آڌيءَ رات کان وٺي اَسر ويل تائين جو وقت انتھائي اونداھو ۽ انتھائي پُراسرار ھوندو آھي. انهيءَ وقت ۾ جڏهن عام طرح ماڻهو پنھنجون پريشانيون وساري ننڊ جي حوالي ٿيندا آھن ته انھن ئي پَھرن ۾ ئي بيخوابيءَ جو شڪار ماڻهو پنھنجي اندر جي سڀ کان گھرن خوفن سان سامهون ٿيندا آهن. ھيءَ اھا ئي ويل ھوندي آھي، جڏھن وڌ ۾ وڌ ٻار ڄمندا آھن ۽ وڌ ۾ وڌ ماڻهو مرندا به آھن. ھي اُھي گهڙيون آھن، جڏھن خوبصورت خواب ايندا آھن ۽ ھيءُ ئي اھو ٽاڻو آھي، جڏهن ڀوائتا خواب سڀ کان وڌيڪ حقيقي لڳندا آهن. ھنن ئي پَھرن ۾ فرشتن جا نازڪ وجود پاڻ سان گڏ محسوس ڪبا آھن ۽ انھن ئي ساعتن ۾ شيطاني وجودن جي قوت سڀ کان وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. رات جي انھن پَھرن کي سڏبو آھي بگهڙ جو پَھر.
فاطما ڀٽو جي ساروڻين جو ڪتاب The Hour of Wolf ( بگهڙ جو پَھر) سندس زندگيءَ جي انهيءَ اونداھي دور جي ڪٿا آھي، جڏھن ھوءَ پنھنجي وجود جي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ڀرين ڪيفيتن مان گذري رھي ھئي. ھونئن ته ڀُٽي خاندان جي ھن نينگريءَ سان درد جو تعلق شايد جنم کان وٺي ھو. ھوءَ ڄائي ڪابل ۾، جتي سندس پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطن ھو. سندس جنم کان ٿورو وقت ئي پوءِ سندس والدين جي طلاق ٿي ۽ کيس ماءُ جي ڇانوَ بنا ئي جلاوطني جا ڏينھن گھارڻا پيا. تڏهن ھوءَ ڪا ايڏي وڏي به ڪونه ھئي، جڏھن سندس پيءُ جو قتل ٿيو. سندس پيءُ جي وڃڻ کان پوءِ ھُن دنيا ۾ پاڻ کي بلڪل اڪيلو پئي ڀانيو. ماڻهن جي آڏو ھمت جو استعارو بڻيل فاطما ڀٽو اندر ۾ ڀُريل ھئي. ۽ جڏھن ھُوءَ انھن وجودي بحرانن کي مُنھن ڏئي رھي ھئي، تڏھن سندس زندگيءَ ۾ ھڪ شخص آيو، جنھن کيس ھمٿ ڏني ۽ کيس مايوسين مان ڪڍيو، ۽ انھيءَ ساڳي شخص مسلسل يارھن ورھيه پنھنجي نفسياتي قيد ۾ رکيو. ھُو کيس نفسياتي ۽ روحاني طور تشدد ڪندو رھيو. انھن يارھن سالن جي وِھ ڀريل تعلق جي قصي کي فاطما ڀٽو انتھائي جرئت سان پنھنجين ساروڻين جي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آھي.

فاطما ڀٽو پنھنجي ڪتاب ۾ ان ماڻهوءَ جو نالو نه ڏنو آھي. ھُن انهيءَ ماڻهوءَ جو رڳو ”اھو شخص“ چئي ذڪر ڪري ٿي. سندس زندگيءَ ۾ اھو شخص تڏھن آيو، جڏھن ھُوءَ پنھنجي پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ واري عرصي ۾ ذھني پيڙا جو شڪار ھئي. پنھنجي ڪتاب ”سانگس آف بلڊ اينڊ سوَرڊ“ جي تشھيري مھم دوران ھُوءَ لنڊن ۾ ھئي، جتي ھُوءَ پنھنجو آواز وڃائي ويٺي ھئي. پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي سلوڪ سبب ھُوءَ اڪيلائي محسوس ڪري رھي ھئي ۽ کيس لڳو ته سندس زندگيءَ ۾ اونداهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ھو. اھڙي دور ۾ اُھو شخص سندس زندگيءَ ۾ اميد بڻجيي آيو، ۽ جنھن کيس انھيءَ پيڙا مان ڪڍيو. اھو شخص ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي تضادن جو مجموعو ھو. ھُو انتھائي وجيھه، پڙھيل لکيل، راندين ۽ ورزش جو شوقين، روحانيت ۾ يقين رکندڙ ۽ رومانوي ھو. پر ساڳئي وقت ھو نرگسيت پسند، ٻين تي حاوي رھندڙ، ڪنجوس ۽ خود غرض به ھو. ھُو ھڪ ئي وقت مھربان به ھو ته ظالم به . ھُو ھر شئي جي باري ۾ ڄاڻ به رکندو ھو، پر ھُن کي ٻين جي احساسن جي ڪابه ڄاڻ نه ھوندي ھئي.
شروعاتي ڏينھن ۾ فاطما ڀٽو ان شخص کي هڪ روحاني سُونھين جي حيثيت سان ڏسندي هئي، ڇاڪاڻ ته هُو کيس جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو ھو . پر جيئن ئي ھوءَ آهستي آهستي مڪمل طور مٿس ڀاڙڻ لڳي، تڏهن هن پنھنجي شخصيت جو بيحس ۽ تڪبر ڀريو پاسو ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. اھو شخص مسلسل انهيءَ تعلق کي ڪنھن باضابطه رشتي جو درجو ڏيڻ کان ٽال مٽول ڪندو رھيو. ھُو کيس گهٽ سمجهائڻ، مٿس طنز ۽ تحقير ڪرڻ لڳو. جڏهن به هوءَ ان رويي بابت شڪايت ڪندي هئي ته کيس ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳندو هو.
ان خوف ۾ ته متان ھُوءَ وري اڪيلي نه رھجي، ھُوءَ انهيءَ وِھ ڀرئي رشتي ۾ جُڙي رھي. فاطما ڀٽو لکي ٿي:”مون ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو هو ته مون جھڙي مضبوط ارادي واري ۽ آزاد خيال عورت کي به ڪنھن اهڙي سِرڪڻ ۾ ڦاسڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. مون پاڻ کي بار بار اهو يقين ڏياريو ته هي لاڳاپا بلڪل فطري ۽ قبول ڪرڻ جوڳا آهن.“
فاطما ڀٽو کي پڪ ھئي ته ھوءَ پنھنجي پيار سان انهيءَ شخص کي تبديل ڪري سگهندي. پر وقت گذرڻ سان سندس اھا پڪ ھڪڙي شڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ آخر اھو شڪ انهيءَ يقين ۾ تبديل ٿي ويو ته اھو شخص رڳو ھُن کي استعمال ڪري ۽ کيڏي رھيو آھي. ھڪ عورت ھئڻ جي حيثيت سان کيس اھو به شديد احساس ھو ته سندس حياتياتي گهڙيال تيزيءَ سان سرڪي رھيو آھي. ھُن کي لڳو ته جيڪڏھن ھُن دير ڪئي ته ھوءَ شايد ماءُ نه ٿي سگهي. ھُن انهيءَ خوف جي ڪري پنھنجي ٻج کي محفوظ به ڪرايو. پر انهيءَ شخص کي سندس ڪا به پرواھ نه ھئي. کيس لڳو ته اھو شخص سندس لاءِ رڳو ذھني دٻاءُ کان سواءِ ڪجهھ به نه ٿو آڻي سگهي. ھن کي لڳو ته ھڪ ڀيرو وري اڪيلائپ سندس مقدر ۾ لکيل آھي.
خوشقسمتيءَ سان فاطما ڀٽو جي زندگيءَ ۾ هڪ وفادار ۽ محبت ڀريو ساٿي موجود ھو. ۽ اھا سندس جيڪ رسل ٽيرير نسل جي پاليل ڪتي”ڪُوڪُو“ ھئي. جتي فاطما ڀٽو کي انسان کان مايوسي ملي، اتي جانور کيس جيئڻ جو جواز ڏنو. سندس انهيءَ زندگيءَ ۾ اھو جانورن جو پيار ئي ھو، جنھن سندس زندگيءَ کي جيئڻ جوڳو ڪيو. فاطما ڀٽو پنھنجي ننڍپڻ جي انهيءَ ھرڻ جي ٻچي کي ساري ٿي، جنھن جو نالو ھُن بامبي رکيو ھو، ۽ جنھن کي پوءِ کانئن ڌار ڪري، ڪراچيءَ جي راڻي باغ موڪليو ويو، جتي ڪجهه ئي عرصي ۾ شايد صدمي ۾ اھو ٻڄڙو مري ويو.
فاطما ڀٽو جو ھيءُ ڪتاب جتي انھيءَ شخص سان سندس پيڙا ڀريل تعلق جو داستان آھي، اتي اھو ڪُوڪُو سان سندس پيار ڀري رشتي جو قصو به آھي. اُهي ٻئي جاڳندي توڙي سمهندي هڪ ٻئي سان گڏ ھوندا ھئا. انھيءَ ڪتاب ۾ ھُوءَ ڪُوڪُو جي پھرين گرڀ جو ذڪر ڪري ٿي، جيڪو ھڪ مُئل گلر جي صورت ۾ ختم ٿيو. جنھن کان پوءِ ڪُوڪُو صدمي ۾ ھئي. ھُوءَ سندس ٻئي گرڀ ۽ ان کان پوءِ جنميل ڇھن گُلرن جي ولر جو به ذڪر انتھائي پيار سان ڪري ٿي، جن جي ڪري ڪووڊ جي دوران اٽليءَ ۾ سخت لاڪ ڊائون ۾ کيس اڪيلائپ کي برداشت ڪرڻ جو موقعو مليو.
نيٺ اھو وقت به آيو، جڏھن ھُن فيصلو ڪيو ته ھاڻ انهيءَ شخص جي تذليل ۽ بي حسيءَ کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ بجاءِ رد ڪري. انهيءَ شخص کيس شاديءَ جي صلاح ڪئي، پر انهيءَ شرط سان ته ھُو لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. پر فاطما ڀٽو لاءِ اھڙي زندگي قبولجڻ جھڙي نه ھئي، جنھن ۾ اھڙا سمجھوتا ڪرڻا پون، ۽ جنھن ۾ خوف ۽ مايوسيءَ جي غلامي ڪرڻي پوي.
فاطما ڀٽو جي ساروڻين جو اختتام سٺي سوڻ سان ٿئي ٿو. کيس ھڪ آمريڪي نوجوان ملي ٿو، جنھن سان سندس ذھن ۽ دل ملن ٿا ۽ سندن وھانءُ ڪراچيءَ ۾ سندس ڏاڏي جي لئبريريءَ ۾ ٿئي ٿو. ڪجهھ وقت کان پوءِ فاطما ڀٽو جي ماءُ ٿيڻ جي سَڌ پوري ٿئي ٿي.
فاطما ڀٽو جون ساروڻيون سندس لاءِ ھڪ ڪيٿارسس جو عمل پڻ آھن. ھُن پنھنجي درد کي لڪائڻ بدران انهيءَ جو اظھار ڪري، انهيءَ درد مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. ھي ساروڻيون انتھائي نازڪ احساسن کي سمجهڻ ۽ ھڪ اذيت ڀري تعلق ۾ جيئڻ جي پيڙا ۽ انهيءَ مان نڪري اچڻ جي جدوجھد کي بيان ڪن ٿيون. جتي فاطما ڀٽو رشتن جي بي اعتباريءَ جو ذڪر ڪري ٿي، اتي اليگرا جھڙين دوستن جي ساٿ کي به ساراھي ٿي. ھيءُ ساروڻيون ھڪ فرد جو داستان ھئڻ سان گڏ پيار، دوستي، يقين، روحانيت، ماحوليات، نفسيات ۽ ڪائنات جي سڀني جيوَن سان گڏ جيئڻ جي باري ۾ به آھن.
فاطما ڀٽو لاءِ اھو سڀ ڪجهھ بيان ڪرڻ سولو نه ھوندو، جو ھُوءَ ھڪ ليکڪ ھئڻ سان گڏ ملڪ جي ھڪ اھم سياسي گهراڻي جو فرد پڻ آھي. اھي ساروڻيون لکڻ انتھائي جرئت جو ڪم آھي، جنھن جرئت جو مظاھرو فقط فاطما ڀٽو ئي ڪري سگهي ٿي.

بھترين ۽ تفصيلي جائزو
ھميشه جيان دلپذير ۽ ڪتاب پڙھڻ لاء اتساھيندڙ.
هڪ شاندار انداز ترجمو ڪرڻ لکڻ واري کان ڏکيو ڪم آهي .توهان انهن جي احساسن کي ان جي رشتن جي نزاڪت کي ڪيڏي ته سهڻي نموني سانڍي سھڻو روپ ڏنو آهي شاندار منور ڪمار. قابل فخر شخصيت آهي اسان جو منوج ڪمار. سدا خوش آباد هجو آمين.
سچي ڳالھ آ ته اڄ تمام گهڻي وقت کانپوء ڪجھ دلچسپي سان پڙهيو ء تمام سٺو لڳو
لک ٿورا منوج ڪمار
منوج ڪمار سائين توهان فاطما ڀٽو جي ڪتاب جو رويو ڪمال جو لکيو آهي ڇا ته سنڌي لفظن جو جڙاء آهي ٺيٺ ۽ تز سنڌي جملا جيڪڏهن ان ڪتاب جو سنڌيء ۾ ترجمو ڪري وڃو ته ڪيا بات ھي ۔ بس اميد آهي ته اھو ڪم ھٿ ۾ جيڪر کڻو انتظار رھندو
تمام شاندار اتساهيندڙ ليک جنھن کي پڙھي ڪري اتساهه جو احساس پيدا ٿئي ٿو
تمام شاندار ليک جنھن کي پڙھي ڪري اتساهه جو احساس پيدا ٿئي ٿو
اتساهه ڏياريندڙ ليک