اردو ۽ سنڌي ڊرامن جي جڳ مشھور ڊائريڪٽر ۽ ’عشق مرشد‘ وسيلي عالمگير شھرت حاصل ڪندڙ فاروق رند چيو آھي تہ سنڌي ڊرامي جو معيار تيزيءَ سان ڪريو آھي، جنھن جو وڏو سبب خانگي سنڌي ٽي وي چئنل آھن. پي ٽي وي جي دور ۾ ڪو خراب ڊرامو ڳولڻو پوندو ھو، پر خانگي سنڌي چئنلن جي ڊرامن ۾ سٺو ڊرامو ڳولڻ جي خواھش بہ سادگي آھي. سارنگا ڊجيٽل کي انٽرويو ڏيندي ھن چيو تہ سنڌي ٽي وي چئنلن سستي پگھار تي آرٽسٽ ڀرتي ڪيا، جيڪا تباھ ڪندڙ ڳالھ ھئي. ھڪ مھيني ۾ جڏھن ڪو آرٽسٽ ڏھ ڏھ ڊراما ڪندو تہ يقينن ھن جو معيار ڪرندو. مون ڪافي سال اڳ سنڌيءَ جي ھڪ نالي واري آرٽسٽ کي ھڪ ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو، جنھن ھن کان اڳ تمام معياري ڊراما ڪيا ھئا.

پر مان حيران پئي ٿيس تہ ھو پنھنجا عام سين بھ سٺي نموني ڪري نٿي سگھيو. ان مان مون سمجھيو تہ انوائرمينٽ جو وڏو اثر پوي ٿو. تڪڙ ۽ جان ڇڏائڻ سان معيار ڪِرندو آھي. اوھان جنھن ماحول ۾ ڪم ڪيو ٿا، جي اھو سٺو ۽ معياري آھي تہ اوھان بہ معياري ڪم ڪريو ٿا، پر جي ماحول خراب ھوندو تہ ڀلي مان ڀلو آرٽسٽ بھ ضايع ٿي ويندو. پي ٽي وي تي زبردست ڪم ڪندڙ مشھور ۽ سينئر اداڪار بہ خانگي سنڌي چئنلن تي خراب ٿي ويا. سنڌي ڊراما ۽ آرٽسٽ تيستائين ڪمال ھيا، جيستائين پي ٽي وي تي ڪم ٿيندو ھو. ھن چيو تہ ھڪ بہ خانگي سنڌي چئنل ھڪ بہ شاھڪار سنڌي ڊرامو پيش نہ ڪيو آھي. ليکڪ بہ نان پروفيشنل گھڙي آيا آھن. جڏھن تہ اسٽوري ۽ پراڊڪشن جي شديد کوٽ آھي. ھن چيو تہ اڳي ھن فيلڊ ۾ ماڻھو شوق ۽ جنون مان ايندا ھئا، ھاڻي مجبوريءَ ۾ ٿا اچن. ڇا سنڌي معياري ڊرامو ٺھڻ ممڪن آھي؟

ان سوال جي جواب ۾ فاروق رند چيو تہ اڄ جي سنڌي ڊرامي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج معياري نوجوان اداڪارن جو ملڻ آھي. مثال مان ناول ”رھجي ويل منظر“ تي ڊرامو ٺاھڻ چاھيان ٿو، پر مونکي ھيرو اھڙو کپي، جيڪو پنھون تہ لڳي. جيڪڏھن ماڻھو ڊرامو ڏسي چون تہ ھي تہ پنھون لڳي ئي نٿو، تہ پوءِ ڊرامو تباھ ٿي ويندو. ھڪ حَسين ڌن ۽ شعر کي بہ حسين ۽ دلفريب آواز کپي، لتا ۽ رفيع کپي، نہ تہ عظيم موسيقار جي ڌُن بہ ٻڏي ويندي. پنجاب ۾ ٻين ھنڌن تي آرٽسٽن لاءِ ادارا آھن، جتي نوان اداڪار تيار ٿين ٿا. اسان وٽ ڪا نرسري نہ آھي. اسان کي اھڙا اڻ ڳڻيا ادارا کپن، جيڪي نوان اداڪار تيار ڪن. سوين ھزارين آرٽسٽن مان وڃي پنج اٺ آرٽسٽ تيار ٿي نڪرندا آھن ۽ تڏھن ’راڻي جا ڪھاڻي‘، ’جنگل‘ ۽ ’ڇوٽي سي دنيا‘ جھڙا ڊراما ٺھندا آھن. سنڌيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موٽيويشن کپي، جيڪا ختم ٿي رھي آھي.
