پر هن سڄي مذهبي ڍانچي ۽ درٻار ڪلچر جي پٺيان جيڪي سياسي ۽ طبقاتي محرڪ ڪم ڪري رهيا آهن، تن تي بحث باقي رکڻ انتھائي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان هن جاگرافيائي ۽ طبقاتي نيٽ ورڪنگ کي رڳو “خالص روحانيت” جو نالو ڏئي قبول ڪنداسين، ته اها سماجي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر هوندو.
    هن بحث کي اڪيڊمڪ سطح تي زنده رکڻ ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هي سماجي بيھڪ رڳو مذهب تائين محدود ناهي، پر اها اڳتي هلي ٻيھر هڪ سياسي اوزار (Political Tool) بڻجي ويندي، جنھن کي مختلف قوتون پنھنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون. سنڌي هندو سماج ڪو هڪ سڌو سنئون هوموجينس بلاڪ ناهي، اهو بقا جي نفسيات، ڪارپوريٽ نيٽ ورڪنگ ۽ طبقاتي تحفظ جو هڪ پيچيده گڏجڻي (Convergence) آهي.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا