Homeغير فهرست ٿيلدل جي مرضن جي دنيا (دل ڪا نه ڪرنا اعتبار ڪوئي!)

دل جي مرضن جي دنيا (دل ڪا نه ڪرنا اعتبار ڪوئي!)

ان وقت سڀ خوف ۾ وٺجي وڃن ٿا، جڏهن اوچتو ڪنھن جي موت جي خبر ٻڌن ٿا. همراه کي ڇا ٿيو؟ سائين! کلندي ڪڏندي هليو ويو. رات ته ڪچھري پئي ڪيائين، پر اوچتو دل جو دورو پيو، نه بچي سگهيو.  هيءَ روز جي خبر آهي. هر روز توهان ڪنھن نه ڪنھن جو ٻڌو ٿا. اڳ امير ماڻهن کي دل جي بيماري ٿيندي هئي. غريب ويچاري کي خبر به نه هئي. بزرگن يا 40 سالن کان پوءِ وارن کي دل جو مسئلو ٿيندو هو. پر اڄڪلھه ته 30 سالن واري جوان کي به دل جو مسئلو ٿئي ٿو.  پر ڇا توهان ڪڏهن ائين سوچيو آهي ته انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ گهڻا ماڻهو ته انهيءَ کي الله جي مرضي سمجهي،  ڳالهه اتي ختم ڪريو ڇڏين. ڪن جو چوڻ آهي ته سائين ڪرونا ويڪسين جي لڳڻ کان پوءِ دل جي  بيمارين ۾ اوچتو موتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا. ملڪ ۾ پريشاني وڌي ويئي  آهي. عدم تحفظ آهي،

 پاڪستان ۾ 2 هزار کان  وڌيڪ ماڻهن  کي روز دل جو دورو پوي ٿو. جن مان ڪراچيءَ ۾ روز هڪ سئو ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. پوريءَ سنڌ ۾ 250 کان 300 رپورٽ ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دل جو دورو قزاقستان، روس، يوڪرين، پوءِ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي پوي ٿو. اهڙيءَ طرح ڊائيبيٽڪس يا شوگر جي بيماري ۾ پاڪستان جو دنيا ۾ پھريون نمبر آهي. پاڪستان ۾ ڪل 4 ڪروڙ 4 لک شوگر جا مريض آهن. يعني هر سئو مان 31 مريض شوگر جا آهن. جھڙيءَ طرح شگر ۽ دل جو مرض پاڪستان ۾ وڌي پيو ته  ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ هر ماڻهو شوگر کان پوءِ دل جو مريض هوندو.

آخر ڪھڙو سبب آهي جو پاڪستان ۾ دل جون بيماريون وڌي رهيون آهن.؟

هڪ سبب ته ڪرونا ويڪسين به چئي سگهجي ٿو، جنھن کي تڙ تڪڙ ۾ تيار ڪري، پاڪستان جھڙي ملڪ تي آزمايو ويو هو. تجربو ئي پاڪستان تي ڪيو ويو هو. انهيءَ جا سائيڊ افيڪٽ به ٿي سگهن ٿا. پر  اڃا اصل سبب ٻيا به آهن.

سڄيءَ سنڌ ۾ حڪومت جون ٽي چار  دل جون اسپتالون آهن. باقي ڪجهه نجي آهن. ڪراچيءَ ۾ صرف هڪ اسپتال آهي. اتي وڃي ڏسو، ماڻهن ۽ ماڪوڙِن۾ ڪو فرق نه نظر ايندو.

سڀ کان وڏو مسئلو پاڪستان ۾ غذائي ملاوت ۽ نقلي شين جو عام جام ٺھڻ آهي. هن ملڪ ۾ جڳھه جڳھه تي نقلي  شيون ٺھڻ جون فيڪٽريون آهن. مثال:  کاڄرو تيل، چپس، مصالا وغيره. 

کير

ان کان پوءِ هر شيءِ ۾ ڪميڪل ملائڻ جو رواج آهي. مثال جيڪو توهان کير پيئو ٿا، اهو پاڪستان ۾  خالص نٿو ملي. پاڻي وجهڻ ته وري به ٺيڪ آهي، پر ڪيميڪل جو ٺاهيل کير مارڪيٽ ۾ عام جام هلي ٿو. ٻيو ته ٺھيو، پر مينھن کي آڪسوٽوسن جي انجيڪشن هڻڻ به روز جو معاملو آهي. اهو ڪيميڪل  ڪروڙين ماڻهن جي پيٽ ۾ وڃي ٿو. جيڪو گردن ۽ جگر کي خراب ڪري ٿو.  جسم ۾ ڪيميڪل جو سيڪڙو وڌڻ سان رَت جو زور وڌي ٿو.  

فارمي ڪڪڙ

وري  ڪڪڙين جا فارم ڏسو. چُوزن جو کاڌو ڏسو، مڪمل ڪيميڪل جو. جتي اهو کاڌو ٺھي ٿو، اتي ڪم ڪرڻ وارو ٻن ٽن سالن ۾ مري وڃي ٿو. ايتري گندگيءَ واري غذا ٺاهي مرغين کي کارائي وڃي ٿي.  اها آخرڪار ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ وڃي ٿي. ان کان علاوه مُئل مرغيون اڇلايون ڪونه وينديون آهن. گوشت ٺاهي، توهان کي وڪيو ويندو آهي. توهان هوٽلن تي يا شاديءَ ۾ اڪثر مُئل مرغيون ڏاڍي شوق سان کائيندا آهيو.

کاڄرو تيل

توهان داٻيچي کان ڪورنگي واري پاسي ڏسو، ته توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته هتي ڇا ٿو ٺھي. اصل ۾ تيل ٺھي رهيو آهي، جيڪو مُئل جانورن جي هڏن، مرغيءَ جي ڪچري، آنڊن،  ۽ ٻين ڪميڪلن کي ملائي ٺاهيو وڃي ٿو. جيڪو هر قسم جي برانڊ ۾ دستياب آهي. توهان مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ڪمپنيون ڏسو ٿا. تيل ساڳيو آهي. صرف نالا الڳ الڳ آهن. اهو تيل سمورو زهر آهي، جيڪو نَسن ۾ رت ۾ ڄمائي، خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري ٿو. دل جي شريانين ۾ رَت ڄمڻ سبب رت جو دٻاءُ وڌي ٿو. آخرڪار توهان کي دل جو دورو پوي ٿو.

پريشاني   يا ذهني دٻاءُ

 روز به روز ملڪ جون حالتون خراب کان بدتر ٿي رهيون آهن. ماڻهو سوچين ٿا ته شايد هاڻي ملڪ ۾ ڪا تبديلي اچي، ڪرپشن بند ٿئي. روزگار جا دروازا کلن، انصاف ملي، پوليس گردي بند ٿئي، روڊ ٺھن ، هاريءَ کي ڀاڻ سستو ملي، پر نه  ڪجهه به ناهي ٿيڻو. روز بروز سماج ٽٽي رهيو آهي، بداخلاقيءَ جو طوفان وڌي رهيو آهي. ڪٿان به انصاف جي اميد باقي نه رهي آهي. هر نوجوان پريشان آهي. هر بزرگ پريشان آهي. مقابلي بازيءَ جو طوفان حد پار ڪري ويو  آهي.  

مذهب

ماڻهو ويچارو پريشانيءَ ۾ مذهب ۾ پناهه وٺڻ لاءِ عبادگاهن جو رُخ ڪن ٿا، ته اتي وري مُلان جي فرقيواريت توهان جو استقبال ڪندي. ڪمرشلزم اتي به توهانجي انتظار ۾ هوندو. لائوڊ اسپيڪر تي تيز آواز جو مقابلو. ٻئي فرقي واري کي جهنمي قرار ڏيڻ جو مقابلو. توهان منجهي پوندا. وري بي سڪوني کڻي ايندا.

دوائون

پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ جعلي دوائون ٺھن ٿيون. ڪير ٿو ٺاهي ؟ ان جو ڏس پتو ڪونه ملندو. توهان  پنھنجي ڪمپني کوليو، جعلي دوائون ٺھرايو، اسٽور تي وڪڻو، ڪميشن تي ڊاڪٽر کي بئنڪاڪ جو دورو ڪرايو، عمرو ڪرايو. گهڻا ڊاڪٽر بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪميشن لاءِ دوائون لکي ڇڏين ٿا. اينٽي بائيوٽڪ جو استعمال ڪيڏو خطرناڪ آهي، مريض تي ان جا ڪھڙا اثر وجهي ٿو، انهيءَ لاءِ ڪا به سجاڳي ناهي. اڪثر مريض کي مليريا جون دوائون بغير ٽيسٽ جي ڊاڪٽر لکي ڏيئي ڇڏيندا آهن. شوگر جو مريض رڳو هٿ اچي.  اهڙيءَ صورتحال ۾ جتي جعلي دوائون هجن، ڊاڪٽر بلائينڊ دوائون ڏيندا رهن، ته پوءِ مريض جا گردا ئي ختم ٿيندا. اهڙيون دوائون به دل جي دوري جو سبب بنجن ٿيون .

خبر ناهي دوائن ۾ ڪھڙو ڪيميڪل ملايو وڃي ٿو. ڊرگ ريگيوليٽ اٿارٽي ايئن آهي جيئن پوليس قانون جي رکوالي آهي. عدالت انصاف ڏيڻ لاءِ آهي. دنيا جو خطرناڪ ڪرپٽ ملڪ ائين ماڻهن کي ماري ٿو. توهان سوچي به نٿا سگهو.

اسان جو لائف اسٽائل

توهان ڪنھن به فاسٽ فوڊ جي دوڪان تي وڃو. شام جو ائين رش هوندي، جو لڳندو ته مفت ۾ ورهائن پيا. فاسٽ فوڊ جو ڌنڌو اڄڪلھه جو ڏاڍو اهم منافع بخش ڪاروبار آهي. ان کان پوءِ اسان جا ماڻهو هوٽلنگ جا شوقين ٿيندا وڃن. اسٽيٽس،  دٻدٻو، ٻئي کي لئي ڏيکارڻي آهي ته رات جو ٻارن کي وٺي هوٽلنگ ڪريو يا دوستن سان هوٽلن تي رات جو ماني کائو. وري اسٽيٽس رکو.  ٻئي طرف رات جو دير تائين ڪوريئر سروس وارا فاسٽ فوڊ پھچائڻ  ۾  رڌل هوندا آهن. ڀلي ڪمائي نه هجي، پگهار پورو سورو هجي، پر پارسل گهرائڻ ۾ وڏو شان ۽ مان آهي. اڪثر  اهڙا واقعا ٿيا آهن ته رات جو هوٽل تان ماني کائي آيا. همراهه کي دل جو دورو پئجي ويو. هوٽلنگ ۽ فاسٽ فوڊ ۾ سينٿيٽڪ مصالا ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت ۽ تيل هوندو آهي، جيڪو توهان جي صحت کي تباهه و برباد ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ عجيب بيماري آهي. شام جو ماڻهو سموسا کائڻ جا شوقين آهن، جيڪي مضر صحت هوندا آهن. اڄڪلھه نئين جنريشن/ ڊجيٽلائيزڊ پيڙهي فاسٽ فوڊ جي عادي آهي. رات جو دير تائين جاڳڻ ڏينھن جو دير سان اٿڻ جا شوقين آهن.  

ورزش نه ڪرڻ

اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي جو ماڻهو ورزش ڪن. پارڪن ۾ وڃن. ڊوڙون  پائن. آفيس مان اچڻ کان پوءِ  موبائل تي باقي وقت گذارڻ کي عادت بنائي ڇڏي اٿن،  جنھن ڪري جسم  ٿولهه جو شڪار ٿيندو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي جلدي دل جي بيماري ٿئي .

ڊپريشن

ڊپريشن جديد پاڪستان جي  عام بيماري آهي. دنيا ۾ هونءَ به نفسياتي مسئلا وڌي رهيا آهن. ماڻهو غصي ۾ ، محروميءَ ۾ رهڻ، عدم تحفظ ۾ رهي رهي غصي جو شڪار ٿي، آخر ڪار ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيو وڃن. پوءِ خوف، ڊپ، ننڊ نه اچڻ، بک نه لڳڻ، رت جو دٻاءُ وڌڻ عام ٿي وڃي ٿو . اهڙي صورتحال به دل جو مرض پيدا ڪري ٿي.

ڊجيٽلائيزڊ دنيا

 رشتا ناتا سڀ ڊجيٽلائزڊ ٿي ويا آهن. هاڻي ملاقات فيس بڪ تي ٿئي ٿي. ڪير ڪنھن جو دوست ناهي.  محبتون ، همدرديون، پنھنجائپ ختم ٿي ويئي. ڪير ڪنھن به مسئلي جو شڪار ٿئي ٿو ته ڪير به مدد لاءِ نٿو اچي. ماڻهو اڪيلو ٿيندو وڃي.

اڪيلائي، بوريت، آخرڪار نفسياتي مسئلن کي جنم ڏئي ٿي. ان کان پوءِ ڪمرشل رِيل، جن ۾ ماڻهو اخلاق، انسانيت ۽ سچ کان محروم ٿي ويو آهي. سڄو ڏينھن ڪوڙ ٺاهي ٺاهي ماڻهو رِيل رکن ٿا. لائف اسڪرولنگ ٿي ويئي آهي. هر شيءِ خواب وانگر آهي، دل کولي نه ماڻهو ڳالهائي ٿو، نه ڪچھري ڪري ٿو، نه پيار، نه رشتن جي مٺاس. سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. ماڻهو مري به وڃي ته ڪو فرق نٿو پوي. ڇو ته احساس ختم  ويو.  

منشيات

شراب نوشي، گٽڪو، سگريٽ ، شيشو، ٻيا به الائي ڪھڙا نشا هن سماج ۾ هڪ وڏي معيشت آهن،  جن مان اربين روپيا ڪمايا وڃن ٿا.  عوام کي بيماريون ملن ٿيون. سنڌ ۾ ڪچو شراب يعني ٺرو به عام هلي ٿو، جيڪو ڪيميڪل جو ٺاهيل آهي. توهان ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته هن ملڪ ۾ وائين نٿو ٺاهيو وڃي، جيڪو بھتر ٽانڪ آهي، پر وسڪي، هيروئن، گٽڪو عام ملي ٿو. توهان کي وائين ڪونه ملندو، ڇو ته  ماڻهو بيمار ڪرڻا آهن. اسپتالون، دوائن واري مافيا جو ڌنڌو به هلائڻو آهي. ان مان اربين روپيا ڪمائڻا آهن.

آدمشماري

چون ٿا ته دنيا ۾ مسئلا وڌيا آهن، جنھن جو اهم سبب آدمشماريءَ جو حد ٽپي وڃڻ آهي.  هر پنجاهه سالن کان پوءِ آدمشماري ٻيڻي پئي ٿئي. 2050 ع تائين پاڪستان جي آدمشماري 50 ڪروڙ ٿي ويندي. دنيا جي آبادي 15 ارب ٿيڻ جا امڪان آهن. ڪجهه  سائنسدانن جو خيال آهي ته آدمشماري هاڻي ٻيڻي ڪانه ٿيندي. بلڪ  قدرتي عمل موجب جنگيون، وبائون، ڏڪار،  وائرس ايندا، جيڪي آدمشماري کي ڪنٽرول ڪندا. پر جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي 50 ڪروڙ ٿيندي ته ڇا ٿيندو؟؟

  پوک جي زمين ختم ٿي ويندي، باغ  ختم ٿي ويندا، گهر سوڙها ٿي ويندا، وڻ سڀ وڍجي ويندا. آڪسيجن جي کوٽ ٿي ويندي. هر ماڻهوءَ کي آڪسيجن جو سيلينڊر  پٺن تي کڻڻو پوندو. جيڪو آڪسيجن نه وٺي سگهندو، اهو نه جيئندو. کاڌو ملڻ مشڪل هوندو. ڏڪار  هوندو. غريب ماڻهو ختم ٿي ويندو.  خانه جنگي هوندي. ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. جانورن کان بدتر زندگي هوندي. اهڙيءَ صورتحال جي شروعات ٿي چڪي آهي، جو روڊن تي ٽرئفڪ جام هئڻ، ٽي بي، ڪينسر، دل، گردن، ڦڦڙن جو مرض هاڻي وڌي رهيو آهي. اسپتالن ۾ ڪو علاج ناهي. علاج جي سھولت مھانگي آهي. حڪومت جو ڪم صرف ڪرپشن آهي. ٽپوري ڪلچر، اخلاقي قدرن جو ختم ٿيڻ عام ٿي ويو آهي. بس دل به انهن حالتن جو شڪار آهي.

 هوشيار ٿي وڃو. سجاڳ ٿيو، غفلت جي ننڊ مان اٿو، ديکا ديکي ڇڏيو. ڏيکاءَ ۾ نه اچو. ڪم ڪار ڪريو، واندا نه ويھو. نه هوٽلنگ ڪريو، نه فاسٽ فوڊ کائو. ڪڏهن به  فارمي ڪڪڙ نه کائو، ان کان بک ۾ سمهي رهو. مصالا نه کائو. سبزيون کائو، فروٽ جام کائو. ٽينشن نه کڻو. هن  دنيا تي حڪمراني  مافيائن جي آهي.  هيءَ طاقت جي جنگ  جيئاپي جي جنگ آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ڪرپشن ڪري مٿئين طبقي ۾ وڃي ته جيئي. نه ته جيئاپي جي جنگ هارائي ويندو.  ڇو ته دل جي دوري جو علاج به صاحب حيثيت جو ٿئي ٿو. عام ماڻهوءَ کي اسپتال وارا کنگهن به ڪونه.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا