Homeسنڌتعليمطاقت، علم ۽ گهڙيل بيانيو

طاقت، علم ۽ گهڙيل بيانيو

مون کي اهو ڪلاس اڄ به ياد آهي. هي 1991ع جو ذڪر آهي. اسين واپڊا ۾ پيشيوراڻي فني تربيت حاصل ڪندڙ جونيئر سول انجنيئر هئاسين؛ پاڪستان جي هر صوبي مان آيل نوجوان ان ۾ شامل ھئا. اھا ٽیڪنیڪل ٽریننگ واپڊا جي پاڻيءَ سان لاڳاپیل پراجیڪٽن کي سمجهڻ لاءِ اھم ھئي۔ ان ۾ انجنیئري بناوت، هائيڊرولڪس جا اصول، بنیادي پراجیڪٽ مینیجمینٽ ۽ واپڊا ۾ ملازمت جو گڏيل نظم و ضبط سمجهايو ویندو هو. اسان کي ليڪچر ڏيندڙ کاتي جا سينئر انجنيئر،سوائل سائنٽسٽ، جیولاجي جا ماهر ۽ انتظامي عملدار هئا. انهن ۾ ئي هڪ سينئر سوائل سائنٽسٽ / مٽيءَ جو ماھر به شامل هو. زمين ۽ مٽيءَ بابت ڏنل ليڪچر جي بلڪل وچ ۾، هن هڪ اهڙو جملو چيو جنھن اسان کي بنھہ سُن ڪري ڇڏیو. چوڻ لڳو: ”سنڌ ۽ بلوچستان جا انجنيئر ویچارا ایئن ئي آھن ۽ ڪجهه نٿا ڄاڻن. اهي پنجاب ۽ سرحد (خيبر پختونخوا) جي جونيئر انجنيئرن کان تمام گهٽ اھلیت وارا آهن.“
اندر سڙي رک ٿيٖ ویو؛ اعتماد گم ٿيٖ ویو. سنڌ جي تیرھن جونيئر انجنيئرن هڪ وفاقي ڪلاس روم ۾ پاڻ کي ائين رَد ٿيندي ٻڌو ڄڻ ته هو برابريءَ جي ان ميز تي ويھڻ جي لائق ئي نه هجن. ان جملي حوصلا ٽوڙي ڇڏيا، ۽ ساڳئي وقت مستقبل جي آفيسرن سان ڀريل ان ڪمري اندر هڪ اهڙو سبق پڙهائي ڇڏيو، جيڪو ڪنھن نصاب ۾ لکيل نه هو: ته هن ملڪ ۾ اهليت ۽ لياقت کي صوبائي ليبل سان پرکيو وڃي ٿو.
پوءِ امتحان ٿيا. پھرين پوزيشن سنڌ جي حصي ۾ آئي. ٽين پوزيشن به سنڌ کي ئي ملي. اسان مان گهڻن جو خيال هو ته ٻي پوزيشن به سنڌ جي ئي هجڻ گهرجي ها، پر اهو سمجهيو ويو ته اتي پنجاب مان ڪنھن کي هجڻ گهرجي، نہ تہ پنجاب وارا دل ۾ ڪندا. گذريل بيچن جا رڪارڊ کولایاسین، تڏھن بہ اهو ئي سلسلو هو؛ سنڌ جا انجنيئر لاڳيتو نمايان پوزيشنون حاصل ڪندا رهيا هئا. ان دعويٰ کي رڳو ان ئي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو، جنھن تي ڪنھن تربيتي اڪيڊميءَ کي پرکڻ گهرجي ها. دعويٰ ته غلط ثابت ٿي وئي، پر اهو جملو نه مئو ۽ نہ ئي ان کي ورائي چوڻ وارا.
1991ع کان وٺي 2026ع تائين، مون اسلام آباد جي ايوانن ۽ راهدارين ۾ ان ئي جملي جا مختلف روپ ۽ پڙاڏا ٻڌا آهن. ڪڏهن ڀُڻڪو ڪندي ته ڪڏهن وڏي واڪي: ”سنڌ وارا آھن ئي نااهل. هو ڪرپٽ آهن. هو سائين بابا آهن.“ مون وفاقي وزيرن کي وفاقي ادارن جي ناقص ڪارڪردگيءَ جو گندُ سنڌ مٿان اڇلائيندي ڏٺو آهي. ڪراچيءَ ۾ وفاقي رٿابندي واري وزير کان جڏهن پڇيو ويو ته سنڌ ۾ موٽر ويز ڇو نٿيون ٺھن، ته هن جو جواب هو ته سنڌ ۾ ڪرپشن آهي، تنھن ڪري رستا نٿا ٺھن. جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي هڪ وفاقي ادارو آهي ۽ اهي شاهراهون وفاق جي ماتحت اچن ٿيون. هنن جو اهو جواب ڪو انتظامي يا مالي آڊٽ نه هو، پر سنڌ جي ماڻهن مٿان لڳايل هڪ کلم کلا فتوٰي هئي.
مان اهي سٽون ان ڪري نٿو لکان ته سنڌ ۾ بدعنوانيءَ جو ڪو مسئلو ناهي. سنڌ ۾ بدعنواني تمام گهڻي وڌي وئي آهي، چوٽان چوٽ آھي؛ ۽ ان جي بنا ڪنھن رعايت جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي. پر آئون ان اڳئين قدم کان انڪاري آهيان، تہ ان حڪومت جي ناڪاميءَ کي سنڌ جي ماڻهن جي فطرت ۽ ڪردار جو نالو ڏنو وڃي. هي اڳيون قدم زبان جو ترڪڻ ناهي، پر هڪ باقاعدي سوچيل سمجهيل طريقو آهي. هن جي هڪ تاريخ، نفسيات ۽ هڪ پڌرو مقصد آهي.
ان ڪلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، نفسيات جي ماهرن وٽ ان جو هڪ چٽو نالو آهي. هينري تاجفيل ۽ جان ٽرنر ان کي ”سماجي سڃاڻپ“ (Social Identity) جو نالو ڏنو هو. ماڻهو پنھنجي ٽولي يا گروهه سان لاڳاپي تي فخر محسوس ڪن ٿا، پوءِ هو ”اسين“ ۽ ”هو“ واري وڇوٽيءَ کي وڌيڪ ويڪرو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مخالف ٽولي جي هر ماڻهوءَ کي هڪ ئي لٺ سان هڪليندا آهن. ”اهي سڀ هڪ جھڙا آهن“ ڪا مشاهدي واري سچائي ناهي، پر ذهن جي هڪ پراڻي ۽ مدي خارج عادت آهي. ڪجهه صوبن کي قابليت ۽ هنر سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه کي پوئتي پیل لیکیو وڃي ٿو. 1991ع واري ڪلاس ۾ لَوڙَ ڪري ھنیل اھو ٺٺول وارو جملو ۽ 2026ع جي ٽيليويزن تي ڏيکاريو ويندڙ جاھل وارو ڪردار ٻه ڌار شيون ناهن؛ اهي انسانن کي هڪڙي ئي تارازيءَ ۾ تورين ٿا.
طاقت رڳو ماڻهن جون زبانون بند نٿي ڪري. فلسفي مشيل فوڪو مطابق، طاقت اهو به طئي ڪندي آهي ته ڪھڙي ڳالهه کي ”علم“ مڃيو ويندو: ڪنھن کي ”ٽيڪنيڪل ماهر“ چيو ويندو، ڪھڙي دير کي رٿابنديءَ جو عيب سمجهيو ويندو ۽ ڪھڙي دير کي وري سنڌين جي فطرت یا نااھلي ڪوٺیو ويندو.
انگریز بیٺڪي حڪمران اڳ ئي هن خطي کي ويڙهاڪ ۽ غير ويڙهاڪ، ترقي يافته ۽ پوئتي پیل خانن ۾ ورهائي چڪا هئا. 1857ع کان پوءِ پنجاب فوج جي ڀرتيءَ جو مرڪز بڻجي ويو، جڏهن ته سنڌ انگریزن لاءِ ڀرتي وارو پرڳڻو نہ ھو. ون يونٽ واري دور ۾ صوبائي ۽ مرڪزي کاتن ۾ نوڪریون گهڻو ڪري پنجاب کي ڏنیون ویون. جڏهن ون يونٽ ختم ٿي ويو، تڏهن به ڏسڻ ۽ پرکڻ جي اها عادت ختم نه ٿي.
وفاقي نوڪرين ۾ هاڻوڪي حصيداري ڪا اجائي پٽاڙ ناهي. سينيٽ جي هڪ ذيلي ڪميٽيءَ کي 2026ع ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي سيڪريٽريٽ جي 13,133 ملازمن مان، اسلام آباد سميت پنجاب جو حصو 67.22 سيڪڙو هو، جڏهن ته سنڌ مان رڳو 11.35 سيڪڙو هو. هي انھي ڪلاس جي بناوت آهي. جنھن ۾ چیو وڃي ٿو ته فلاڻن کي تہ ڪجهه اچي ئي نہ ٿو؛ تہ پوءِ انھن کي ڇو تہ نوڪرين ۾ کڻبو؟! . ائين هڪ مقامي سمجهه پوري ملڪ جي گڏيل دانش جو روپ ڌاري وٺندي آهي. ڪوٽا سسٽم جو مقصد ان اڻبرابريءَ کي درست ڪرڻ هو، پر ان کي پاڻ هڪ داغ بڻايو ويو. ٻھراڙي سنڌ سان تعلق رکندڙ آفيسر جي پٺيان اڄ به اها سُس پُس ڪئي ويندي آهي ته هو ”ڪوٽا ڪيس“ آهي، توڙي جو هن ساڳين ئي پیپر ۽ ساڳيو ئي امتحان پاس ڪيو هجي.
زميني نتيجن کي رڳو ”تاثر“ چئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025-26ع موجب پڙهيل لکيل هجڻ جي شرح (خواندگي) پنجاب ۾ 68 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 58 سيڪڙو آهي. ٻھراڙي واري سنڌ ۾ اها شرح رڳو 39 سيڪڙو آهي. اها اسڪولن ۽ مقامي حڪومتن جي ناڪامي آهي؛ هي ان ڳالهه جو ثبوت هرگز ناهي ته سنڌي سکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت کان وانجهيل آهن. ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جو 2025ع وارو سروي به اهڙي ئي قسم جون حقيقتون سامهون آڻي ٿو. پنجاب ۾ پوليس کي سڀ کان وڌيڪ بدعنوان سمجهيو ويو (34 سيڪڙو)، جڏهن ته سنڌ ۾ اها شرح 21 سيڪڙو هئي. عوامي سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جو اعتراف ڪندڙن جي شرح سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 46 سيڪڙو هئي، جڏهن ته پنجاب ۾ اها 39 سيڪڙو هئي. اسپتالن جي حالت سنڌ ۾ تمام خراب ڏيکاري وئي. تنھن ڪري ٻه متضاد سچايون هڪ ئي وقت موجود آهن: سنڌ ڪو اڪيلي سر بدعنوان ناهي، پر سنڌ کي عوامي سھولتن جي فراهميءَ ۾ هڪ حقيقي ۽ ڳنڀير بحران آهي.
هلندڙ هفتي ان پراڻي روش جو هڪ نئون امتحان سامهون آيو. سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز پاران جاري ڪيل سنڌ ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) 2026ع جي نتيجن ۾، ڪراچي ڊويزن جو ڪو به اميدوار شروعاتي 20 پوزيشنن ۾ شامل نہ ھو. ڪراچيءَ جو پھريون نالو 21هين نمبر تي آيو. شڪارپور جي هڪ نياڻيءَ 180 مان 179 مارڪون حاصل ڪيون. ٿرپارڪر جا پنج شاگرد ٽاپ وارن ویھن ۾ شامل رهيا. ٻيون پوزيشنون لاڙڪاڻي، بدين، خيرپور، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي نالي رهيون. ڪراچيءَ جو گڏيل پاس ٿيڻ جو تناسب جيتوڻيڪ باقي سموري سنڌ کان اڃا به وڌيڪ رهيو ۽ ان جا 18 شاگرد ٽاپ 100 ۾ شامل ٿيا، جڏهن ته گذريل ئي سال هن شھر پھرين ٽئي پوزيشنون ماڻيون هيون. ان حقیقتن جي ھوندي بہ ، سرخي اها ئي ٺھندي ته ڪراچي پھرين 20 پوزيشنن مان ئي ٻاهر آهي. اقتدار جي ايوانن ۾ اها سرخي ”سنڌ“ نالي فائيل سان ٽوپي ويندي، ۽ شھر ۾ ان کي ”ڪراچي ختم ٿي ويو“ واري فائيل ۾ اڇليو ويندو. اهي ٻئي فائيل اصل ڳالهه کان بنھ پري آھن! . هڪ اهڙو ضلعو جنھن کي اڪثر صفا پوئتي پیل چيو وڃي ٿو، تنھن جي شاندار رزلٽ ڪجهه ٻیو ٻڌائي رھی آھي. ھنن نتیجن جا انیڪ سبب ٿي سگهن ٿا؛ پر هي ان گهڙيل سانچي ۾ پورو نٿو ويھي؛ هي ته 1991ع وارن نتيجن سان ميل کائي ٿو! قابليت ڪنھن ڊوميسائل تي لڳل مُھر جو نالو ناهي.
موٽر وي جي مثال کي قصن ۽ ڪھاڻين بدران قانون جي دائري ۾ ڏسڻ گهرجي. موٽر ويز هڪ وفاقي نيٽ ورڪ آهن. ملتان-سکر ۽ ڪراچي-حيدرآباد موٽر ويز موجود آهن. سکر-حيدرآباد موٽر وي سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. دير جا بيشمار سبب هوندا آهن: وفاقي فنڊ، ٺيڪيدار، سيڪيورٽي، زمين جو وقتائتو ملڻ ۽ عدالتي ڪيس. انهن سڀني معاملن کي گڏي رڳو ”سنڌ واسين جي ڪرپشن“ جو ليبل هڻڻ دراصل ان اداري کي بچائڻ آهي جنھن جي ذميواري هي رستو ٺاهڻ هئي. هي 1991ع جو ساڳيو ئي جملو آهي، جيڪو هن ڀيري هڪ وفاقي وزير جي زبان مان ادا ٿيو.
ڇا هي سڄو جهيڙو طاقت ۽ وسيلن تي قبضي جو آهي؟ ان جو جواب ھڪ پڪي ها ناھي. جيڪي ماڻهو ”قومي یاملڪي اهليت“ جو معيار مقرر ڪندڙ ادارن ۾ ويٺل آهن، اهي ئي اهو به طئي ڪن ٿا ته ماهر ڪنھن کي نظر اچڻ گهرجي. صوبائي اقتدار تي قابض عنصر—جاگيرداراڻي سياست ۽ ڪمزور بلدياتي نظام—مراعتن ۽ پنھنجن کي نوازڻ جو هڪ اهڙو نظام کڙو ڪن ٿا جيڪو هڪ تلخ حقيقت آهي، پر اها ڪنھن نسل يا رت جو عيب ناهي. ۽ جن کي الزامن جو رخ موڙڻ جي سھولت مليل آهي، اهي ان بيانيي کي مڪمل ڪن ٿا. جڏهن سنڌ ۾ ڪا وفاقي شاهراهه ناڪام ٿئي ٿي ته ان کي سنڌين جي ڪردار جو عيب قرار ڏنو وڃي ٿو؛ ۽ جڏهن اها ساڳي ناڪامي پنجاب ۾ جنم وٺي ٿي ته ڪھاڻي رڳو ناگزير حالتن جي بڻجي وڃي ٿي. اصل داءُ تي ته پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ، ترقياتي رٿائن جون اوليتون ۽ شھرن جون زمينون لڳل آهن. هڪ مدي خارج ليبل سوديبازيءَ کي سستو بڻائي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ٻئي ڌر کي پيدائشي طور تي نااهل قرار ڏنو وڃي، ته پوءِ اوهان کي ادارن جي سڌاري جي ڪا ضرورت نٿي رهي؛ اوهان کي بس هڪ ليڪچر ڏیڻو ٿو پوي ٿو، جیڪو 35 سال اڳ اسان کي ٽریننگ ۾ ٻڌایو ویو ھو.
هن مسئلي کي چئن پڌرن نقطن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو: پھریون، اهو گمان وساري ویھو ته ڪو هنر ۽ مھارت ڪنھن خاص صوبي جي ميراث آهي؛ 1991ع جا نتيجا اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته ائين ناهي. ٻیو، ذميواري ان ئي اداري تي وجهو جنھن جي حوالي اهو ڪم آهي؛ نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ کي بطور وفاقي ادارو جوابدہ بڻايو، ۽ جتي اسپتالون، اسڪول ۽ بلدياتي نظام ناڪام ٿين، اتي سنڌ حڪومت جي ڳچي پڪڙيو. ٽیون، طبقي ۽ عهدي جي نشاندهي ڪريو، نه ڪي نسل ۽ رت جي؛ ”سائين بابا“ وارو طعنو هڪ جاگيردار اشرافيا ڏانھن اشارو ڪري ٿو، اهو سنڌين جو سڃاڻپ نامو نٿو بڻجي سگهي. ڇوٿون، هن بيانيي کي هڪ باقاعدي هٿيار سمجهو؛ جيڪا ڳالهه 1991ع ۾ غلط ثابت ٿيڻ باوجود اڄ تائين جيئري آهي، اها ڪا بي مقصد ڳالهه ناهي. ان جو ٽوڙ ڪنھن ٻئي صوبي خلاف من گهڙت ڪھاڻيون ٺاهڻ ناهي، پر عوامي سطح تي حقيقتن ۽ انگن اکرن کي آمهون سامهون آڻڻ آهي، ته جيئن تعصب جو پردو ھٽائي سگهجي.
هڪ منصفاڻو نقطئه نظر هر ڌر لاءِ ڪڙو هوندو آهي. سنڌ ۾ عوامي سھولتن جي فراهميءَ جو حقيقي بحران آهي، ۽ هي رڳو ڪو ”ناڪاري تاثر“ ناهي پر زمیني حقیقت آھي. وفاق کي به هڪ ڳنڀير مسئلو درپيش آهي ته مرڪز جي کاتن ۾ سنڌ بلوچستان جا ماڻهو نالي ماتر آھن ۽ اتي ڪیئن ناڪامين جو بيانيو گهڙيو وڃي ٿو؛ ۽ هي معاملو به رڳو ”ميرٽ“ جو ناهي. مان 1991ع ۾ ان ئي ڪمري ۾ موجود هئس. مون اهو جملو پنھنجن ڪنن سان ٻڌو هو. مون نتيجا پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا. پنجٽيھه ورهين دوران مون اهو ساڳيو ئي جملو مختلف لھجن ۾ وري وري ٻڌو آهي. سنڌ جا اهي تیرھن جونيئر انجنيئر جن کي چيو ويو هو ته هو ڪجهه نٿا ڄاڻن، ۽ پوءِ انهن پھرين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، اهي ته ان مفروضي کي ڪڏھن جو ڪوڙو ثابت ڪري چڪا ھئا. پر ھڪ سوال جنھن جو جواب هن فيڊريشن اڄ تائين ناهي ڏنو، اهو هي آهي ته اها بي بنياد دعويٰ واپس ڇو نه ورتي وئي ۽ اڄ تائین ان کي ورجایو ڇو ٿو وڃي ؟!
حوالا

تاجفيل، هينري (Henri Tajfel) ۽ جان ٽرنر (John Turner). سماجي سڃاڻپ جو نظريو (Social Identity Theory). 1979ع.

فوڪو، مشيل (Michel Foucault). پاور/نالج: چونڊ انٽرويو ۽ تحريرون (Power/Knowledge: Selected Interviews and Writings).

سعيد، ايڊورڊ (Edward Said). اورينٽلزم / مشرقيت (Orientalism). 1978ع.

گرامشي، انتونيو (Antonio Gramsci). بالادستي ۽ عام فهم بابت نوٽس (Notes on Hegemony and Common Sense).

ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان (Transparency International Pakistan). قومي بدعنواني بابت تاثر سروي 2025ع (National Corruption Perception Survey 2025).

حڪومتِ پاڪستان (Government of Pakistan). پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025–26ع (Pakistan Economic Survey 2025–26). تعليم وارو باب (Chapter on Education).

سينيٽ آف پاڪستان (Senate of Pakistan). اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽيءَ جي ڪارروائي، جون 2026ع (Proceedings of the Sub-Committee on Devolution, June 2026). وفاقي سيڪريٽريٽ جي ويهڪن ۾ صوبائي حصيداري (Provincial share of posts in the Federal Secretariat). روزاني ”دي نيشن“ (The Nation) ۾ به شايع ٿيل، 23 جون 2026ع.

سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز (Sukkur IBA Testing Services). سنڌ ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا 2026ع (Sindh MDCAT 2026 results). 28–29 سيپٽمبر 2026ع.

”ايم ڊي ڪيٽ پاس ڪندڙ پهرين 20 اميدوارن ۾ ڪراچيءَ جو ڪو به اميدوار شامل ناهي“ (“No Karachi candidate among top 20 who passed MDCAT”). روزاني ڊان (Dawn)، 29 سيپٽمبر 2026ع.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ايڪٽ، 1991ع (National Highway Authority Act, 1991). ايم-5، ايم-6 ۽ ايم-9 موٽرويز جي صورتحال، 2026ع (Status of the M-5, M-6 and M-9 motorways, 2026).

1857ع کان پوءِ ، بيٺڪي نظام ”جنگجو قومن“ وارو نظريو (Colonial “martial races” doctrine)، ۽ ون يونٽ جو رڪارڊ، 1955–1970ع (One Unit record, 1955–1970).

واپڊا ٽيڪنيڪل انڊڪشن ٽريننگ (WAPDA technical induction training). ليکڪ جو اکين ڏٺو احوال (Author’s eyewitness account). 1991ع.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا