ھو ڪراچيء ھليو ويو.
گڏيو گهاٽو سنگتي اياز ابڙو.
ڳالهه ھن کي ٻڌايم. اياز چيو، مان اياز صاحب ڏانھن ڪتاب کڻي ويندو رھندو آهيان. ايندڙ ھفتي گڏجي ھلجانء ته ملنداسونس.
ايندڙ ھفتي جي ھڪ ڏينھن شام جو پراڻي سکر جنات بلڊنگ واري گهر وياسون.
ننڍڙي اوطاق ۾ ادل سومرو ويٺو سندس شاعري فيئر ڪرڻ ۾ رڌل ھو. مليو، ۽ چيائين ته اياز صاحب گهر آهي ۽اچڻ وارو آهي.
جھٽ کن کان پوء اوطاق ۾ گهر جا ٻئي تاڪ کولي، اياز صاحب اسٽڪ تي ٽڪ ٽڪ ڪندو آيو.

اسان ٻنهي اٿي بيھي، ادب ۽ احترام سان ٻئي ھٿ ڏناسونس.
ھن ھڪ ھٿ ڏنو.
ڇا ته سندس ھٿ ھو !
ايڏو نرم ملايم ھٿ مون اڄ تائين ڪنھن جو نه ڏٺو آهي.
ڇھاءُ اڄ به ياد آهي!
سڃاڻپ ٿيڻ کان پوء، مون اياز صاحب کي چيو : “سائين! توهان سان اڪيلائپ ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي. “
اياز صاحب عقابي نظرن سان مون کي ڏسي، ادل سومري ڏانھن اشارو ڪندي, رُکي ۽ کھري نموني چيو: “تنھن جي معنىٰ مان ھن شريف ماڻهوءَ کي چوان ته اٿي وڃي!”
ادل کي سَمڪ نه ٿي ته ٿورو اٿي وڃي ھا يا ھن اياز صاحب جي ڳالهه جو خيال ڪري، کيس مانُ ڏنو.
اياز صاحب جي ان جملي مون کي صدمو ڏنو.
دل ۾ خنجر ٿي پيھي ويو.
انا ته ٻار کي به ٿيندي آهي ۽ ھو ڪنھن اڻ وڻندڙ ڳالهه تي ڪروڌ ڪندو آهي.
مان جوان ھيس.
جوانيءَ جو جوش شعلو ٿيندو آهي.
منهنجيءَ انا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
مون ته وضاحت گهرڻ پئي چاھي ۽ ادل جھڙي ويجهو رھندڙ اڳيان به پڇڻ نه پئي چاھي.
پوءِ مون ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان مضمون: ” فيصلو تاريخ ڪندي”. لکي اياز صاحب کي پٿر ھنيو.
ادبي جهنگ ۾ باه لڳي وئي.
وقت گذرڻ کان پوء پبلشر اعتراف ڪري پنھنجي غلطي مڃي.
نامياري ليکڪ اخلاق انصاريءَ مون کي حوال ڏنو ھو:
“زيب سنڌي لاڙڪاڻي مان سڳنڌ پبليڪيشن تحت ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا. اياز صاحب به کيس پنھنجن ڪتابن ڇپڻ جي اجازت ڏني.
ھڪ ڏينھن مسودو وٺڻ لاء اياز صاحب ڏانھن ويو پئي، ته مان به اياز صاحب سان ملاقات جي شوق ۾ زيب سان گڏ ويم.
ھن سان آفيس ۾ ملياسون. چانھ پيتي سون ته زيب کيس ڪتاب جي مسودي لاء چيو.
اياز صاحب چيس: “مسودي جو فائيل ميز تي رکيو ٿي. ھن ۾ ڪجهه ترجما به آهن. مان اھي ڌار ڪندس، ۽ ھيٺان ترجمو لکندس. تون مھربآني ڪري تڪليف ڪري, ايندڙ ھفتي مسودو کڻي وڃجانء.”
زيب ڪونه مڙيو ۽ مسودو کڻي اياز صاحب کي چيو: “توهان دل جاءِ ڪيو، مان پاڻ ھي ترجما الڳ ڪندس.”
منھنجي پاڙيسري اياز جو گهر
منھنجي گهر جي پويان واري گهٽيء ۾ آهي.
گهر اڳيان کوهه ھوندو ھو.
نم جو گهاٽو وڻ ھوندو ھو.
ھاڻي نه گهر آهي،
نه کوهه
نه وڻ!
پر
شاعريء جو جرنيل اياز
جبل وانگر بيٺو آهي.

ارشاد آدرش صاحب! شڪارپور جي انهيءَ 2025 واري ملاقات جي هٻڪار اڄ به تازي آهي، جتي توهان هيءَ ڪهاڻي مون سان ونڊي هئي. مان توهان جي همت کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن نه صرف پنهنجي غلطي کي مڃيو، پر ان کي دنيا جي آڏو پُوري سچائيءَ سان نروار ڪيو. سچ ته اها اخلاقي بلندي ۽ جرئتِ رنداڻي اسان سڀني لاءِ هڪ روشن مثال آهي. ڪاش! اسان به اهڙو سچ ڳالهائي سگهون.
آدرش ڀاءُ، شيخ اياز صاحب بابت اوهان جي لکڻي گهڻي پسند آئي. اوھان ان ريت يادگيريون لکندا رهو ته سنڌي ادب ۾ سٺي ادب جو واڌارو ٿيندو. توهان جي ان لکڻي پڙھندي ماضيءَ جو اھو دور ياد اچي ويو جڏهن اياز سکر ۾ رهندو هو ۽ شاعري جا نوان ڪتاب ٽڪرا ٽُٽُل صليب جا ۽ واٽون ڦُلن ڇانئيون ڇپيا ھئا.
ارشاد شيخ “آدرش”
ھڪ ڪمال ماڻھو آھي.
مان ھن جي شخصيت ۽ فن جو مداح آھيان.
آدرش جي لکڻ جو ڏانء منفرد آھي.
ھي مڪمل مضبون ناھي ان جو ٻيو حصو رکيو ويو آھي
جيڪڏهن پھريون بـ حصو رکيو وڃي ھا تـ مزو ٿي وڃي ھان.
پوء بـ ڪمال آھي.
جيئي سنڌ جيئي لطيف.💞🙏🏻
Uhy adriah pann likhyal ya kahe likhee ddina huiyas .eho b aadriah bbudhaiy pann t bihter aa