Homeميڊياصنف، صحافت ۽ ميڊيا

صنف، صحافت ۽ ميڊيا

ھاڻي صحافت کي رڳو خبرون رسائڻ جو ذريعو سمجهڻ ڪافي ناهي. اڄوڪي دور ۾ صحافت هڪ اهڙو سگهارو نظام بڻجي چڪو آهي، جيڪو اهو طئي ڪري ٿو ته ڪير منظر تي اچي، ڪير ڳالهائي، ڪنھن کي “دانشور” طور مڃيو وڃي ۽ ڪھڙيون ڪھاڻيون “خبر” بڻجن. حقيقت ۾، ميڊيا سماج جو رڳو عڪس ناهي، پر اها سماجي پرک، سوچ ۽ ترجيحن کي نئين شڪل ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي. هن پسمنظر ۾ صنفي اڻبرابري رڳو هڪ سماجي مسئلو نه رهي آهي، پر اها صحافتي نظام جي بنيادي ڍانچي ۾ ويٺل هڪ گھري ڪمزوري آهي.
ميڊيا ۾ موجود هڪ طرفي جهڪاءُ (Bias)جو تصور گهڻو وسيع ۽ گهڻ پاسائون آهي. اهو صرف ڪنھن هڪ رخ واري رپورٽنگ تائين محدود ناهي، پر لفظن جي چونڊ، خبر جي پيشڪش، ذريعن جي چونڊ ۽ انهن کي ڏني ويندڙ اهميت ۾ به ظاهر ٿئي ٿو. گهڻو ڪري اهو عمل ڄاڻي واڻي نه هوندو آهي، پر ادارتي روايتن ۽ روزمره جي فيصلن ۾ اڻڄاتل نموني شامل ٿي ويندو آهي. نتيجي طور ڪجهه آواز وري وري سامهون اچن ٿا، جڏهن ته ٻيا اهم آواز پوئتي رهجي وڃن ٿا، ۽ اهڙي طرح عوامي بحث جو دائرو آهستي آهستي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو.
انهن سڀني رخن مان صنفي فرق سڀ کان وڌيڪ چٽو ۽ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. عالمي سطح تي ٿيل اڀياس ٻڌائين ٿا ته عورتن جو انگ صحافت ۾ وڌڻ باوجود سندن اثر نه وڌيو آهي. ڪيترن ملڪن ۾ عورت صحافين جو انگ وڌي 30 کان 40 سيڪڙو تائين پھچي ويو آهي، پر فيصلا ڪندڙ عھدن تي مردن جو غلبو اڃا برقرار آهي. خبرن ۾ به عورتن جي نمائندگي انتھائي گهٽ رهي ٿي؛ گهڻين حالتن ۾ اهي رڳو “عام راءِ” ڏيندڙ يا متاثر ڌر طور پيش ٿين ٿيون، جڏهن ته ماهر، پاليسي ساز يا فيصلا ڪندڙ طور سندن موجودگي انتھائي محدود آهي. اها حالت صرف نمائندگيءَ جي گهٽتائي تائين محدود ناهي، پر خبرن جي توازن ۾ هڪ واضح بگاڙ کي به ظاهر ڪري ٿي۔
هن اڻ برابريءَ جو هڪ وڏو سبب صحافتي ذريعن جو روايتي ڍانچو آهي. صحافي عام طور تي انهن ماڻهن سان رابطو ڪن ٿا، جيڪي اڳ ئي بااثر آهن؛ جھڙوڪ سياستدان، ڪاروباري شخصيتون يا ادارن جا سربراهه، ۽ اهي سڀ شعبا تاريخي طور مردن جي غلبي هيٺ رهيا آهن. پر هتي هڪ اهم حقيقت به سامهون اچي ٿي: صحافت مڪمل طور تي بیوس یا مجبور ناهي. تحقيق ڏيکاري ٿي ته جڏهن صحافي شعوري طور پنھنجن ذريعن کي گهڻ پاسائون بڻائين ٿا ته توازن ممڪن آهي. ان ڪري صنفي فرق صرف سماجي حقيقتن جو پڙاڏو ناهي، پر اهو صحافتي ترجيحن ۽ چونڊن جو به نتيجو آهي.

صنف، صحافت ۽ ميڊيا

نيوز روم جو ماحول هن مسئلي کي وڌيڪ چٽي نموني سامهون آڻي ٿو. تحقيق ٻڌائي ٿي ته صحافت ڪا مڪمل طور اڻ ڌري/ غيرجانبدار جڳھ ناهي، پر هڪ اهڙو ادارتي ماحول آهي جتي مرداڻا قدر گهڻي عرصي کان غالب رهيا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي صحافي پاڻ هن فرق کي محسوس ئي نٿا ڪن ۽ صحافت کي “اڻ ڌريو” سمجهن ٿا، جڏهن ته سندن روزمره جو ڪارج ، ڪم جا ڊگها ڪلاڪ، غير رسمي طاقت جا لاڳاپا ۽ مرداڻا نيٽ ورڪ اصل حقيقت کي ظاهر ڪن ٿا. صنف هتي کليل تڪرار طور نه پر روزاني عملن ۾ “جيئري” رهي ٿي؛ ڪڏهن ظاهر، ته ڪڏهن لڪل.
روزمره جي ڪم ڪار ۾ به صنف جو اثر واضح نظر اچي ٿو. ڪير اڳيان اچي ٿو، گڏجاڻين ۾ ڪنھن جي ڳالهه کي وزن ملي ٿو ۽ ڪير غير رسمي فيصلن جو حصو بڻجي ٿو؛ اهي سڀ ڳالهيون طاقت جي ورڇ کي طئي ڪن ٿيون. مرد اڪثر انهن گڏجاڻين ۽ اٿ ویھه ۾ وڌيڪ سرگرم هوندا آهن جتي اهم فيصلا ٿين ٿا، جڏهن ته عورتون انهن موقعن کان پري رهجي وڃن ٿيون. اهي ننڍڙيون محروميون گڏجي وڏي اڻ برابريءَ کي جنم ڏين ٿيون.
ساڳئي وقت، تحقيق اهو به ٻڌائي ٿي ته پيشيوراڻي سوچ ۽ صحافتي قدرن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ وڏو فرق ناهي. مختلف ملڪن ۾ ٿيل جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته صحافي، ڀلي مرد هجن يا عورتون، خبرن بابت پنھنجا بنيادي خيال لڳ ڀڳ ساڳيا رکن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسئلو فردن ۾ گهٽ، ۽ ادارتي ماحول ۽ روايتن ۾ وڌيڪ آهي.
صحافت جي پيشي ۾ خطرن جي نوعيت پڻ صنفي طور مختلف آهي. خاص طور تي فیلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عورت صحافين کي نه رڳو عام خطرن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، پر کين جنسي هراسان ڪرڻ، ڌمڪين ۽ سماجي دٻاءَ جھڙين حالتن سان به وڙهڻو پوي ٿو. ڪيتريون ئي عورتون ٻڌائين ٿيون ته کين ڪجهه حالتن ۾ رسائي جا فائدا به ملن ٿا، پر خطري جو احساس، خاص طور تي جنسي تشدد جو خوف، سندن ڪم کي محدود ڪري ٿو. آزاد / فری لانس صحافين لاءِ اهي خطرا وڌيڪ ڳرا ٿين ٿا، ڇو ته کين نه تربيت ملي ٿي ۽ نه ئي مناسب تحفظ.
پاڪستان ۾ اهي مسئلا وڌيڪ گھرا ۽ پيچيده آهن ۔ تازن انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ عورت صحافين جو انگ نه رڳو گهٽ آهي، پر گذريل سالن ۾ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. فيصلي سازيءَ جي عھدن تي عورتن جي موجودگي انتھائي محدود آهي، ۽ ڪيترن ادارن ۾ ته مٿين سطح تي هڪ به عورت موجود ناهي. خبرن ۾ عورتن جي نمائندگي به انتھائي گهٽ آهي؛ نه رڳو سندن آواز گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر انهن کي گهڻو ڪري نرم موضوعن تائين محدود ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستاني ميڊيا ۾ عورتن جي تصوير گهڻو ڪري هڪ محدود دائري ۾ قيد رهي ٿي. کين گهڻو ڪري تشدد جو شڪار، بيوس يا سماجي مسئلن سان لاڳاپيل ڪردار طور پيش ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته کين ماهر يا پاليسي ساز طور گهٽ ئي ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي پيشڪش عورتن جي سماجي حيثيت کي گهٽائي ٿي ۽ عوامي بحث کي هڪ رخ وارو بڻائي ٿي.

صنف، صحافت ۽ ميڊيا

ساڳئي وقت، پاڪستان ۾ عورت صحافين لاءِ ماحول ڏينھون ڏينھن وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. فيلڊ رپورٽنگ جي خطرن سان گڏ آن لائين هراسان ڪرڻ، ڊجيٽل ٽرولنگ، ڊاڪسنگ ۽ بدناميءَ جون مھمون عام ٿي چڪيون آهن.
آن لائين يا سوشل ميڊيا تي ڪنھن شخص کي ڄاڻي واڻي تنگ ڪرڻ، چِيڙائڻ، بدنام ڪرڻ يا ذهني دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ بار بار منفي تبصرا ڪرڻ، غلط ڳالهيون لکڻ يا حملو ڪندڙ رويو اختيار ڪرڻ کي ڊجيٽل ٽرولنگ چيو وڃي ٿو.
ڊاڪسنگ (Doxxing): ڪنھن شخص جي نجي يا ذاتي معلومات؛ جھڙوڪ فون نمبر، پتو، سڃاڻپ جا تفصيل، ان جي اجازت کان سواءِ انٽرنيٽ تي ظاهر ڪرڻ يا عام ڪرڻ، جيئن کيس نقصان پھچائي سگهجي يا دٻاءُ وڌائي سگهجي، ان کي ڊاڪسنگ چيو وڃي ٿو۔ ڪيترين حالتن ۾ خانداني ۽ سماجي دٻاءُ به عورتن کي صحافت ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪيترين عورتن لاءِ خودسينسرشپ ئي هڪ واحد بچاءَ جو رستو بڻجي وڃي ٿو.
هن سڄي بحث مان هڪ ڳالهه بلڪل صاف سامهون اچي ٿي: صنفي اڻبرابري رڳو نمائندگيءَ جو مسئلو ناهي، پر اها ادارتي ڍانچي، سماجي قدرن ۽ پيشيور روايتن ۾ ويٺل هڪ گھري خرابي آهي. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف انگ وڌائڻ ڪافي ناهي؛ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فيصلي سازي، ادارتي پاليسين ۽ صحافتي روايتن ۾ بنيادي تبديليون آيون وڃن، ۽ شعوري طور متوازن نمائندگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي.
اصل سوال اهو ناهي ته صحافت ۾ عورتون موجود آهن يا نه، پر اهو آهي ته ڇا کين برابر جو اختيار ۽ آواز حاصل آهي؟ جيڪڏهن آواز ته هجي پر اثر نه هجي، ته ان کي برابري نٿو چئي سگهجي. صحافت جي سچائي، ان جي وقعت ۽ ان جو معيار ان ڳالهه ۾ سمايل آهي ته اها پنھنجي اندر سڀني آوازن کي ڪيتري جاءِ ڏئي ٿي.

حوالا:
هي مضمون مختلف بين الاقوامي تحقيقي مقالن ۽ علمي مطالعي جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. خاص طور تي ٽيمو اسپنڊي، فاطمه اسَر، جينيٽ هيرس، پاولا لوبو، ماريه سلويرينها ۽ ٿامس هانٽزچ جھڙن محققن جي ڪم مان رهنمائي حاصل ڪئي وئي آهي، جن ميڊيا جي لاڙن، صنفي نمائندگي ۽ صحافتي ڍانچي بابت اهم تحقيق پيش ڪئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا