سنڌ ۾ سمن جي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور ۾ شھيد مخدوم بلال سمون نه صرف هڪ صوفي عالم. مشائخ ۽ استاد هيو، پر هڪ محب وطن شخص پڻ هيو. سندس مڃتا، عقيدت مندي ۽ شھرت سڄي سنڌ ۾ هئي. مخدوم بلاول يا بلال اول ٽلٽيءَ جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هيو، پر پوءِ ٽلٽي ڇڏي اچي باغبان جي علائقي ۾ مدرسو قائم ڪيائين. باغبان باغن سبب مشھور هئو. هاڻ ساڳيو علائقو سندس نالي ”مخدوم بلاول“ سان موجود آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو ذڪر يا حوالو نه ٿو ملي ته مخدوم بلاول جي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي درٻار تائين رسائي هجڻ باوجود ڄام نندي کان ڪڏهن به ڪنھن به قسم جي ڪا مدد طلب ڪئي هجي. جيتوڻيڪ سندس پھچ درٻار تائين هئي، پر مخدوم بلاول درٻاري نه پر وطن ۽ عوام دوست عالِم ۽ صوفي بزرگ هئو. اهڙو ذڪر ذوالفقار علي ڪلهوڙي فرائيڊي ٽائيمز لاهور ۾ ڇپيل مضمون ”هيروئڪ سينٽ آف باغبان“ ۾ به ڪيو آهي. مخدوم شھيد باغبان ۾ مدرسو قائم ڪري، تعليم ۽ تربيت ڏيڻ شروع ڪئي. سندس مدرسو پنھنجي مدد پاڻ تحت هلندو هئو، ۽ پُوري سنڌ ۾ مشھور هئو.
مخدوم بلاول جي پوئلڳن، مريدن ۽ شاگردن جو انگ تمام وڏو هوندو، پر سنڌ جي تاريخ ۾ چند پوئلڳن يا سندس بلاولي تحريڪ جي ڪارڪنن جو مختصر احوال ملي ٿو. غلام محمد لاکي ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ۾ سندس پوئلڳن کي ’خليفا‘ ڪوٺيندي، صفحي 111 تي سندس ڇھن پوئلڳن جا نالا ڏنا آهن. انهن بلاولي تحريڪ جي اهم ڪارڪنن ۾مخدوم ساهڙ (لنجار)، سيد حيدر سنائي، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٺو، مخدوم حسن، مخدوم هڱورو ۽ مخدوم ساند شامل آهن.
مخدوم بلاول شھيد جو وقت جي حڪمران ڄام نندي يا ان کان پوءِ سندس پُٽ ڄام فيروز سان ڪو تڪرار يا ٽڪراءُ ڪونه هئو، ته پوءِ مخدوم بلاول جي بلاولي يا بلالي تحريڪ ڪنھن جي خلاف هئي؟ سيد حيدر سنائي کانسواءِ ٻين ڪارڪنن جي سرگرميءَ بابت تاريخ ڇو خاموش آهي؟ سندس شھادت جا ڪھڙا ڪارڻ هئا؟ اهي سوال جواب طلب آهن. دراصل بلاولي تحريڪ مھدوي تحريڪ خلاف تحرڪ ۾ آئي هئي. غلام محمد لاکي ”دِي سما ڪنگڊم آف سنڌ“ (2006ع، ص-78) ۾ ڄاڻايو آهي ته ”جڏهن 1499ع يا 1500ع ۾ مڪي حج ڪرڻ ويندي يا مڪي کان واپسيءَ تي ميران محمد جونپوري امام آخر زمان امام مھدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.“ حبيب الله صديقي (ايجوڪيشن ان سنڌ، پاسٽ اينڊ پريزينٽ، 1987ع، ص-128) موجب ”ميران محمد جونپوري سمن جي صاحبي جي دور ۾ سنڌ آيو ۽ امام مھدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي ته مخدوم بلاول ۽ سندس پوئلڳ سندس خلاف ٿي بيٺا ۽ کيس سنڌ نيڪالي ملي“.

اهڙيءَ ريت محمد يعقوب مغل ڪتاب ”اسٽڊيز آن سنڌ“ (1988ع، ص-51) ۾ لکي ٿو: ”سيوهڻ سرڪار ٻن مذهبي اڳواڻن مخدوم بلاول ۽ حيدر سنائي تحريڪ (جونپوري خلاف) شروع ڪئي. انهن عھد ڪيو ته جيستائين زندھ آهن، اهي تحريڪ تان هٿ نه کڻندا“. بلاولي تحريڪ جي سرواڻي مخدوم بلاول ڪري رهيو هئو. ’جرنل آف پاڪستان هسٽوريڪل سوسائٽي‘ (2006، ص-26) مطابق ”هڪ استاد، عالم، صوفي، رهنما ۽ پڻ هڪ جدوجھد ڪندڙ شخصيت طور، مخدوم بلاول سنڌ ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ تبديلين کان مڪمل طور واقف هئو۔“ ساڳي حوالي موجب ”شاھ بيگ ارغون قنڌار ۾ جونپوري جو مريد بڻيو“. غلام محمد لاکي پڻ سما ڪنگڊم آف سنڌ (ص-149) ۾ لکيو آهي ته ”شاھ بيگ ارغون قنڌار ۾ جونپوريءَ جو پوئلڳ بڻيو“.
شھيد مخدوم بلاول ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي وحدت تي وار ٿيڻ جي حق ۾نه هئو. سيد محمد جونپوري ”رفارمر آف اسلام“ جي ليکڪن مسعود احمد رياض، فوزيه فارووق احمد ۽ فضا علي جرنل آف سوشل سائنسز اينڊ هيومنٽيز ۾ڄاڻايو آهي ته ”مھدوي تحريڪ سنڌ جي ٺٽي ۽ افغانستان جي قنڌار ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. قنڌار جو مرزا بيگ ارغون، سنڌ جو شيخ صدرالدين، بکر جو مرزا شاهين ۽ قاضي قادن (2023ص: 86) اهم هئا. “
انهيءَ صورتحال ۾ مخدوم بلاول جھڙو محب وطن صوفي بزرگ ڪيئن ماٺ ڪري ويھي سگھيو ٿي. مخدوم بلاول پنھنجي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ذريعي ميران محمد جونپوري ۽ سندس تحريڪ جو گهيرو تنگ ڪيو هئو. ”پنھنجي مرشد مخدوم بلاول جي هدايتن تي حيدر سنائي سن وٽ سنڌو درياھ ۾ جونپوري جون ٻيڙيون ٻوڙايون.“ (لاکو، سما ڪنگڊم سنڌ ،2006ع، ص-78).“ وڏي ڳالهه ته دولھه دريا خان به ميران محمد جونپوري جو مريد بڻيو هو . (انهيءَ سلسلي ۾ الڳ تفصيل سان مضمون لکيو ويندو.) ٺٽي ۾ مڪلي ڀرسان مھدوين جو قبرستان پڻ آهي. مھدوي مسلڪ يا فرقي جا ماڻهو اڄ به ٺٽي ۾ موجود آهن.
غلام محمد لاکو واضح لکي ٿو ته، ”ڪيترن ئي عالمن کان علاوه، سنڌ جا ٻه نامور ماڻهو ــ وزير دريا خان ۽ چيف قاضي، قاضي قاضن ــ سيد محمد جي عقيدي کي قبول ڪيو۔ ڄام نندو جونپوري ڏانھن مائل نه هو. چيو وڃي ٿو ته ڄام نظام الدين سيد (جونپوري) ۽ سندس سمورن پيروڪارن جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو، پر وزير دريا خان جي وچ ۾ پوڻ سبب، هن پنھنجو حڪم بدلائي، کين پنھنجي سلطنت مان جلاوطن ڪرڻ تي راضي ٿيو. (سما ڪنگڊم، 2006، ص-91). دريا خان جي محمد جونپوريءَ سان عقيدت واري اها ڳالهه صاف انداز ۾ مير علي شير قانع ”تحفته الڪرام“ ۾ صفحي 150 تي پڻ درج ڪئي آهي. گمان غالب آهي ته مھدي جونپوري ۽ سندس پيروڪارن جي قتل جي فتويٰ مخدوم بلاول ڏني هجي ۽ ڄام نندي فرمان جاري ڪيو هجي.
بھرحال، شھيد مخدوم بلاول جي بلاولي تحريڪ، ميران محمد جونپوري ۽ ان جي مھدوي تحريڪ جي خلاف هلي هئي. شاھ بيگ ارغون جو سنڌ تي ڪاهي اچڻ، ۽ سنڌ جي وحدت کي ڇيھو رسائڻ، مخدوم بلاول کي سازش تحت شھيد ڪرائڻ جو هڪ اهم ڪارڻ شاھ بيگ جي مرشد جونپوري ۽ سندس تحريڪ جي خلاف هجڻ جو بدلو وٺڻ پڻ هو. مھدوي جونپوري جي مريد شاھ بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاھ ۽ فتح وقت به مخدوم بلاول شھيد سندس خلاف رهيو. مخدوم بلاول جي شھادت جو سبب ڄاڻائيندي، مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ ۾ لکي ٿو ته: ” ٺٽي کان پوءِ شاھ بيگ سيوهڻ آيو. سيوهڻ منجهان سندس مخالف ماڻهو وڃي ٽلٽيءَ ۾ گڏ ٿيا. شاهه بيگ قاضي قاضن کي دريا خان جي پٽن موٽڻ ۽ محمود ڏانھن موڪليو، پر ٺاھ نه ٿيو ته شاهه بيگ ٽلٽيءَ ڏانھن وڌيو. ٽن ڏينهن بعد ڪنھن ماڻهوءَ کيس ٻُڌايو ته ميان محمود، مٺڻ، ڄام سارنگ (سھتو) ۽ رڻمل سوڍو خدمت ۾ پيش پوڻ لاءِ تيار هئا، پر انهي ملڪ (علائقي) جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ مخدوم بلاول کين روڪيو ويٺو آهي ۽ اچڻ نه ٿوڏئي، بلڪه لڙائيءَ جي ترغيب ۽ جوش ڏياري رهيو آهي. اهوئي سبب هو جو فتح کان پوءِ شاھ بيگ مخدوم بلاول تي سختي ڪئي ۽ مٿن ڏنڊ وڌو.“ (2006 ص-125).“عبدالله مگسي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ لکي ٿو ته، ”شاھ بيگ سازش تحت مولوين (مھدوي مولوين) کان فتويٰ جاري ڪرائي کيس شھيد ڪيو.“ (1994، ص-275).
بھرحال تاريخي حوالن مان واضح ٿئي ٿو ته ڄام نندي جي دور کان علاوه شاھ بيگ ارغون جي حملي ۽ سنڌ تي حڪمراني قائم ڪرڻ وقت به مخدوم بلاول شاھ بيگ ارغون سان گڏو گڏ مھدوين خلاف مخالفت ۽ مزاحمت جو جهنڊو بلند رکيو. مھدوين ۽ سندن تحريڪ جي ماڻهن پاران بهادر، محب وطن، صوفي بزرگ مخدوم بلاول کي 24-1523ع ۾ هڪ سازش تحت شھيد ڪيو ويو.

تمام بهترين