Homeادبشاعريفھميدہ لغاري لاءِ ھڪ نظم

فھميدہ لغاري لاءِ ھڪ نظم

سوئر جو آ وار اکين ۾
امان آئون هرڻيءَ جھڙي!
ڪاري اس آ سيمن ۾ ۽
آئون ته آهيان ارڻيءَ جھڙي !
ننگي آهي وحشت هرسو
جيڪا ننگو چاهي مون کي
جنھن کي منھنجا ڪپڙا کٽڪن
ڪو به مٿي تي هٿ نه ڏي ٿو
ماس پٽڻ لئي ڏند ٿا ڪرٽن
بگهڙن جا هي ڀونڏا لشڪر
هر ڪنھن جاءِ هڪيا حاضر هن
ڦرڻين ڪرسين تي ويٺل هن
ڪاليجن ۾ گگ ڳاڙن پيا
بازارن ۾ ڀئونڪن پيا ٿا
آئون ته ڪٿي ڀي سک ۾ ناهيان
خنزيرن جا سئو وارث هن
تن کي تحفظ آهي وطن ۾
آئون ئي لاوارث آهيان
روز هتي مصلوب ٿيان ٿي
روز وڃان ٿي چيري ڦاڙي
تنھنجا غيرت مند ٻچا جي
منھنجي تن کي پارت ڪر تون
هاڻ نئين ڪا دنيا جوڙن
جنھن ۾ ڪو به نه ڏاگهي مون کي
امان تنھنجي ڪوسي ڪک جيئن
جنھن ۾ مان محفوظ هجان ۽
جنھن ۾ مان محظوظ ٿيان!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا