Homeادبنوٽ بڪتوکي ڏسڻ لاءِ رڳو آئون اڀي پير بيٺل نه آهيان، سج به...

توکي ڏسڻ لاءِ رڳو آئون اڀي پير بيٺل نه آهيان، سج به ٽڪ ٻڌي بيٺل آھي

*هي جيڪو اسان جي وطن کي ليڪو نڪتو آهي، ان اسان جي هنئين ۾ سير وجهي ڇڏي آهي ۽ جڏهن سير پوندي آهي ته رت ڪيئن اٻڙڪا کائي نڪرندو آهي، انهي درد جي خبر ته ڪٺل کي هوندي، تڪيبر هڻندڙ کي ته تصور ۾ گوشت جي ڀوڳهڙي جي خوشبو هوندي آهي.
آروکي کان موٽندي، جڏهن منھنجو يار ڀومسنگھ سوڍو ٻائيءَ کي تار جي هن پار روانو ڪرڻ مھل هن جي جدائيءَ جا قصا اوري رهيو هو ته هن سان گڏ فقير غلام محمد ‘ مجيد ڏيري ۽ منهنجيون اکيون به لڙڪن جي انهي ساڳي رڌم تي وڄي رهيون هيون ۽ هن جي آواز جي رڦڻي آريءَ جيئن جيءَ جي آر پار وڍي رهي هئي
” ادا ٻيو ته ٺھيو اسين ته ان ٻانگ لاءِ سڪي ويون آهيون، جيڪا اسان جي ڳوٺ جي مسيت مان اٿي مورن کي به جاڳائي ويندي هئي. “
ڀومسنگھ جڏهن اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته مون سندس ڪرائيءَ ڏانهن ڏٺو هو، جتي هڪڙي اڻ ٻڌل رکڙي جو نوحو اداس پيو هو.

توکي ڏسڻ لاءِ رڳو آئون اڀي پير بيٺل نه آهيان، سج به ٽڪ ٻڌي بيٺل آھي

**آئون جڏهن به زندگيءَ تي سوچيندو آهيان ته منھنجي تصور ۾ ڏاڏي اجي ڀيلڻ اچي ويندي آهي. زندگيءَ جي ڪھڙي ذلالت هئي، جيڪا هن ڪونه ڀوڳي هئي. هڪڙو ئي پٽ هئس، سو به دم جو مريض هو. جڏهن سندس ور ڦوه جوانيءَ ۾ گذاري ويو ته سندس عزيزن کيس ٻيو مڙس ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن پنھنجو مٿو ڪوڙي ڇڏيو ۽ چيو ” آئون ڪا شادي نه ڪنديس. پنھنجي بيمار پٽ سان گڏ رهنديس ۽ سندس علاج ڪرائينديس. ” هن سڄي عمر سئو سالن جي ڄمار تائين روزانو جي بنياد تي نه صرف پنھنجي بيمار پٽ جو علاج ڪرايو، سندس شادي ڪرائي ۽ ان جي اولاد جي پرورش ڪئي. آئون جڏهن زندگي تياڳڻ وارن جا قصا ٻڌندو آهيان ته الائي ڇو مون کي ڏاڏي اجي جي تياڳ جو تصور ايندو آهي ته زندگيءَ سان رهي زندگيءَ کي ائين به تياڳبو آهي.
مون کي مون پرين ‘ ٻڌي وڌو ٻار ۾.

*** منهنجي شھر جي ماڻهن جا اڇا ڏند ۽ کل جي سڄي موڙي اسان جي ڳوٺ جي ڪري ئي هئي، جو اسان جا وڏا کير وڪڻندا هئا ۽ ماما جمن کل ورهائيندو هو.

**** تو کي ڏسڻ لاءِ رڳو آئون اڀي پير بيٺل ڪونه هوندو هئس، سڄ ٽڪ ٻڌي ويندو هو ۽ ڪويل اڏڻ جو هنر وساري ويھندي هئي.

* مون سالن تائين تنھنجي وڇوڙي جو سوڳ ملهايو آهي ۽ اڄ جڏهن پنھنجي شاعري ڏسان ٿو ته ” اڙي ! تون ته ويئي ڪڏهن آهين !”

اسان کي جڏهن به سھڻي سنڌ اڏڻ جا خواب ڏنا ويا هئا ته آئون سوچيندو هئس، اها سنڌ ڪھڙي هوندي. ته سامهون تون کلي اٿندي هئين !

* نم هيٺ ويٺو آهيان ‘ مٿي ڪويل ڪوڪي پئي ‘ آسمان ۾ اڇا ڪڪر ڏنگن ٻارن جيئن سڄ جي اکين تي هٿ ڏيئي کيس چيڙائي رهيا آهن ‘ ڪنڊيءَ جي ٽار تي سڱرين جي جهوڙي پويان روهيڙي جا گل فطرت کي پاتل سڳيءَ جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن ‘ منهنجي ڳوٺ جا ڪولهي لاباري تان ڪڻڪ جي لوڊينگ ڀري آيا آهن ۽ بک کي ڀونڊا ڏيئي رهيا آهن. ٽالهي جي توتين جي هوا تي وڄت چوڙين جي ياد ڏياري رهي آهي ‘ سامهون ماما جمن جي قبر تي هڪڙو اطمينان وسي رهيو آهي ” اهڙي حسين سنڌ لاءِ هر هر جنم وٺي سگهجي ٿو. “

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا