گهڻي قَدرُ سليس، سَھل ۽ لوڪ واهپي جِي ٻوليءَ ۾ لفظنَ جِي جَڙاوَتِي گُلابَ وَرکا ڪندڙ ڪَوِيگُلاب چانڊيي جي شعر چوڻ جو اِظھار بيحد سادو ۽ اَثرائتي مَنُ ماجرا بيان ڪرڻ وارو آهي. پر پڙهندڙ هِن جِي شاعريءَ کي ساهتڪِ سَٻنڌُ وارِي ڪَوِتاگَرِيءَ مان ٻاهرتو ڪري بيھارڻ ۽ سُگهڙائِپُ وارِي گُفتنَ گُلڪارِيءَ جي ذمري ۾ گڏائڻ وارِي غلطي ڪرڻ جو هرگز به نه سوچين. ڇو ته سندس ڪَوِتائُون ساديون سُوديون هُوندي به اَدبِي آشنائي، ڀَرپور فَني تڪ تور، سُرتِ سچائيءَ جي فِڪر، ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ آفاقي انساني قَدرن، اَمن، آشتي ۽ پِرت پِيارُ جي اجتماعي پيغامن سان پُر آهن. ڪِٿي ڪِٿي هِن جي بندشي جَڙاءُ ۾Lack of Aesthetic Exaggeration ضرورکُٽڪي ٿو، پر مَجمُوعِي طور هِيءُ پنھنجي اَسلُوب (Diction)۾ ؛”هَڙئِي حاجِتُون مَنسُوبَ هوتنَ سين…!“ يا ”آءٌ سڀ ڏينھن گُهران سُپرين…!“ جھڙِي مَرڪُوزيت پسنديءَ سان اڳرو ڪاهيندو وڃي ٿو.
گُلابَ ”جيئن آهي، جھڙو آهي ۽ جِتي آهي…‘“ واري سچائيءَ جي ٽيڪي تي پاڻ کي پنھنجي پِريتم آڏو پُوري هيج سان نِڇاوَر ڪندو نظر اچي ٿو. گُلاب جو پِريتڻو اُجرائِپ جِي اِنتھا جا ڏَسَ ڏيندو، سندس تخيل مان جهَلڪي ٿو. هِن جو نينھن نِشانبر ٿيندي به ڍڪ، حيا ۽ پوترتا جا قدر ساڻ کڻي هلي ٿو. هِن مِجاز ۾ رَهنمائيءَ واسطي جابجا حقيقي هاديءَ جِي بارها ڀَرِ وَرتي آهي. هن جي شاعرِي پڙهڻ سان سندس سادگيءَ ڀريو شخصي خاڪو به جَچِي جُڙِِي اڳيان اچي ٿو وڃي. هِن وٽ جَفا تي روايتي جُلهان ڪرڻ ۽ پنھنجي سُورنَ سَنتابن جي هر پل شڪوه شِڪايت ڪرڻ واري هلت دائمي نه آهي…!
هِن جي غزلن جا ڪي ڪي بند ته بنھه ڇِرڪُ ڀَرائي ٿا وِجهن….هن جي پنجڪڙن جِي مُشاهداتي سگهه به باقاعدي نوٽيس ۾ آڻڻ جھڙي آهي. هِن جا ڪُجهه دوها ته مُون دِل سان اَثَر قبولي؛ لِيڪي ڪري رَکِيا آهن. اَچو ته گُلاب جي غزلن جا ڪوريل ڪي اَهڙا توجه طلبُ بندَ دِلبَند پاڻ به پڙهندا هلون:
-اُڀ نِيرڙي پَڙي سان، سامهُون نَدِي اُگهاڙِي،
اَکِ ٽيٽ سان ٿو سُورجِ ڏِسندو وَڃي ڏِهاڙِي.
ٿر جي گُلاب صَحرا جيئن منُ رهي ٿو پياسو،
بادل به ڪا اسان کان شايد آ ڳالهه پاڙِي.
**
– رت جا ڄڻ دُٻا هُجن ايڏو،
هن جي اکڙين جو رنگ ريٽو هو.
**
درد هڪٻئي جو، ساکُ هڪٻئي جِي،
هڪٻئي جِي اسان پُڪار ميان!
ساهه پيارو ڪري رهان ويھي،
ڪيئن کڻان سِنڌُ جِي مَيارَ ميان!
**
ڪنھن ۾ ٿو تُون وفا جِي آس رکين،
او پاڳل نه ڦٽَ کي اَڪُ هَڻُ.
جيئن ڪو مَھٽي تَرِيءَ تي ڀُڳڙنَ کي،
تُون به مَھٽي غُصي کي اِيئن ڦڪُ هَڻُ.
**
روئي هر ڪنھن سان ڏُک بيانُ ڪري،
ڇو ٿو پاڻي اکين جو زيانُ ڪري!
حساسُ دِليون پنھنجي اندر جي آتم، خُودِي، خُوددارِي ۽ پنھنجو پاڻ سان ڪيئن مِلنديون آهن ۽ اُنهن ساعتن جي اِدراڪِي اهميت هيکلاين جو حاصلُ ڪيئن کڻي ايندِي آهي؛ اُن ڏِسُ ۾ گُلاب رقم طَراز آهي ته:
وري اڄ رات پنھنجو پاڻَ سان منھنجو ملڻ ٿي ويو،
اکيون آليون لٿل چھرو ڳلن تي لُڙڪ- چارا وو!
اوهان ڀل ميلا لڳايو ڪھڪشائن جا،
مگر غالب اوهان تي چنڊ ئي رهندو سِتارا وو!
**
ٻِطَرفي اِظھار جا؛ نينڊَ ۽ وَراڻِي گاڏڙ سُونھائندڙ عڪس پَسائيندڙ پھنجي مَڪالماتي غزل (Dialogue Based Ghazal) ۾ هيئن لَبُ ڪُشائِي (چپ چور) ڪندو نظر اَچي ٿو:
چيومانس: ”مون کي ڪندينءَ گلُ سَڳِيءَ جو؟“
چيائين: ته ”ڇا ڀروسو اَجنبِيءَ جو.“
چيو مانس: ”ڏِسُ چَنڊُ جِي رات آ اڄُ“،
چيائين: ”ته مَنُ ئي مُئل آ خُوشيءَ جو“.
چيومانس: ”ڪيئن ٿو لڳئي هاڻي جيونَ“
چيائين؛ ته ”ٻيو نانءُ آ بي وسيءَ جو.“
**
آ سدائين اَنا جي گهوڙي تي،
زِندگانِي فَنا جي گهوڙي تي.
شل هُجي موتِ ڀي يادِ ڪنھن کي،
آدمِي ڀاوَنا جي گهوڙي تي.
ننڊ جي ڪيف ۾ ڄاتو مُون،
رُوح کي کوجنا جي گهوڙي تي!
گُلاب جو هِيءُ مٿي ڪوريل غزل مُون کي سَڄو ئي سونَ لڳو؛ ڇو جو هِن جا پنج ئي بندَ شاه بندَ آهن؛ جنھن ۾ هيءُ پنھنجي فِڪرِي تخيُل سان اِدراڪِي آشنائيءَ جا نِرالا پارَ پُڇائيندو ۽ تغزل ساڻ رکندو اَڳاهون ويندو نظر اچي ٿو.
شھر ڏي آنءُ جو هَليو آيس،
ڳوٺ منھنجو سُڪونُ رهجي ويو.
هن ٿر، ڪارُونجهر ۽ مورَ جي پَسمنظر ۾ سَرُوپچندر ’شاد‘ جي حسين گيتن جھڙو هِڪ شاندار گِيتُ لِکڻ جِي به جِسارت ڪئي آهي:
گِيتُ: ڪارُونجهر تي مور، اَلو ميان! ڪارُونجهر تي مورَ!
گج گج بادل بَرسيا برسيا
مھڪي پيا اُتي نيڻ ٿريلا
موسم ٿي گهنگهور اَلو ميان! ڪارُونجهر تي مور!
ٿُلهي ليکي هِن وٽ هِڪڙو چَشمِ تَرُ چاهُ آهي، ٻيو شُڪريه اَدائِي يا وه واه آهي، ٽِئين آزِي نِيازِي ۽ آه آهي ۽ چوٿين ڇَڙِي اُها راه آهي، جِتي مَنُ گُهري مُشتاق جا ڦيرا آهن، مِلڻ ۽ وِڇڙڻ، وِساري ڇڏڻ ۽ سدا يادُ رکڻ ۽ ڇِنائڻ ۽ نباهڻ جي رستن، رُڪاوٽن، ديده ور دڳن جا دائمي ديرا آهن يا پِرتُ جي ناتمام ۽ نه کُٽندڙ پنڌن پيچرن جا ساده لوحِيءَ ۾ ڪيل وَرنَن آهن.
گُلاب چانڊيو به پِياري نويد ناز ڀَٽيءَ جيان سانوري جادُوگر ۽ عاقِلَ بندُ جي باشاه ڪَوِتاگَرِ سعيد ميمڻ جِي اَڻ مئِي ۽ اَمُلهه اَڻ تورِي ڏات مان اُتساه جِي وَنڊَ وٺِي، پنھنجي اُلفت کي ماڻڻ جا پنڌَ ڪيا آهن. باقي ڏات ۽ ڏانءُ خواه فني فِڪرِي اَڇُوت پڻو ۽ تخيلي اُڏام هرڪو پنھنجي حِصي ۽ پنھنجي حاصليل ماڻتا موجِبُ کڻي هَلي ٿو.
ڪِٿي هِنُ دوهنَ جي سُڀاويڪ جَڙاءُ سان؛ سُھڻي جي لُڙهڻ واري درد کي پنھنجِي ڀوڳنا ڀاسِندي؛ دَرياهُ (شايد چَنابُ) جي پاڻِيءَ کي لُڙاٽيل ۽ ميري هُئڻ وارو مَھڻو ڏِنو آهي:
مَيرو پاڻي ٿو لڳي، تُنھنجو اَڄُ دَرياهَ،
شايد توسان ٿي وِڙهي، سُھڻيءَ جِي هيءَ آهُ!
ته ڪِٿي ورِي ساگر جي لھرنَ پُسايل ريت تي پَسارُ ڪندڙ پوپريءَ جا عڪس هِن شاعر هيئن به جَهٽيا آهن ۽ دوهي جي صِنفِي فارميٽ ۾ پَلٽِيا آهن:
سَمَنڊُ ڪِناري شامِ جو، ميڙڻ آئِي ڪوڏ،
لَھرُون سڀ بيھي رهيون، اهڙِي سندس لوڏ!
داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن کي شعر گوئيءَ ۾ سَموهڻ جي لِحاظ کان؛ پِرينءَ جي دَڳُ ۾ وِجهلندڙ وَجُود، فراق ۽ ڦوڙائيءَ جي ڪٿائُن کي راوِي بَڻجي سُڻائيندڙ رستا، سُونھن جا جَهلڪا پسائيندڙ شاهراهون، دلبَر جا دَرشن ڪرائيندڙ گس، گهيڙ ۽ گهٽيون ۽ سِينڌي سان سَلهائيندڙ واٽُون، وَڍا، پَنڌ ۽ پيچِرا گُلاب جا موضوعاتي ’گُلابِ خاص‘ آهن. هن جي غزلن درميان وايون ۽ گيت به گڏ گڏ ساءُ وٺرائيندا هلندا رهن ٿا.
هن نج ۽ ٺيٺ سِنڌِي صِنف ڪافيءَ جو رنگ به ڪِٿي پَسايو آهي ته ڪن صُفحن تي’هائيڪو نظم‘ پُڻ پيش ڪيو آهي.
هِن جي ڪِتاب ۾ ڪي گُذاري جھڙا غزلَ ڀي آهن ته ڪي روايتي وايون به آهن، پر هِن جي شعر جو يڪتا تاثر اَڇُوتو ۽ باقاعدي پنھنجو اَثر ڇڏيندڙ آهي؛ جنھن ۾ هيءَ روايتي قافيا ڪتب آڻيندي به نوان نوان بندشي، جَڙاوَتِي ۽ تَرڪِيبِي تجربا ڪندو به لَکائي ٿو ته گڏوگڏ پنھنجي تر واري لھجي جا واهپي هيٺ رهندڙ مقامِي ٻوليائي اِصطلاح ۽ نج چانڊڪائِي لھجي جا ڪي لفظ به ڪتب آڻيندو رهي ٿو.
صدين جا سُورَ ۽ ٿَڪَ سڀ سَلي ٿو هِي رستو،
اُتي اُتي ئي هان ڄڻ مان هَلي ٿو هِي رستو..!
اسان ته پاڻَ ۾ تعلق ڇني ڇَڏيو هو پر،
ٻنهي کي پاڻَ ۾ هاڻي رَلي ٿو هِي رستو.
* *
ويا جي به اندر سي خاموش ٿي ويا،
ٻُڌائِي نه ڪنھن ڀي قبر جِي ڪھاڻي!
