Homeادبسيلف پورٽريٽاسين ڀٽڪيل قبيلن جا ماڻهو آهيون

اسين ڀٽڪيل قبيلن جا ماڻهو آهيون

منھنجي زندگيءَ جو سفر ڪنھن شاهوڪار گهراڻي يا آسوده ماحول مان شروع نه ٿيو هو، بلڪه هڪ پورهيت، هاري ۽ مزدور طبقي سان واسطو رکندڙ انهيءَ سادي سماج مان نڪتس، جتي زندگيءَ جون سختيون ئي سڀ کان وڏو درس هونديون آهن.
ٻالڪپڻ کان ئي مون پنھنجين اکين سان غربت، محرومي، اڻبرابري ۽ محنت جي ان دنيا کي تمام ويجهي کان ڏٺو هو، جتي ماڻهو پنھنجي پورهئي سان زندگيءَ جو ڏيئو روشن رکندا آهن. شايد انهيءَ ماحول ئي منھنجي سوچ، مزاج ۽ سياسي رُخ جو تعين ڪيو هو. انهيءَ اڻبرابريءَ واري سماج ۾، جتي ذات پات، اوچ نيچ ۽ طبقاتي فرق پنھنجي عروج تي هجي، اتي مون جھڙن ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڪنھن پاڻيءَ جي ناديءَ ۾ سَنگهر سان ٻڌل گلاس کان گهٽ ڪانه هئي. پر اهڙن سمورن سماجي روين ۽ محرومين باوجود، اميد ۽ جدوجھد جو سفر جاري رکڻ جو عھد ڪيو .
وقت سان گڏ تعليم، شاگرد سياست ۽ پوءِ وڪالت جي ميدان ۾ اچڻ زندگيءَ جا نوان در کوليا. انهيءَ سفر ۾ منھنجي ماءُ پيءُ، سٺن استادن، مخلص دوستن ۽ ساٿين جي پورهئي ۽ محبت جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گهمندي، ماڻهن سان ملندي، سندن درد ٻڌندي، مون اهو محسوس ڪيو ته منھنجين پريشانين کان ٻين ماڻهن جون تڪليفون ۽ مسئلا گهڻا وڏا ۽ ڳنڀير آهن.
اهڙيءَ صورتحال ۾ سموريءَ سنڌ جو سفر ڪيوسين. هر شھر کي پنھنجو گهر سمجهيوسين. سنڌ سڄي پرينءَ جو پاڇو لڳندي هئي. ماڻهن جي محبت، پنھنجائپ ۽ خلوص انهيءَ اڻبرابريءَ واري سماج ۾ نوان رنگ ڀريا هئا. جهڏو هاءِ اسڪول جي شروعاتي شاگرديءَ کان وٺي مٺيءَ جي ڪاليج واري دور تائين، ۽ پوءِ ڄامشوري جي پَٽن تائين، زندگيءَ جي هر موڙ مون کي وڌيڪ پختو بڻايو هو. انهيءَ سفر ئي مون کي اهو سيکاريو ته اصل طاقت عھدي، دولت يا شھرت ۾ نه، پر ماڻهن جي محبت ۽ اعتماد ۾ هوندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سياسي ۽ سماجي سفر جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪرڻ باوجود، آئون پنھنجي ماضيءَ، پنھنجي پورهيت طبقي، پنننجن دوستن ۽ انهن ڏينھن کي وساري نه سگهيو آهيان، جن منھنجي شخصيت جو بنياد وڌو، ان ۾ بھترين رنگ ڀريا.
سنڌ جي مختلف شھرن، ڳوٺن ۽ وسندين سان اها محبت، ماڻهن سان اهو پنھنجائپ وارو رشتو ۽ وطن سان اها وابستگي ئي منھنجي اصل ميراث آهي.آئون وس آهر اها ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته پنھنجي ڪيل سفر کي هر وقت پنھنجو گواهه سمجهي، اڳتي وڌندو رهان. انسان آخر انسان آهي، غلطين جو پتلو، مٽيءَ جي پنوڙي مان جڙيل هڪ مجسمو، جنھن کان خطائون به ٿي سگهن ٿيون.
شاگرد سياست کان وٺي سينيٽ جي ايوان تائين پھچڻ وارو سفر رڳو ذاتي ڪاميابي نه، پر انهن پورهيتن، هارين، مزدورن، دوستن ۽ ساٿين جي دعائن، محبتن ۽ اعتماد جو نتيجو آهي، جن هر ڏکئي موڙ تي منھنجو حوصلو وڌايو، رهنمائي ڪئي. انهيءَ سفر ۾ انهيءَ طبقي جي اتساهه جو به وڏو حصو رهيو، جنھن مون کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. اسان سڀني تي پنھنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي هڪ امانت آهي، ۽ انسان جي اصل عظمت انهيءَ ۾ آهي ته هو پنھنجي وطن، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي ضمير سان وفادار رهي. منھنجي اصل دولت به اها ئي آهي .
اسين ماڻهو ڀٽڪيل قبيلن ۽ رولاڪ روحن جي پيڙائن ۾ پچي راس ٿيل ۽ ڏڏريل جذبن جي ڳوھيل خمير مان جڙيل اھي انسان آھيون، جن جي زندگيءَ ۾ جڏھن ڪي خوشين جا پل ايندا آھن ته بي ساخته ٽھڪن سان گڏ بنا ٻڌائي، لڙڪ به لارون ڪري لھي ايندا آھن. ان ڪري اسان ماڻهن جي خوشين توڙي غمين جي تھوارن ۾ ڪو خاص فرق نه ھوندو آھي، ۽ غمين گاڏڙ خوشين جي ڏڻن جو پنھنجو رومانس آھي.
البته وقت ۽ حالتن ھاڻي اسان کي گهڻو بدلائي ڇڏيو آھي. اسان چيٽي چنڊ بدران ھيپي نيو ايئر جا ھيراڪ بنجي ويا آھيون. راڄن جون ڪچھريون وساري، فيسبڪ تي رُسڻ پرچڻ جا عادي بنجي ويا آھيون. سالگره به فيس بڪ تي ٿا ملهايون.
مون هميشه ان ڳالهه جي پرچار ڪئي آهي ته زندگيءَ ۾ رشتن کي سنڀاليو، دوستن کي نه وساريو، پنھنجي ماضيءَ سان وفادار رهو ۽ هر حال ۾ انسانيت، سچائي ۽ محبت جو دامن هٿان نه ڇڏيو. ڇو ته آخرڪار انسان وٽ صرف نيڪيون، يادون ۽ ماڻهن جون دعائون رهجي وينديون آهن. مان پنھنجي زندگيءَ کي ٿورن لفظن ۾ سھيڙيان، ته شايد اياز جو هي شعر ان جي بھتر ترجماني ڪري سگهي:
🙏ڪنھن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنھن ڳاڙھي ڳل تي باک ڦٽي
ايئن وقت ڪٽيو، ايئن عمر لٽي سڀ سانگ سجايو آ پيارا. ( اياز)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا