آمد، آس، آسمان، آھٽ ۽ اميج جو شاعر بشير بدر ھندوستان ۾ لڏي ويو، پويان شاھوڪار شاعري ۽ شاعريءَ ۾ فريز ڪيل ڪئين ڪيفيتون ۽ لمحا ڇڏي ويو آھي.
غزل جو اردوءَ ۾ اھڙو ٻيو خوبصورت شاعر صرف ندا فاصلي ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪا ڳالهه لڙڪن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڀاڪرين پئي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڪنڌ تي مٿو رکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه اشارن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه بند دروازي جي وٿين مان آيل ۽ ويل خطن ۾ نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ھٿ تي ھٿ رکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه وڻن جي ٿڙن تي يادگيري لاءِ نالا لکي نه چئي سگهجي، جيڪا ڳالهه ڪنھن ميار سان نه چئي سگهجي…اھڙيون سموريون مشڪل ڳالهيون ۽ گهڙيون بشير بدر پنھنجي غزل جي ٻن بندن ۾ چئي ويو ۽ اھڙيون چئي ويو، جو اڌوريون رھجي ويل اھي ڳالهيون ۽ ڪھاڻيون ٻن بندن ۾ مڪمل ٿي رھجي ويون.

ھن جي شاعري دلاسن، آسن، اميدن ۽ آٿت جي شاعري آھي. ھڪڙي عمر ۾ رت سان لکيل خطن جھڙي شاعري آھي. رت سان لکيل خط اظھار جي مڪمل بيوسيءَ جو اظھار ئي ته ھئا. بشير بدر انهي بيوسيءَ کي مڪمل ۽ سگهارو اظھار بخشيو. محبت ماڻهوءَ کي ڪيئن ماريندي ۽ ڪيئن جيئاريندي آھي، بشير بدر ان محبت جو شاعر ھو. انساني رشتن ۽ تعلقاتن جي سردين ۽ گرمين جو شاعر ھو. زماني جي لاهن ۽ چاڙھن جو شاعر.ماڻهو تعلق ۽ رشتا ائين بدلائيندا آھن جيئن ڪرائي جا گهر پيا بدلجندا آھن. بشير بدر لھجن، لمحن، ڪيفيتن ۽ ڪھاڻين کي غزل جي بند ۾ فريز ڪرڻ جو اھڙو ھنر ڄاڻندو ھو، جو ان ڪيفيت کي لفظن ۾ اھڙو خوبصورت بيان ٻئي ھنڌ شايد ئي ملي سگهي. بشير بدر غزل کي نئون حسن بخشيو. ھن اردو غزل جي روايت تي پنھنجي ڇاپ ڇڏي آھي. ھن جي ڪمال لھجي ۽ نفاست ۾ موجود غزل زمانن تائين پيو ڳائبو ۽ دھرائبو. اھڙي حسين شاعر سان منھنجي پھرين ملاقات سندس ڪتاب “آمد” جي معرفت سائين امداد جعفريءَ ڪرائي ھئي. پوءِ ھڪ ھڪ ڪري بشير بدر جا سمورا ڪتاب نظر مان گذريا. نيلم ندي(درياھ نيلم) ڪناري بشير بدر جي موت جي خبر نظر مان ڇا گذري، ھڪ ھڪ ڪري ھن جي غزل جا بند ياد ايندا ويا. اسان جي ارمانن، وفائن ۽ بيوفائين کي خوبصورت زبان ڏيندڙ شاعر الوداع.
کوئی پھول سا ہاتھ کاندھے پہ تھا
مرے پاؤں شعلوں پہ جلتے رہے
سنا ہے انہیں بھی ہوا لگ گئی
ہواؤں کے جو رخ بدلتے رہے
وہ کیا تھا جسے ہم نے ٹھکرا دیا
مگر عمر بھر ہاتھ ملتے رہے
محبت عداوت وفا بے رخی
کرائے کے گھر تھے بدلتے رہے
(بشير بدر)
