پوين چئن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ سياست مخصوص خاندانن لاءِ تخت جي راند گيمس آف ٿرونس بڻيل آهي. سياست جڏهن سراسر تخت جي راند تائين محدود ٿي ويندي آهي ته پوءِ نظرياتي ۽ فڪري پاسن کان ته ٺھيو، پر عوامي فلاح ۽ سماجي تبديليءَ کان به پري ٿي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ اها سياست عوامي نمائنده ناهي رهندي. هن بي رحم اقتدار ۽ سياست جي جنگ کي سمجهڻ لاءِ ايڇ بي او (HBO) مشھور سيريز گيم آف ٿرونز (Game of Thrones) هڪ استعاري طور مَعروف آهي. هن سيريز ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ٿيندڙ سنگين سازشون، ڪُپَتي سياسي اتحاد، ۽ اهي سڀ هٿڪنڊا جيڪي اقتدار يا طاقت جي حصول ۽ ان جي ڦھلاءٓ لاءِ ان دور ۾ استعمال ٿيندا هئا، ڏيکاريل آهن. هن سيريز ۾ مذهب کي وڏي هوشياريءَ سان سياسي مقصدن لاءِ استعمال ۽ اقتدار نڀائڻ يا وڌائڻ لاءِ شاديءَ جي ڍَڪ ۾ خاندان جي عورتن جي سوديبازيءَ ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي. سيريز دوران، پربت جھڙا اڏامندڙ ۽ وات مان تيز باه ڦوڪيندڙ پکي (Dragons) ڊينيرس ٽارگيرين (Daenerys Targaryen) لاءِ اثاثو ۽ طاقت جو ذريعو بڻجن ٿا، جن جي مدد سان هن نه صرف پنھنجو آبائي تخت ٻيھر حاصل ڪيو، بلڪه ٻيا علائقا به فتح ڪري پنھنجي حڪمرانيءَ جو دائرو واڌايو. هن ڪھاڻيءَ مان سبق ملي ٿو ته پنھنجي اقتدار کي برقرار رکڻ، ڦھلائڻ ۽ پري پري تائين اثر رسوخ قائم ڪرڻ لاءِ انهن طاقتن يا وڏن جيوڙن جي نه صرف پرورش ڪريو بلڪه اقتدار جي جاوداني لاءِ انهن کي سنڀالي گڏ کڻي به هلو.
اقتداري تخت واري هن ناٽڪ کي فڪري ۽ حقيقي طور دنيا جي سياست ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اڄڪلھه، امير سياسي خاندان ۽ سرمائيدار اقتدار جي راند جا مکيه دعويدار کلاڙي آهن. انهن وٽ سياسي ميدان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهڻو پئسو، اثر رسوخ قائم رکڻ لاءِ خانداني سياسي ميراث ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ سوديبازي ڪرڻ جو لڳ ڀڳ چاليھ سالن جو وسيع تجربو آهي. ظاهر آهي ته اقتدار جي سياست ۾ هڪ سگهاري خاندان هجڻ ناتي، دولت جو ميڙڻ پڻ برابر اھميت رکي ٿو. ان ڪري رشوت خوري، بدعنواني ۽ بي ضابطگي بغير ڪنھن اخلاقي ابھام جي رائج الوقت هوندي ته پئسو ڪمائي سگهبو. سو اهو دولت ميڙڻ جو سلسلو به لڳ ڀڳ چاليھ سالن کان هلندڙ آهي، ان ڪري هاڻي اليڪشن ۾ ڏي وٺ کان وٺي سياسي ڪاروبار جي ٻين پاسن تي به سيڙپڪاري لاءِ اهي مخصوص خاندان اڳڀرا آهن. ٻئي پاسي سياست جي ميدان چوڌاري هڪ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ شيشي جي ڀِت جي ڪري لبرل ۽ ترقي پسند وچولي طبقي جي رستا روڪ به هن مخصوص طبقي کي لڳاتار جٽادار اقتدار تائين پھچايو آهي. سياست جي نالي تي پنھنجا مفاد حاصل ڪندڙ هي طبقو اخلاقيات، اصولن ۽ قدرن کي هميشه غير واضح (Grey Area) رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن سندن هر بڇڙائي يا اخلاقي سمجهوتي تي معاشرو ابھام ۾ رهي. اطالوي سياسي مفڪر، تاريخ نويس نڪولو ميڪاولي (Niccolò Machiavelli) پنھنجي ڪتاب دي پرنس (The Prince) ۾ لکي ٿو ته سياست ۾ نتيجو اهم هجڻ ڪري، ان تائين رسد لاءِ هر غير اخلاقي رستو به جائز آهي. هن پنھنجي ڪتاب ۾ شَد مَد سان اهو به ٻڌايو آهي ته دائمي اقتدار جو بنياد خوف، چالبازي، طاقت ۽ خانداني اثر رسوخ آهن. ان جي برعڪس دنيا جي مڃيل مفڪرن، فلاسفرن ۽ سياستدانن جھڙوڪ سقراط، افلاطون، ارسطو، گانڌي ۽ نيلسن منڊيلا پائيدار نتيجن لاءِ وسيلن جو اخلاقي هجڻ ضروري چيو آهي. هنن سڄاڻ ذهنن رياست ۽ اقتدار جو اصل بنياد عدل، شفافيت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي اعتماد ٻڌايو آهي. ميڪاولي سياست ۾ اخلاقيات کي مڪمل رد نٿو ڪري، پر ان کي سياست جي نفعي ۽ نقصان سان گڏ قائم رکڻ جو حامي آهي. ميڪاوليءَ موجب، حڪمران جو سچ پچ اخلاقي ۽ رحمدل هجڻ کيس خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، تنھنڪري بي رحم، مڪار، فريبي ۽ چالباز هجڻ باوجود سندس جو صرف عوام جي نظر ۾ رحمدل، مذهبي، ايماندار ۽ عادل ڏسڻ ۾ اچڻ اڻٽر آهي. عوام ظاهري ڏيکاءُ مان متأثر ٿيندو آهي، ان ڪري اقتدار ۾ رهڻ لاءِ ميڊيا يا پردي پٺيان اخلاقي چھرن ۽ بيانين جو سياسي استعمال ضروري آهي. اصول پرست سياستدان ميڪاوليءَ جي تجزيي کي سياسي بيمارين ۽ خامين جي سڃاڻپ طور ته تسليم ڪن ٿا، يعني صرف اهو سمجهڻ لاءِ ته طاقتور طبقو ڪيئن سياسي راند سٽيندو آهي، پر اهي ان کي پنھنجي سياسي زندگيءَ يا جمهوري نظام لاءِ رهبر يا مشعلِ راهه بنائڻ کان مڪمل طور انڪار ڪن ٿا. اڄوڪي دور جا سياسي رهبر ميڪاولي واري ٻڌايل نسخي تي پيا هلن يا تاريخ جي مستند صالحن جي واٽ تي، اهو فيصلو ته هن ملڪ جو عوام يا ايندڙ وقت ڪندو، پر معروضي صورتحال، حالت ۽ واقعات پٽاندڙ حڪمران ۽ طرز حڪمراني ميڪاولي واري نسخي کان ٻه هٿ اڳيان نظر ٿي اچي. گهڻي ڀاڱي سياستدان اقتدار تائين پھچڻ يا پنھنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاء هر جڳاڙي رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ڇا بيتاب ٿا لڳن.
بھرحال، ايڇ بي او ((HBO جي سيريز ۾ ڏيکاريل تاقتور جيوڙن جي زور تي حڪمراني جي ڳالهه کان هٽي ڪري حقيقي دنيا ۾ سياسي منظرنامو بلڪل غير يقيني ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ هوندو آهي. تنھن ڪري، شڪ، شبو ۽ تذبذب ان جا لازمي عنصر آهن. اتحاد ٽٽي سگهن ٿا، طاقت جا مرڪز تبديل ٿي سگهن ٿا ۽ غير متوقع واقعا سڄي سياست جو رخ موڙي سگهن ٿا. اهڙين حالتن ۾ اصولن کان آجن سياسي چالاڪن جو زور سازشن، حرفتن ۽ ڳٺ جوڙن تي هوندو آهي ته جيئن هو ڪنھن به طريقي سان عددي برتري حاصل ڪري اقتدار تائين پھچن. سڌريل دنيا جي سياست آئين، قانون، ادارن، اخلاقي معيارن ۽ جمهوري قدرن تحت هلي ٿي، پر اسان جي خطي ۾ جمهوريت جي تعريف صرف چونڊن جي عمل ۾ انگن اکرن تائين محدود نظر اچي ٿي. بنيادي طور تي، اسان کي جمهوريت جو جائزو عوامي حڪمراني، شھري آزادين، قانون جي بالادستي، سياسي ڪثرت پسندي، شفاف ۽ آزاد چونڊن، اقليتن جي حقن جي تحفظ، اقتدار جي پرامن منتقلِي، ۽ احتساب جي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو. جمهوري قدرن کي عمل ۾ آڻڻ سان ئي عوام سڀني سياسي پارٽين جي خوبين ۽ خامين کي نظر ۾ رکندي هڪ باخبر فيصلي سازي ڪري سگهي ٿو.
جمهوريت جو معيار مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿي سگهي ٿو. ڪٿي ته جمهوريتون بدعنواني، شھري آزادين تي پابندين، ۽ اڻبرابري جھڙن مسئلن سان جهڙپون ڪنديون آهن، جيڪي انساني آزاديءَ جي مڪمل حاصلات ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. تنھن ڪري، انساني آزاديءَ کي وڌائڻ ۾ جمهوريت جي اثرائتي هجڻ جو دارومدار ڪيترن ئي عوامل تي آهي، جن ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي، قانون جي پاسداري، ۽ جمهوري عمل ۾ شھرين جي فعال شرڪت شامل آهن. ڏسڻو اهو آهي ته انهن تمام بنيادي عوامل کان علاوه اسان جي جمهوريت ۾ آخر ڇا خرابي آهي؟ ڇو هتان جي جهموريت ترقي پسند، محنتي ۽ وچين طبقي کي اقتداري سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي؟ آخر سياست ۾ سماج جي سڀني طبقن کي هڪجھڙو ۽ مناسب ميدان ڇو نه نٿو ملي؟ هي مخصوص ايلائيٽ (Elite) طبقي تائين ئي ڇو محدود آهي؟ هتي جمهوريت صرف خانداني سياست جي اردگرد ئي ڇو ٿي ڦري؟ انهن سڀني سوالن جا جواب ڳولي سياسي عمل کي نئين سر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده نظام عام شھرين جي فعال ۽ برابري جي شرڪت کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. هڪ عام ماڻهو سياسي ورڪر ته بڻجي سگهي ٿو پر اڳواڻ نه، اڳواڻ يا حڪمران هميشه انهن ئي حڪمران خاندانن يا اشرافيا مان ايندا. هي صورتحال ڏهاڪن کان رواجي نظام قائم رکيو اچي، ان ڪري هاڻي سماجي نمائنده ۽ عوامي شموليت واري موثر جمهوري معيارن ۽ قدرن تي به سواليه نشان آهي.
جمهوري نظام ۾ ترقي پسند وچولي طبقي (Middle Class) جي فعال شرڪت صرف اهم نه بلڪه ڪنھن به پائيدار ۽ بنيادي جمهوريت لاءِ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ان جي عملي شرڪت جمهوري سماجن جي جوڙجڪ لاءِ بنيادي آهي. جڏهن سياست مان مڊل ڪلاس نڪري وڃي ٿو، ته سياست رڳو امير اشرافيا ۽ موروثي سياسي خاندانن جو هڪ نفعي بخش واپار بڻجي ويندي آهي. وچولو طبقو سياست ۾ توازن آڻيندڙ قوت جو ڪم ڪري ٿو، هو نہ ته امير طبقي وانگر پنھنجي ذاتي ۽ خانداني فائدي لاءِ پراڻي ظالماڻي نظام کي قائم رکڻ چاهي ٿو، ۽ نہ ئي وري ڪنهن غير معقول پاپولسٽ يا انتھاپسند تحريڪن جي پٺيان انڌو ٿي هلي ٿو. ان جو معتدل موقف ملڪي سياست ۽ حڪمرانيءَ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ انتهائي اهم هجي ٿو. وچولو طبقو تعليم يافته هجڻ ڪري گهڻي ڀاڱي پنھنجن حقن، ملڪ جي آئين، معاشري ۾ قدرن ۽ رياست ۾ ادارن جي اهميت کان به باخبر هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو ادارن جي مضبوطي، عدالتن جي خودمختياري، پريس جي آزادي، احتساب ۽ شفافيت جو حامي پڻ هجي ٿو. وچولي طبقي جو ووٽر اڪثر غير حتمي ووٽر (Swing Voter) ٿئي ٿو ڇو ته هو ڪنھن پارٽيءَ يا خاندان جو انڌو پيروڪار يا ڪنھن سرداري ۽ درگاهي نظام جو تابع به ناهي هوندو. بلڪه هو اميدوارن جي عملي ڪارڪردگي ڏسي ووٽ جو فيصلو ڪري ٿو، ان ڪري سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي بھتر ڪرڻ لاءِ وچولي طبقي جو دٻاءُ انتھائي اهم آهي. ان کان علاوو سماجي ۽ سياسي تبديليون اڪثر وچولي طبقي جون ئي تحريڪون آڻينديون آهن. استاد، وڪيل، صحافي، ڊاڪٽر، انجنيئر، دانشور ۽ ٻين شعبن جا ماهر به گهڻي ڀاڱي ان ئي طبقي مان نڪرندا آهن، جيڪي نه صرف سياسي ۽ سماجي مسئلن تي جرئتمندي سان پنھنجو آواز اٿارن ٿا، بلڪه پنھنجي ڌرتي جي جاگرافي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ هر ٽڪساٽ سان مھاڏو به اٽڪائن ٿا. اهم ڳاله اها به آهي ته هي طبقو عام طور تي جمهوري قدرن، جھڙوڪ قانون جي حڪمراني، فردن جا حق، ۽ آزاد عدليا ۽ ميڊيا جي پٺڀرائي ڪندو آهي. انهن قدرن لاءِ سندن پرعزم هجڻ جمهوري ادارن کي مضبوط ۽ جمهوري نظام جي مجموعي صحت کي بهتر پڻ بڻائيندو. اها ڳالهه هاڻي ته بلڪل چٽي آهي جيڪڏهن ڪو به جهموري نظام وچولي طبقي کي اقتداري سياست کان پاسيرو ڪندو ته اها جمهوريت قدرن ۽ روايتن کان آجي صرف عددن جي هڪ راند هوندي، جيڪا اشرافيا جي عياشين ۽ خانداني اجاراداريءَ لاءِ محفوظ دڳ ته ٿي سگهي ٿي، پر ترقي پسند روشن خيال معاشري جي تشڪيل ۽ سياست مان معاشري ڏانھن ايندڙ بدبوء بجاءِ ڪنھن ٿڌي هير لاءِ رستا روڪ ثابت ٿيندي.
