اسان وٽ سماجي، سياسي ۽ معروضي حالتون اهڙيون رهنديون آيون آهن، جو اسان وٽ جيڪو ادب تخليق ٿيندو رهيو آهي، اهو گهڻو ڪري انهن حالتن يا پوءِ نظرين جي دٻاءٓ جو اثر وٺندو رهيو آهي. جنھن سبب انفرادي، نفسياتي، وجودي ۽ احساساتي ادب نظر انداز ٿيندو رهيو آهي. پر جيڪو به احساساتي ادب اسان وٽ لکيو ويو آهي، ان ۾ گهڻو حصو عورت ليکڪائن جو آهي. شبنم گل جو ناول “ھنج” به انهيءَ سلسلي جي اهم ڪڙي آهي.
هن ناول ۾ مونکي ڪثير فڪري ۽ معنوي جھتون نظر آيون. تنھنڪري مون انهن جو جائزو به مختلف زاوين کان ورتو آهي. پر پھرين ڪھاڻيءَ جو اختصار:
ڪھاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته پريسه هڪ شادي شده ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. سندس مڙس دانش ۽ ٻار آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ ڪراچي آيل آهي ته جيئن پنھنجي بيمار سس جو خيال رکي سگهي. بظاهر ته پريسه جي زندگي پرسڪون آهي، پر حقيقت هوندي هڪڙي آهي ۽ نظر ٻي ايندي آهي. هوءَ (PTSD) جو شڪار آهي، جنھن سبب شديد ڊپريشن ۾ آهي ۽ کيس دورا ٿا پون. هوءَ ماهرِ نفسيات ڊاڪٽر راجيش وٽ پنھنجو علاج ڪرائي ٿي. ڊاڪٽر کيس چوي ٿو ته هوءَ ننڍي هوندي کان وٺي اڄ تائين جا حالات کيس ٻڌائي.
پريسه ننڍڙي هئي ته سندس پيءُ الطاف ٻي شادي ڪئي، جنھن سان ڪئين زندگيون عذابن جي ور چڙهي ويون. الطاف، پريسه جي ماءُ فاطمه کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. پريسه ۽ سندس ننڍڙي ڀاءُ کي ويڳي ماءُ نرگس پاليو. پريسه جي دل ۾ ماءُ سان ملڻ جي تڙپ هميشه رهي. ويڳي ماءُ ۽ پيءُ جي سخت رويي پريسه کي پنھنجي خول ۾ بند ٿي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
پريسه وڏي ٿي ته کيس هڪ نوجوان روحل، ٽيوشن پڙهائڻ ايندو هو، جنھن سان هن جي محبت ٿي وئي ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ روحل به کيس ڇڏي ويو. سندس پيءُ ۽ ويڳي ماءُ سندس شادي ڪنھن ڪمشنر جي پٽ، دانش سان ڪرائي ڇڏي، جنھن سان نڀائڻ جي هيءَ پوري ڪوشش ڪندي رهي ٿي. دانش جو بزنس آمريڪا ۾ ته آهي، پر سندس بزنس ڪراچي ۾ به آهي. هو زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ قبضا ڇڏائڻ ۾ به ملوث آهي، جنھن جي خبر پريسه کي گهڻي دير سان پوي ٿي. دانش وٽ بزنس ۽ پئسي ڪمائڻ جي وڌيڪ اهميت آهي ۽ هو جذبن ۽ احساسن کي اهميت نٿو ڏئي.
پريسه جي هڪ دوست ڊاڪٽر ماريه آهي، جيڪا ڪنھن بئريسٽر شھريار سان محبت ڪري ٿي، پر شھريار ڪنھن گمنام ڇوڪريءَ جي محبت ۾ اڳواٽ گرفتار آهي. تنھنڪري ماريه جي محبت جو جواب محبت سان نٿو ڏئي سگهي. آخرڪار پريسه کي ننڍي هوندي کان وڇڙيل ماءُ فاطمه ملي وڃي ٿي ۽ هوءَ بي حد خوش گذارڻ لڳي ٿي. سندس ماءُ دربدري کان پوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي پنھنجي پٽ سان گڏ دبئي ۾ رهي ٿي. پريسه جون خوشيون عارضي ثابت ٿيون. ڇو ته ڪنھن ايمرجنسي سبب سندس ماءُ اوچتو دبئي هلي وئي.
پريسه وٽ بس هڪڙي ئي دوست ماريه آهي، جنھن سان هر ڏک سور سلي سگهي ٿي، پر اها دوست به هن کي ڇڏي ڏئي ٿي. جڏهن ٻنهي تي اهو انڪشاف ٿيندو آهي ته شھريار ڪير ٻيو نه پر سندس ٽيوٽر روحل ئي آهي ۽ روحل جي گمنام محبت ڪا ٻي نه پر پريسه ئي آهي. روحل عرف شھريار پريسه کي ٻڌائي ٿو ته رشتو وٺڻ لاءِ هن پنھنجي ماءُ کي موڪليو هو، پر نرگس، روحل جي ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائي رشتو ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنھن ڳالهه جي پريسه کي ڪا به خبر نه هئي. آخر ۾ الطاف ۽ نرگس پڇتائين ٿا ۽ پريسه کان معافي گهرن ٿا. جڏهن پريسه مڪمل تنھا ٿي چڪي هوندي آهي ۽ سندس سڀ اميدون ختم ٿي وڃن ٿيون ته ان وقت منجهانئس هڪ ٻي ۽ نئين پريسه جنم وٺي ٿي ۽ هوءَ حالتن ۽ شين کي صحيح تناظر ۾ ڏسڻ جي اهل ٿئي ٿي. منجهس ٺھراءُ اچي وڃي ٿو ۽ هو ڪجهه فلسفياڻه چشم ڪشا سوال پڇي ٿي.
هن ناول جي ٻولي شاندار ۽ ننڍن ننڍن ڏاهپ جي جملن سان ڀرپور آهي. ڪٿي ڪٿي ته لفظي مصوري ٿي لڳي. لھجي ۾ پختگي، ڪوملتا ۽ وقار آهي. هڪ خاص قسم جي رک رکاءُ کي ملحوظ خاطر رکيو ويو آهي. ڪٿي ڪو عاميانه جملو نٿو ملي. منظر نگاري به سٺي آهي، جنھن ۾ سمعي ۽ بصري اثرن جو جوڳو خيال رکيو ويو آهي. خاص ڪري اداس ڪندڙ منظرن کي سٺي نموني سان چٽيو ويو آهي. فني حوالي سان پلاٽ جي هن قسم کي (Rebirth) ٻيھر ڄمڻ يا نئون جنم، چئبو آهي. ڪرسٽوفر بوڪر، پلاٽ جا جيڪي ست بنيادي قسم ٻڌايا آهن، هي ناول انهن مان هڪ آهي ۽ ان جا سڀ لوازمات پورا ڪري ٿو.
نفسياتي جائزو:
پريسه جي زندگيءَ ۾ بحران جي مٿان بحران آهن، جن کيس ذهني مريضه ٺاهي ڇڏيو. پيءُ جي ٻي شادي، ماءُ جو لوڌجي نڪرڻ ۽ سندس گمشدگي ان وقت ٿي جڏهن پريسه جا، ” ماءُ جي هنج “ ۾ ويھي کيڏڻ جا ڏينھن هئا. صفا ننڍڙي عمر ۾ ٿيل هي ٽراما / حادثو پريسه جي ذهن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو، جيڪو لاشعوري طور کيس ائين متاثر ڪندو رهي ٿو ته جيڪي به ساڻس پيار ڪن ٿا يا جن سان به هي پيار ڪري ٿي، اهي سڀ کيس ڇڏي ويندا، اهو خوف سندس لاشعور ۾ ديرو ڄمائي ويھي رهي ٿو. فرائيڊ مطابق انهيءَ قسم جو ٽراما لاشعور جي گھرائي ۾ بار بار دهرائبو رهندو آهي، جيڪو شعور جي سطح تي ته نه ايندو آهي، پر خوابن ۾ روپ بدلائي ايندو رهندو آهي. ٽراما جو اهو لاشعوري ورجاءُ، شخصيت کي معتدل رهڻ نٿو ڏئي.
ان حادثي کان پوءِ به مسلسل ساڻس حادثا ٿيندا رهن ٿا. ويڳي ماءُ جي بي اعتنائي، پيءُ جي لاپرواهي، روحل جو ڇڏي وڃڻ، دانش جو پري هجڻ ۽ ڪاروبار کي احساسن مٿان ترجيح ڏيڻ، وغيره. هو هر وقت خوف ۾ رهي ٿي. کيس اهو به خوف ماري ٿو ته ماريه کي خبر پوندي ته روحل ۽ شھريار اصل ۾ هڪ ئي شخصيت جا ٻه نالا آهن ته سندس ردِعمل ڪھڙو ٿيندو. هوءَ انهيءَ دهشت ۾ به رهي ٿي ته ڪٿي دانش کي سندس خاموش محبت يعني روحل جي باري ۾ ڪا سڻڪ نه ملي وڃي. انهيءَ خوف سبب هو سڀني سان سٺو هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ سڀني کي خوش رکڻ جي ڪوشش سبب سندس حالت فرحت شھزاد جي هن شعر جھڙي ٿي وڃي ٿي:
رس رہا ہو خون دل سے، لب مگر ہنستے رہیں،
کر گیا برباد مجھ کو، یہ ہنر، کہنا اسے۔۔۔۔
سندس اندر جو خلا روزبروز وڌندو وڃي ٿو، جنھن کي سندس ڏاڏي پر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر هڪ ڏينھن هوءَ به گذاري وڃي ٿي.
بي وسي، بي وقعتي، ناانصافي، نظر انداز ٿيڻ جو درد، روحل جي محبت جي راز کي دل ۾ لڪائي رکڻ جي چڀن….. مٿان وري سماجي ذميواريون اهڙيون جو سڀني دردن کي لڪائي سڀني سان مسڪرائي ملڻ…. اهڙي صورتحال ۾ اهي خاموش درد شخصيت کي مسلسل پيڙا ۾ رکندا آهن ۽ اندر ئي اندر زخمن کي ناسور ۾ تبديل ڪندا رهندا آهن. شخصيت جي انهن باريڪ نفسياتي رخن جي فاضل مصنفه سٺي انداز سان عڪاسي ڪئي آهي.
نفرت ھڪ منفي جذبو آهي جيڪو فردن کي انتقام وٺڻ تي اڪسائيندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪير به انتقام جي راھ تي هلي پوي ٿو ته ان جو نتيجو تباهي جي شڪل ۾ ئي نڪرندو آهي. پريسه پيءُ سان گڏ، نرگس کي به پنھنجي حالت جو ذميوار سمجهي ٿي. انهيءَ صورت ۾ نفرت ٿيڻ هڪ فطري صورتحال آهي، پر پريسه نفرت کي دل ۾ رکڻ جي بجاءِ، معاف ڪري هڪ بھادر ۽ بھتر انسان هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿي. هوءَ پيءُ ۽ ويڳي ماءُ کي معاف ڪري پرسڪون ٿي وڃي ٿي.
جڏهن روحل عرف شھريار کيس ٻڌائي ٿو ته هن رشتو وٺڻ لاءِ پنھنجي ماءُ کي موڪليو هو ۽ پريسه جي ماءُ انڪار ڪري ڇڏيو هو ته پريسه بي هوش ٿي ڪرڻ واري هوندي آهي ۽ شھريار کيس سنڀالي وٺندو آهي. هن صورتحال کي (Somatic Collapse) يعني جسماني ۽ اعصابي طور بي حال ٿيڻ چئبو آهي، جنھن ۾ ذهني دٻاءُ ايترو وڌي وڃي ٿو جو جسم اهو وزن کڻڻ جي قابل نٿو رهي ۽ ماڻهو ڪري پوي ٿو يا غش ٿي وڃي ٿو. اهو منظر ماريه ڏسي وٺي ٿي، جنھن سبب پريسه جي زندگيءَ مان ماريه به هلي وڃي ٿي.
آخر ۾ جڏهن سندس ماءُ دبئي هلي وڃي ٿي ۽ پريسه کيس ملڻ يا روڪڻ لاءِ، ايئرپورٽ پھچي ٿي ته دروازا بند ٿي وڃن ٿا. دروازا بند ٿيڻ به هڪ علامتي اظھار آهي. يعني پريسه جتي به خوشي لاءِ واجهايو، اهو دروازو مٿس بند ٿي ويو. اهو ڪو نئون ٽراما ته نه هو، پر پھرئين ٽراما جو حقيقي ورجاءُ هو، جيڪو اڳ صرف سندس لاشعور ۾ ٿيندو رهندو هو. پر ٽراما جي هن آخري قسط کيس غش ڪرڻ جي بجاءِ مضبوط ڪري ڇڏيو۔ بقول مرزا غالب:
رنج سے خوگر ہوا انساں تو مٹ جاتا ہے رنج،
مشکلیں مجھ پر پڑیں اتنی کہ آساں ہو گئیں۔۔۔
پريسه جي لاءِ اهو لمحو جاڳڻ (Awakening) يا اکيون کلڻ جو آهي، جيڪو کيس تبديل (Transform)، بھتر ۽ بالغ نظر بنائي ٿو ۽ هوءَ انتھائي اهم سوال پڇي ٿي. انهن سوالن ۽ ناول جي بيانيي جو گهڻ رخو جائزو وٺڻ ضروري آهي:
”ڇا پائڻ ۽ وڃائڻ ۾ ڪو فرق نه آهي امان! تون ملي هئينءَ يا نه! ڇا مون ڪو خواب ڏٺو هو!“
”اسان جي زندگي، ڳولا ۽ جدوجھد جي ڪھڙي معنا آهي، پوءِ جڏهن پائڻ ۽ وڃائڻ ۾ ڪو فرق باقي نه رهي امان! ڇا مان زندگيءَ جي رمز کي نه سمجهي سگهي آهيان؟ ڇا زندگي فقط نه ختم ٿيندڙ انتظار ۽ اڻ حاصل خواب جو دائرو آهي! جنھن ۾ مان ڦرندي رهيس، سڄي ڄمار…مان توکي وڃڻ نه ڏيندس؟”
پريسه جا اٿاريل هي سوال هن ناول جو اختتام ته ٿي سگهن ٿا، پر اهي پريسه جي نئين زندگيءَ جي شروعات سمجهڻ گهرجن. سندس چشم ڪشائي (Disillusionment) ٿئي ٿي ۽ هوءَ دنيا جي حقيقت، ان جي بي ثباتي ۽ رشتن جي مشروط تعلق (Contingent Relationships ) کي سمجهي وٺي ٿي. اصل ۾ اهو پيڙيندڙ ادراڪ ئي سندس نجات جو سبب بنجي ٿو ۽ هوءَ آزادي ماڻي وٺي ٿي. سندس خودڪلامي جو آخري جملو، ”مان توکي وڃڻ نه ڏيندس“ هڪ نئين ولولي، عزم، پاڻ تي ڀروسي ۽ بااختيار هجڻ جو علامتي اعلان آهي.
عورتازاد نڪتئہ نظر:
فاضل مصنفه سڌي يا اڻسڌي طرح فيمينزم جو به زبردست اظھار ڪيو آهي.
پريسه، سندس ماءُ فاطمه ۽ سندس ڏاڏي، ٽيئي عورتون صنفي امتياز (Gender Discrimination) جون شڪار آهن. سندن زندگيءَ جا فيصلا مرد ٿا ڪن. چاهي اهي پٽ يا پيءُ هجن يا مڙس ۽ محبوب هجن.
سائمون ڊي بوا چيو هو، ” عورت کي ثانوي حيثيت ڏني ٿي وڃي. ان ۾ عورت جي خواهش ۽ اهليت کي بلڪل به مدِنظر نٿو رکيو وڃي. جنھن به مرد وٽ اهو اختيار آهي، اهو انهيءَ اختيار کي عورت تي استعمال ڪري ٿو. پوءِ ، اهو پيءُ هجي، پٽ هجي يا قبيلي ۽ خاندان جو ڪو وڏو هجي.“ فاطمه پنھنجو گهر خوشيءَ سان نٿي ڇڏي، پر الطاف کيس ڇڏائي ٿو. پريسه جي شادي پنھنجي مرضيءَ سان نه پر الطاف جي مرضيءَ سان ٿي ٿئي. دانش پنھنجي مرضيءَ سان آمريڪا ۾ ٿو رهي، جڏهن ته پريسه پنھنجي مرضيءَ سان ڪراچي ۾ نٿي رهي. کيس، ساٿي هجڻ واري حيثيت جي بجاءِ ، ” خدمت“ واري حيثيت تي رکيو ٿو وڃي.
پريسه جي ويڳي ماءُ نرگس، روحل جي رشتي کي نه صرف رد ڪري ٿي، پر روحل جي ماءُ جي بي عزتي به ڪري ٿي. هتي گائتري اسپي وڪ واري ڳالهه بلڪل سچ ٿي ثابت ٿئي ته حاشي تي رهندڙ عورت (Marginalized woman) به مرد جي طرفان مليل مرداڻا اختيار استعمال ڪندي، ڪنھن ٻي عورت جو استحصال ڪندي دير نٿي ڪري. ڇو ته هوءَ نفسياتي طور مرداڻن اختيارن کي هضم ڪري چڪي هوندي آهي ۽ انهن کي بلڪل درست سمجهي ٿي.
دانش ڪاروبار کي احساسن تي ترجيح ٿو ڏئي. اهو رويو خاص ڪري مابعد جديد پدري سماج جو آهي، جنھن ۾ مادي شيون، انسان کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيون آهن. جنھن ۾ عورت خاص ڪري زال ۽ محبوبه محبت ڪندڙ انسان جي بجاءِ، ” شيون“ (Commodities) بنجي وڃن ٿيون، جن جي جذباتي ۽ انساني اهميت جي بجاءِ صرف (Use Value) يعني افاديت رهجي وڃي ٿي.
بي معنويت / لغويت (Absurdity):
پريسه جا سوال ڇرڪائيندڙ آهن. انهن سوالن ڪو هوا ۾ جنم نه ورتو آهي، اهي سندس پيڙا مان ڦٽي نڪتا آهن. پر انهن سوالن جا جواب ڪنھن وٽ آهن؟ ڇا انهن سوالن جي جواب ۾ خاموشي پلئه نٿي پوي؟ ڇا اهي سوال ٻڌي اسان کي فرانسيسي مفڪر البرٽ ڪاميو ياد نٿو اچي، جنھن چيو هو ته اسان وٽ هزارين سوال آهن پر ان جي جواب ۾ ڪائنات وٽ صرف بي پرواه خاموشي آهي.
ڇا پائڻ ۽ وڃائڻ ۾ ڪو فرق نه آهي؟ حاصلات ۽ حاصل ڪرڻ جو لامتناهي سلسلو ڪڏهن به اطمينان بخش نه رهيو آهي. ڪاميو جي لفظن ۾ اسان جي حاصلات، سسيفس واري اها حاصلات آهي، جنھن ۾ هو هڪ وڏي پٿر کي ريڙهيندي جبل جي چوٽيءَ تائين وٺي وڃي ٿو. شام جو اهو پٿر کسڪندو وري وڃي جبل جي پاڙ ۾ ٿو پھچي. سسيفس ٻي ڏينھن وري پٿر کي جبل جي چوٽيءَ تائين پھچائي ٿو، شام جو پٿر وري جبل جي پاڙ ۾ پھچيو وڃي. سسيفس کي ديوتائن اها ابدي سزا ڏني هئي. ڇا اسان به اها ساڳي سزا نه پيا ڀوڳيون؟ حاصل ڪريون ٿا وڃايون ٿا ۽ اهو سلسلو هلندو ٿو رهي.
پريسه کي ماءُ جو پيار ملي ٿو وري وڃائجي وڃي ٿو. ٻيھر ملي ٿو، ٻيھر وڃائجي وڃي ٿو. کيس روحل جي وقتي رفاقت ملي ٿي وري وڃائجي وڃي ٿي. ماريه جي دوستي ملي ٿي، وري وڃائجي وڃي ٿي. ڇا اها بي معنا جدوجھد ۽ لاحاصل حاصلات ناهي؟ ڇا اها لغويت ۽ زندگي جو واهيات پڻو ناهي؟
پريسه تي لغويت جي حقيقت آشڪار ٿئي ٿي ته هو ڪاميو جي صلاح وٺندي، ان کي قبول ڪري وٺي ٿي. ڇو ته ٻيو ڪو قابلِ قبول حل ڪونهي. نه هو خودڪشي جو سوچي ٿي، نه ئي هو هاڻي ڪنھن مان ڪوڙيون اميدون رکي ٿي. اندر جو اطمينان صرف ڪڙين حقيقتن کي بھادريءٓ سان قبول ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.
” اسان جي زندگي، ڳولا ۽ جدوجھد جي ڪھڙي معنا آهي؟ “ ڪاميو هجي يا سارتر، ٻئي زندگيءَ جي پيدائشي جوهر جا انڪاري آهن. ” وجود جوهر کان پھرين آهي“. وجود جو جوهر خود تخليق ڪرڻو پوي ٿو. بي معنويت کي معنويت پاڻ ئي ڏيڻي پوي ٿي ۽ اهو ٿئي ٿو پنھنجي چونڊ ڪرڻ سان. پريسه آخر ۾ انهيءَ مقام تي پھچي وڃي ٿي جڏهن هو چونڊ کي پنھنجي هٿ ۾ رکڻ جو عزم ڪندي چوي ٿي، ” مان توکي وڃڻ نه ڏيندس“. اهو پريسه جو نئون جنم آهي. نئين شروعات آهي جنھن جو اڳيون مرحلو بغاوت هوندو.
طاقت جو بيانيو:
طاقت يا طاقت جو استعمال ڪڏهن ظاهر ظھور هوندو آهي ته ڪڏهن پوشيده. هن موضوع تي فرانسيسي مفڪر مشل فوڪو سڀ کان وڌيڪ ۽ اثرائتي انداز ۾ لکيو آهي. جنھن جي مطابق، طاقت جو استعمال گهڻو ڪري ادارن ذريعي ٿيندو آهي. گهر کان وٺي سماجي، تعليمي، سياسي، قانوني وغيره سڀني ادارن ۾ طاقت جو استعمال ڪري ذهن سازي ڪئي وڃي ٿي ۽ فرمانبردار فرد تيار ڪيا وڃن ٿا ته جيئن انهن جي زندگيءَ تي ضابطو آڻي سگهجي. اهي فرد اڳتي هلي خود طاقت جا آلئه ڪار بنجي وڃن ٿا. فاضل مصنفه طاقت جي بيانيي کي خوب سمجهي ٿي ۽ ان کي هن ناول ۾ فنڪارانه طريقي سان چٽيو آهي.
فاطمه کي طلاق ڏئي گهران ڪڍيو وڃي ٿو. نه هو خود ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪو ادارو سندس مدد ڪري ٿو. ڇو ته پدري سماج اها طاقت مرد جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي. مرد وٽ طاقت آهي ۽ عورت ڪمزور آهي. مغربي سماج ۾ ائين ڪونهي ڇو ته اتي عورت (گھڻي حد تائين) خود به طاقتور بنجي چڪي آهي ۽ کيس ادارتي سھڪار به آهي.
عزت ڇا آهي؟ انهيءَ جو معيار به طاقت طئه ڪري ٿي. پريسه جي شادي سندس مرضي کان سواءِ ڪئي وڃي ٿي ۽ اتي هٿيار استعمال ڪيو وڃي ٿو عزت جو. پريسه انهيءَ ڪري بغاوت نٿي ڪري، جو ائين ڪرڻ سان سندس پيءءُ جي نام نھاد، ”عزت“ خراب ٿيندي! سندس شادي روحل جي بجاءِ ڪمشنر جي پٽ سان ڪرائي وڃي ٿي. ڇو ته سندن نظر ۾ ائين ڪرڻ سان سندن خاندان جي عزت ۾ اضافو ٿيندو ! ٻين لفظن ۾ سندن طاقت ۾ اضافو ٿيندو.
پريسه خاموش رهي ٿي. کانئس خاموش رهڻ جي توقع به ڪئي وڃي ٿي. اها، ”توقع“ طاقت جي اداري ثقافتي رواجن ذريعي نافذ ڪئي آهي. ڇو جو خاموش نه رهڻ کي بغاوت سمجهيو ويندو جنھن جي سزا معاشرو ڏيندو. هوءَ روحل سان پيار کي اندر ۾ لڪائي خاموش رهي ٿي. کيس خبر آهي ته جيڪڏهن هن اظھار ڪيو ته سندس مڙس پنھنجي صنفي طاقت استعمال ڪندو ۽ سندس حشر به سندس ماءُ فاطمه جھڙو ٿي سگهي ٿو.
طلاق کان پوءِ فاطمه خاموشي سان گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي. ڇو ته کيس خبر آهي ته خاموش نه رهڻ سان، ” طاقت“ پنھنجو استعمال وڌيڪ بي رحميءَ سان ڪندي. ڇو ته طاقت پنھنجي سرشت ۾ بي رحم هوندي آهي.
هي ناول تھ در تھ معنوي، جمالياتي، نفسياتي ۽ فلسفيانه جھتون رکي ٿو، جنھن لاءِ مصنفه مبارڪباد جي مستحق آهي. تنھن هوندي به ڪجهه ڳالهيون کٽڪن ٿيون.
ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ تي دل آماده نٿي ٿئي ته ماءُ فاطمه، طلاق کان پوءِ ٻارن تان آساني سان هٿ کڻي وڃي ٿي ۽ پنھنجي طرفان ڪو به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪري. ڏهاڪن جي تلاش کان پوءِ به پريسه کيس ڳولي هٿ ڪري ٿي.
هڪ جڳھه تي پريسه پنھنجي ملازمه جي پٽ جي مدد ڪرڻ لاءِ کيس وڪيل وٽ وٺي وڃي ٿي. اهو ڇوڪرو، هڪ ڇوڪري کي سندس مائٽن جي مرضي کان سواءِ نڪاح ڪري گهر وٺي ايندو آهي. وڪيل چوي ٿو، ” اسان وٽ روز اهڙا ڪيس اچن ٿا، جيڪي بنا ڪنھن نتيجي تي پھچڻ جي سالن تائين هلندا آهن.“ هتي مصنفه جو مطالعو يا مشاهدو ڪمزور لڳي ٿو. اهڙي ڳالهه هڪ بئريسٽر ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ حقيقت اها آهي ته فري وِل جي ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ ڇوڪرِي جي هڪ پيشي ئي ڪافي هوندي آهي.
هنج، سنڌي ناولن جي لسٽ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.
