سنڌي ادب ۾” ماڻڪ” اهڙو نالو آهي، جنھن کي جن نه به ڏٺو هو، سي به هن جي ڪھاڻين جي سحر ۾ گرفتار رهيا آهن. هن جي لکڻيءَ جي ڇاپ پڙهندڙ جي ذهنن ۽ دلين تي هميشه رهي ٿي. ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ سماج جا ڪيترا ئي رنگ، انساني احساسن جي نزاڪت ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو عڪس ملي ٿو. سندس قلم ۾ اهڙي سچائي ۽ فڪري پختگي موجود آهي، جيڪا پڙهندڙ کي رڳو ڪھاڻي پڙهڻ تائين محدود نٿي رکي، پر کيس سماج ۽ زندگيءَ جي گھراين تائين وٺي وڃي ٿي.
محقق مصور حسين پنھنجي لکيل ايم فل جي مقالي ۾ ماڻڪ جي ڪھاڻين جو تحقيقي پيرو کنيو آهي، جنھن ۾ روايتي انگن اکرن سان گڏ فني اسلوب، موضوعاتي وسعت ۽ فڪري گھرائي ڏسڻ وٽان آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ جي هن اهم تخليقڪار جي ادبي خدمتن کي صحيح نموني سان اجاگر ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي. مصور حسين اهو ڪم بيحد ڪمٽمينٽ سان نڀايو آهي. هاڻ جڏهن هي مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي آيو آهي، ته ماڻڪ جا چاهيندڙ ۽ سنڌيءَ جا پڙهندڙ آسانيءَ سان ان ڪم جو معيار ۽ انداز پرکي ۽ ماڻي سگهن ٿا. هن ڪتاب ۾ محقق نھايت سنجيدگيءَ ۽ محنت سان منير احمد ماڻڪ جي ڪھاڻين جا مختلف پھلو بحث هيٺ آندا آهن. سندس هيءُ ڪم نه رڳو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي مطالعي ڏس ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، پر ايندڙ وقتن ۾ ماڻڪ تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ به هڪ دڳ جي حيثيت رکي ٿو. جڳ جھان کي خبر آهي ته ماڻڪ تي گفتگو جو ٻيو مطلب سنڌي ادب ۾ وجودي ادب ۽ وجوديت تي گفتگو به آهي.

وجوديت جي فڪر مطابق انسان بنيادي طور آزاد آهي، پر اها آزادي مٿس هڪ وڏي ذميواريءَ جو بار به وجهي ٿي. گهڻو ڪري انسان ان بار کي برداشت نٿو ڪري سگهي، تنھنڪري هو پناهن جي تلاش ڪري ٿو. ٻين سٽن ۾:
“وجوديت جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته انسان آزاديءَ جي بي پناهه وسعتن ۾ بيٺو آهي، پر اها آزادي ئي ڪڏهن ڪڏهن هن لاءِ ڳرو بار بڻجي وڃي ٿي. جڏهن انسان ان بار کي کڻڻ جي همت نٿو ڪري، تڏهن هو خود فريبيءَ جي اوٽ ۾ لڪي سھارن جي تلاش ڪري ٿو. اهڙي نفسياتي ڪيفيت ۾ اڪيلائي آهستي آهستي انسان جي اندر کي کوکلو ڪري ڇڏي ٿي ۽ هو پنھنجي ئي وجود کان اجنبي بڻجي وڃي ٿو.”
حقيقت نگاريءَ تي لکڻ معنيٰ معاشري جي سچائين سان اکيون ملائي قلم کڻڻ آهي. اهڙي لکڻيءَ ۾ ليکڪ بنا ڪنھن لڪ لڪاءَ جي زندگيءَ جي حقيقتن، سماجي تضادن ۽ انسان جي ڏکن سکن کي پيش ڪري ٿو. اها خوبي ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ تلخيءَ جي حد تائين ڏسي سگهجي ٿي. هو تلخ سچائين کي بيباڪيءَ سان بيان ڪري، پڙهندڙ ن کي جهنجهوڙي ٿو. وٽس ڳالهه چوڻ جي جرئت آهي. اهڙي جرئت وسيلي هو زندگيءَ جي اصل رنگن، سماجي ناانصافين ۽ انساني احساسن کي بنا ڪنھن سينگار جي پيش ڪري ٿو. مصور حسين انهن ٻنهي پھلوئن تي ڀرپور روشني وڌي آهي.
ماڻڪ جي ڪھاڻين تي سرسري نظر ته ڪيترن ئي ليکڪن وڌي آهي، پر اهي مٿاڇرا ادبي مضمون آهن، هن مقالي ۾ نه رڳو ڇپيل ڪتابن جو اڀياس ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ اڻ ڇپيل ڪھاڻين کي به بحث هيٺ آڻي، ماڻڪ جي اکين کان اوجهل دنيا به سامهون آندي وئي آهي. اهي ڪھاڻيون سنڌيءَ جي مختلف مخزنن ۾ ته ڇپيل هيون، پر اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ شايع نه ٿيون آهن. انهن ۾ ”سجاڳي“، ”هڪ سنڌي ڪهاڻيڪار“، ”ڇوٽڪاري جو احساس“، ”شھر جي ڳالهه“، ”قربت“، ”ڇپ هيٺان دٻيل“، ”لوڙهي ۾ واڙيل“، ”پالهي حياتيءَ جا سکڻا اولڙا“، ”آواز بنا سنسار“، ”جوَن ڍيري گڏهه رکپال“، ”هڪ رات جو ائبنارمل“، ”اوندهه ۾ وڪوڙيل جهيڻي روشني“، ”هڪ انساني زندگيءَ جو سوال“، ”لڦون سُڪڻ کانپوءِ“، ”هڪ فرشتي جو موت“ ۽ ”شيرو“ جھڙيون ڪھاڻيون شامل آهن.
تحقيقي مقالي لکڻ لاءِ ڪيترا ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، ذهني مشقت ۽ وقت جي قرباني ڏيڻِي پوي ٿي، اهو سمورو سفر ڪيترو ڏکيو ۽ محنت طلب هوندو آهي، تنھن جو صحيح اندازو فقط هڪ محقق ئي لڳائي سگهي ٿو. البته ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ پڙهندڙ به سمجهي سگهي ٿو، ته محقق آڳ لاٿي آهي، يا پنھنجي زندگيءَ جا قيمتي پل صرف ڪيا آهن. هن مقالي ۾ مصور حسين گهٽ ۾ گهٽ آڳ نه لاٿي آهي.
