Homeتاريخجڏهن يورپ ۾ جنت جي ٽڪيٽ وڪرو ٿيندي هئي!

جڏهن يورپ ۾ جنت جي ٽڪيٽ وڪرو ٿيندي هئي!

اچو ته هڪ پراڻي واقعي کي نئين انداز سان ڏسون. ڇا واقعي مذهب اندر اصلاح (Reformation) جي گنجائش موجود هوندي آهي؟ يا دنيا اڳ مذهب اندر اصلاح لاءِ ڪھڙو رستو اختيار ڪيو هو!
هيءَ ڳالهھ آھي 756ع جي؛ جڏهن عيسائيت کي رومي سلطنت جو رياستي مذهب قرار ڏنو ويو. غريبن ۽ غلامن جي دين حڪمرانيءَ جو ويس ڍڪي ڇڏيو. ٿوري ئي وقت ۾ چرچ يورپ جي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن ۾ حصو وٺڻ لڳي. ڇو جو هنن وٽ هڪ مڪمل code of conduct (زندگي گذارڻ جو مڪمل ڍنگ) موجود هو.
عيسائيت مطابق انسان جي دنيا ۾ اچڻ جو مقصد نجات حاصل ڪرڻ آهي، ۽ حضرت عيسيٰ انسانيت جي نجات خاطر سُوليءَ تي چڙهڻ قبول ڪيو هو. عيسائيت ۾ پوپ کي دنيا ۾ خدا جو نمائندو مڃيو ويندو هو، تنھن ڪري هاڻي انسانن جي نجات جي چاٻي پوپ ۽ انهيءَ جي نمائندن جي هٿن ۾ هئي.
وقت گذرڻ سان پوپ جو ادارو ايترو طاقتور ٿي ويو جو هن پنھنجي جدا فوج پڻ ٺاهي ورتي، جنھن جي مدد سان هنن صليبي جنگيون وڙهيون. هن فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جو مڪمل پئڪيج ملندو هو. کين جنت جي بشارت سان گڏ هر قسم جي سياسي ۽ معاشي تحفط جي ضمانت واري تسڪين ميسر هئي. (هن مذهبي فوج جڏھن يھودين جي شھر يروشلم تي حملو ڪيو، ته هنن ايترا انسان به زندھ نه ڇڏيا، جو لاش دفنائي شھر صفا ڪري سگهجن). مُرِدَنِ جي شھر تي جهنڊا هڻندڙ چرچ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ طاقتور ٿيندي رهي. ايستائين جو يورپ جي ڪنھن به رياست جي حڪمران جي تاج پوشي پوپ جي رضامنديءَ کان سواءِ ممڪن نه هئي.
رومي چرچ هڪ ئي وقت ۾ سياست ۽ روحانيت ٻنهي پاسن جي نمائندگي ڪري رهي هئي. هڪ طرف عثمانين سان صليبي جنگين لاءِ جھاد جي نالي تي عوام کان ٽيڪس گڏ ڪيو ويندو هو، ته ٻئي طرف اٻوجهه ماڻهن کي لٽڻ لاءِ جنت جي ٽڪيٽن وڪڻڻ جو ڪاروبار هلندو هو.
عيسائي پادرين مطابق انسان جيڪڏهن مرڻ کان پھرين توبھ ڪرڻ سان گڏ پوپ کان يا سندس ڪنھن عھديدار کان جنت جي ٽڪيٽ خريد ڪري وٺي ته ھن جو گناهگار روح سڌو دوزخ ۾ وڃڻ بجاءِ پرگوٽري ( purgatory) ۾ پنھنجي سزا پوري ڪندو. جتي سزائون دوزخ کان گهٽ سخت هيون ۽ انهن جي به جلد ختم ٿيڻ جي اميد وڌيڪ هوندي.
تمام جلد اهو نظريو عام ٿي ويو. چرچ پئسا وٺي جنت جي بشارت جون ٽڪيٽون تيزيءَ سان وڪڻڻ جو سئو سيڪڙو منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪيو. هر ماڻهو زندگيءَ جي جمع پونجي لڳائي، نجات خريد ڪرڻ لڳو. ايستائين جو زنده ماڻهن کان سواء مُئل مٽن مائٽن جون سزائون گهٽائڻ لاءِ جنت جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو رواج عام ٿي ويو.
هن ڪاروبار سبب چرچ وٽ بي انتھا دولت گڏ ٿي، جيڪا ھندستان جي مغل حڪمرانن وانگر پادرين جي عياشين،گرجا گهرن جي تعميرات، مذهبي پيشوائن جي رهائشگاهن جي آرائش ۽ دنياوي ڏيکاءَ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. هن دور ۾ ئي يوناني ۽ رومي فن ۽ آرڪيٽيڪچر جي واپسي ٿي.
هن رقم کي گڏ ڪرڻ ۽ ورڇ لاءِ ڪو خاطر خواھ نظام نه هو. چرچ جا عھديدار ٽڪيٽن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو پاڻ تي خرچ ڪندا هئا. باقي بچيل رقم جو ڪجهھ حصو پوپ ڏانھن خوشامد طور موڪليندا هئا. ان زماني جون مذهبي عمارتون يوناني ۽ رومي آرڪيٽيڪچر جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن مٿان بي انتھا پئسو پاڻيءَ وانگر وهايو ويو هو.
ساڳي ئي دور ۾ ڪنھن به عام و خاص کي چرچ جي خلاف ڳالهائڻ ته ڇا سوچڻ جو حق به حاصل نه هو. چرچ عام ماڻهوءَ کي پسمانده رکڻ جو هر ممڪن انتظام ڪيو. سوچڻ، سمجهڻ، عقل، دليل، سائنس، فلسفي جي ڳالهھ ڪرڻ واري کي دٻائي، سزائون ڏئي ۽ ماريو ٿي ويو. جڏھن ته عام شھري ڪجهھ خدا جي خوف کان ته ڪجهھ سزائن ڪري، چرچ جي روين مٿان سوال اٿارڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو هو. “ڇو جو چرچ خلاف ڳالهائڻ کي پوپ مٿان حملو سمجهيو ويندو هو ۽ پوپ مٿان حملي کي خدا مٿان حملو تصور ڪيو ويندو هو.”
ڪجهھ شعور وند ماڻهو جنت جي ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ واري عمل جي ننڍي پيماني تي مخالفت ڪري رهيا هئا، پر چرچ هر اٿندڙ آواز کي سختيءَ سان دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. اڄ به تاريخ هن دور کي يورپ جو اونداهو دور(dark ages ) جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
” عيسائيت مطابق اُٺ جو سُئيءَ جي پاکڙي مان نڪرڻ ته ممڪن آهي، پر امير جو جنت ۾ وڃڻ ناممڪن آهي”. جنت جي ٽڪيٽن جي وڪري معاشري کي خدا آڏو مراعت يافته ۽ غير مراعته يافته طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن معاملي جا ڪجهھ سنگين نتيجا به نڪتا: هڪ ته سماجي طور معافي خريد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ واڌارو ٿيو ۽ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهو بي خوف ٿي ويا. ٻئي طرف سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو. امير دنيا سان گڏ جنت جا به حقدار ٿي پيا، پر “غريبن کي نه دنيا جو سک ۽ آرام ميسر ٿيو، نه موت کان پوءِ جي زندگيءَ جي سک وارو دلاسو”. هڪ دنيا جو غير منصفاڻو سماج ۽ ٻيو دوزخ جي باھ؛ ٻئي سُور غريب جي حصي ۾ هئا. پوءِ ته هر حال ۾ هيٺئين طبقي جا عيسائي سموري زندگيءَ جي ڪمائي چرچ ۾ جمع ڪرائڻ ۾ راحت محسوس ڪرڻ لڳو. “هن دنيا ۾ مُلن ۽ پيرن جو ڪاروبار ئي غريبن جي، خدا جي خوف ڪري هلندو رهيو آهي”.
شعور مٿان پابندين، سماجي سختين ۽ مذهبي اجاراداريءَ خلاف آخرڪار بغاوت به چرچ جي اندران ئي اٿي. 1515ع ۾ جرمنيءَ جي هڪ پادري مارٽن لوٿر هنن معاملن تي کُلي ڳالهايو ۽ هن چرچ جي اقتدار کي چئلينج ڪيو.
مارٽن لوٿر جي پيدائش 1483ع ۾ ٿي. هِن کي سندس والد کيس وڪيل ٿيڻ جي صلاح ڏني، پر مارٽن لوٿر کي مذهب ۾ دلچسپي هئي، سو هو جلد ئي عيسائين جي جوڳين واري ٽولي ۾ شامل ٿيو. تبليغين جي ٽولي سان هڪ ڀيري کيس روم وڃڻ جو موقعو مليو. هن جي تصور ۾ روم هڪ مقدس عبادتگاهن وارو شھر هو، پر جڏھن هن روم اندر مذهبي اجاراداري، چرچ جو ڪاروباري رويو ۽ چرچ جي هٿ ٺوڪين اصولن ۽ پادرين جي مذهب ۾ وڌاءَ (بدعتن) ۽ عام ماڻهوءَ تي چٿرن وارن روين کي ڏٺو، ته هن پوپ ۽ چرچ جي اختيارن کي چئلينج ڪرڻ شروع ڪيو. اتان هو جرمني موٽي ويو ۽ سڌي بغاوت تي لھي آيو. چرچ جي خلاف کُلي ڳالهائڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين. هن پرگوٽري جي تصور جو انڪار ڪيو.
هن هڪ پني تي پنجانوي دليل لکي، جرمنيءَ جي مشھور شھر وڪٽن برگ جي آل سينٽ گرجا گهر جي در تي چنبڙائي ڇڏيا. جنھن ۾ پوپ جي اٿارٽي ۽ گرجا گهرن جي تعمير تي ٿيندڙ فضول خرچ، پرگوٽري جي تصور، جنت جي ٽڪيٽن جي وڪري ۽ چرچ جي بي پناھ اختيارن خلاف دليل ڏنا.
هن کُليءَ ريت گناهن کان معافي واري معاملي کي خدا ۽ بندي جو تعلق سڏي، چرچ جي معافي ڏيڻ واري نظرين جي مخالفت ڪئي. پوپ ۽ عھديدارن کي انهن معاملن تي مناظري جي دعوت ڏني. مارٽن لوٿر جي هن عمل مذهب جي ظلم خلاف آواز اٿارڻ وارن کي پڻ همٿ بخشي. جرمنيءَ جي عوام، پوپ ۽ چرچ جي نالي تي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مارٽن لوٿر خلاف پادرين سزائن جو اعلان ڪيو، پر سندس عوامي مقبوليت آڏو سندن هڪ به نه هلي سگهي. ٻيو ڪجهھ ساٿي کيس چرچ کان لڪائڻ ۾ ڪامياب ويا. هن بغاوت عيسائيت ۾ پروٽيسٽن فرقي کي جنم ڏنو. ان کان پوءِ يورپ ۾ امن، شعور، رواداري، انسانيت جي بنيادن تي برابري، جمهوريت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پير پاتو. دنيا جي تاريخ ۾ هن واقعي کي جرمن ريفارميشن German reformation سڏيو وڃي ٿو.

1 COMMENT

  1. تمام بھترين , اڄ به انسان مذهب جي نالي تي ورهايو ۽ ڦريو وڃي ٿو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا