برطانيا جي نوجوان سياسي مفڪر ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي استاد اينٽن ييگر (Anton Jäger) جو نئون ڪتاب Hyperpolitics: Extreme Politicization without Political Consequences ڇپجڻ شرط يورپ ۽ آمريڪا جي علمي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ماڻي رهيو آهي. دي گارجين سميت ڪيترين عالمي اخبارن ۽ رسالن هن ڪتاب تي تفصيلي تبصرا، انٽرويو ۽ بحث شايع ڪيا آهن. ايتري گهٽ عمر ۾ ڪنھن ليکڪ جو عالمي سياسي بحث جو مرڪز بڻجڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي.
مون اڃا تائين هيءُ ڪتاب پڙهيو ناهي، پر دي گارجين ۽ ٻين بين الاقوامي اخبارن ۾ ڇپيل تبصرن ۽ ليکڪ جي انٽرويوز پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪيم ته سنڌي پڙهندڙن کي به هن نئين فڪر سان واقف ڪرائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ هن جا ڪيترائي خيال پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي سفر کي سمجهڻ لاءِ هڪ نئون زاويو فراهم ڪن ٿا.
ييگر جو چوڻ آهي ته گذريل سئو سالن ۾ يورپ جي سياست چئن وڏن مرحلن مان گذري آهي. پھريون دور “ماس پوليٽڪس” جو هو، جڏهن سياسي پارٽيون، مزدور يونينون، شاگرد تنظيمون ۽ سماجي ادارا سياسي زندگيءَ جو مرڪز هئا. ماڻهو رڳو ووٽر نه، پر ڪنھن نه ڪنھن سياسي يا سماجي تنظيم جا سرگرم ڪارڪن هوندا هئا. ٻيو دور “پوسٽ پوليٽڪس” جو آيو، جڏهن سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اهو تاثر پيدا ٿيو ته هاڻي نظرياتي تڪرارن جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ معاشرا مارڪيٽ، معيشت ۽ ماهرن جي انتظام هيٺ وڌيڪ بھتر هلي سگهن ٿا. ٽيون مرحلو “اينٽي پوليٽڪس” جو هو، جيڪو 2008ع جي عالمي مالي بحران کان پوءِ شروع ٿيو، جڏهن ماڻهن جو روايتي سياسي پارٽين ۽ حڪمران اشرافيه تان اعتماد گهٽجڻ لڳو. ييگر موجب اڄ دنيا “هائپر پوليٽڪس” جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي هر ماڻهو سياست تي ڳالهائي ٿو، هر ڪو راءِ ڏئي ٿو، احتجاجن ۾ شامل ٿئي ٿو، پر ان سڄي سرگرميءَ باوجود سياسي نظام ۾ بنيادي ۽ مستقل تبديلي گهٽ نظر اچي ٿي.
سندس بنيادي دليل اهو آهي ته اڄ سياست لاءِ جذبو اڳ کان گهڻو وڌي ويو آهي، پر انهن جذبن کي منظم ۽ مستقل سياسي قوت ۾ بدلائيندڙ ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي لکين ماڻهو ڪنھن هڪ مسئلي تي گڏ ٿي سگهن ٿا، پر اها گڏجاڻي گهڻو ڪري هڪ تحريڪ کان اڳتي وڌي پائيدار سياسي تنظيم ۾ تبديل نه ٿي سگهندي آهي.
پاڪستان جي سياسي تاريخ يقيناً يورپ کان مختلف آهي، پر ييگر جو هي تجزيو هتي به ڪيترين جڳھين تي ٺھڪي اچي ٿو. پاڪستان تحريڪ کان وٺي جمهوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ هلندڙ جدوجھد تائين سياسي تنظيمون اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ منظم عوامي تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. پوءِ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري ايم آر ڊيتحريڪ، خاص ڪري سنڌ ۾، سياسي تنظيم، قرباني ۽ عوامي مزاحمت جو هڪ يادگار مثال بڻجي سامهون آئي. اها سياست ٽيليويزن اسٽوڊيوز يا سوشل ميڊيا تي نه، پر ڳوٺن، شھرن، پارٽي آفيسن، جلسن، ڪارڪنن ۽ عوامي نيٽ ورڪن وسيلي هلي رهي هئي.
سنڌ جو سياسي سفر به اهڙن ئي مثالن سان ڀريل آهي. بمبئيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ واري جدوجھد، ون يونٽ خلاف تاريخي مزاحمت، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏيارڻ واري تحريڪ، صوبائي حقن لاءِ جدوجھد، ٻٽي مڪاني نظام خلاف هلندڙ تحريڪون—اهي سڀ ٻڌائين ٿيون ته سنڌ ۾ سياسي شعور ۽ اجتماعي مزاحمت جي روايت هميشه زنده رهي آهي. انهن تحريڪن جي پٺيان سياسي تنظيمون، شاگرد، اديب، وڪيل، هاري ۽ ڪارڪن موجود هئا، جن سالن جا سال اهو سفر جاري رکيو.
پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سياسي منظرنامو تيزيءَ سان بدلجي ويو آهي. اڄ پاڪستان ۾ شايد اڳ کان وڌيڪ ماڻهو سياست تي ڳالهائين ٿا. يوٽيوب، فيس بڪ، ايڪس ۽ واٽس ايپ تي هر ڏينهن نوان سياسي محاذ کلي وڃن ٿا. هڪ تقرير يا هڪ وڊيو ڪلاڪن اندر لکين ماڻهن تائين پھچي ٿي. خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف اهو ثابت ڪيو ته ڊجيٽل دنيا ۾ غيرمعمولي عوامي موجودگي ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿي. پر ساڳئي وقت اهو به ڏٺو ويو ته اهڙي ڊجيٽل مقبوليت کي هر حال ۾ ڊگهي عرصي واري منظم زميني سياسي قوت ۾ تبديل ڪرڻ آسان ناهي. ييگر جي “هائپر پوليٽڪس” واري تشريح جو هڪ اهم پھلو شايد اهو ئي آهي.
ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياسي ڪردار به وقت سان گڏ تبديل ٿيو آهي. هڪ زماني ۾ اها مضبوط نظرياتي تنظيم ۽ عوامي تحريڪ جي علامت هئي، پر اڄ اقتدار هلائڻ جي صلاحيت ان جي سڀ کان وڏي سياسي قوت بڻجي وئي آهي. اهو تاثر به وڌندو پيو وڃي ته سٺي حڪمراني، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي هاڻي اقتدار برقرار رکڻ جا بنيادي وسيلا نه رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۽ عوامي تنظيم جي سياست، ٻئي آهستي آهستي هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون نظر اچن ٿيون.
تازو ڇھن نون ڪينالن خلاف ٻٻر لوءِ کان ڪراچي تائين هلندڙ عوامي تحريڪ به سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪتا. وڪيل، هاري، شاگرد، اديب، سياسي ڪارڪن ۽ عام شجري هڪ آواز بڻيا. اها تازن سالن جي سڀ کان وڏي عوامي مزاحمتي لھرن مان هڪ هئي. پر احتجاج ختم ٿيڻ کان پوءِ اها غيرمعمولي عوامي توانائي ڪنھن مستقل سياسي يا سماجي تنظيم جي صورت اختيار نه ڪري سگهي. ييگر جي ڪتاب جو بنيادي مشاهدو شايد هتي وڌيڪ چٽو ٿي سامهون اچي ٿو؛ عوامي جوش ۽ جذبو پنھنجي جاءِ تي، پر ان کي ڊگهي مدي واري سياسي قوت ۾ بدلائڻ هڪ الڳ مرحلو آهي.
ظاهر آهي ته پاڪستان ۽ يورپ جا سياسي تجربا هڪجھڙا ناهن. هتي فوجي مداخلتون، جاگيرداري، برادري، نسلي ۽ علائقائي سياست، رياستي ادارن جو ڪردار ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر سياسي ارتقا تي اثرانداز ٿيندا رهيا آهن. تنھن هوندي به اينٽن ييگر جو هي خيال اسان لاءِ سوچڻ جهڙو ضرور آهي ته ڪنھن سماج ۾ سياسي شعور وڌڻ ۽ مضبوط سياسي ادارا پيدا ٿيڻ، ٻئي هڪجھڙيون شيون ناهن.
سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتي مزاحمت جي کوٽ ڪڏهن به نه رهي آهي. هر دور ۾ ماڻهن پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ وڏي قيمت به ادا ڪئي آهي. شايد هاڻي وقت ان ڳالهه جو آهي ته اهو شعور، اها مزاحمت ۽ اها اجتماعي توانائي رڳو احتجاجن تائين محدود نه رهي، پر اهڙين مضبوط ۽ پائيدار تنظيمن ۾ به تبديل ٿئي، جيڪي وقت جي لهرن سان گڏ گم نه ٿين، پر ايندڙ نسلن جي سياسي ۽ سماجي سفر جو به بنياد بڻجن.
