Homeادبڪرداررفعت عباس - نِيريُن سِرُن تي گُلَ چِٽَڻ وارو شاعر

رفعت عباس – نِيريُن سِرُن تي گُلَ چِٽَڻ وارو شاعر

علي دوست عاجز
علي دوست عاجز
علي دوست عاجز جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھم نالو آھي، جنھن جي شاعريءَ جي ڪيترا ئي مجموعا شايع ٿي، شھرت ماڻي چڪا آھن. ھو تخليقي نثر ۾ بھ بيحد نئين انداز ۾ لکي ٿو، جنھن ۾ لوڪ روايت، عوامي زندگي ۽ حڪايت جو رنگ غالب آھي.

سائين رِفعت عباس کي ڏِسي، درياھ جو اُتر کان ڏکِڻ وَھڻ، ته سمجهه ۾ ايندو آهي، پر اهو به خيال ايندو آهي، ته ڪارُونجهر رُڳو چُوڙيي جبل جي ٽڪريُن تائين ئي نه، پر پري پري مُلتان تائين پکڙيو پيو آهي، جنھن جي لِڇَ مُلتان جي هِن مَست توڪلي سان به ملي ٿي!
جڏهن ڪارُونجهر کيس سڏُ ڪندو آهي، ته هي جُتي به ناهي پائيندو ۽ پندرهن سئو ڪلوميٽرن جو پنڌُ، کيس ايترو پري لڳندو آهي، جيترو ڪنھن ٿرياڻيءَ کي گهر کان کُوھ جو مفاصلو لڳندو آهي ۽ پھچڻ ۾ کيس ايترو ئي وقت لڳندو آهي، جيترو ڪا پاڻياري، وِيريءَ تائين رَسڻ ۾ وٺندي آهي…!
هن جو ناول “لوڻ جو جيون گهر” نوهٽي، ننگر، رڻ کان وٺي ملتان جي وِچ ۾، هڪ ناٽڪ گهرنُما ٻڌل ڳوٺ وانگر آهي…!
جنھن ۾ نه ڪوئي ديوتا آهي، نه موت…!
هِن کي سنڌ جي وَڻن ۽ وَٿاڻن مان واسُ، اهڙيءَ طرح پيو ملندو آهي، جھڙيءَ طرح سسُئيءَ کي ڪيچ جي وڻن مان، آري ڄام جو واسُ ايندو هو…!
هِن جِي دل چوندي آهي، ته ڪارونجهر جي پٿرن ۽ پُورن ۾ ايئن اَکيون اَڙايو بيٺو هجي، جيئن علي بابا، درياھ سان دل لايُون ويٺو هوندو هو…!
هي هر ڀيري پنھنجا پيارَ، ڪارُونجهر تان ايئن پيو نِڇاور ڪندو آهي، جيئن سانوڻ ۾ ڪارونجهر تي ڪَڪر اوھِيرا ڪري پيا بَرسندا آهن…!

Sarangaa رفعت عباس - نِيريُن سِرُن تي گُلَ چِٽَڻ وارو شاعر

ڪارُونجهر جي ڪَٽائي بند ڪئي وڃي، واري احتجاج ۾ سندس شرڪت، اهو احساس ڏيارڻ هو، ته هِي به سنڌ جي مقامي ماڻهن، ميگهواڙن ۽ ڪُولهين سان ايئن گڏ آهي، جيئن ڪارُونجهر ننگر وارن سان گڏ آهي….!!
سائين رِفعت عباس سان جيڪا راھَ جُڙِي آهي، اُن تي ڪڏهن به ڊَڀَ ناهن ڦُٽڻا، نه ئي مُحبت ۽ خُلوص جي ڪاريُن واهيُن ۾ ئِي ڪا ڪَمِي اچڻِي آهي…!
آرٽسٽ جي اندر ۾ ته ڪيئي جھانَ هوندا آهن، پر هُو، نظر رڳو پنھنجي ڏات ۽ ذات جي جھانن منجهان ايندو آهي…!
رِفعت، جن سان پيار ڪري ٿو، تن تي بارش وانگر برسندو رهندو آهي! جِن سان هن جِي لڳندِي ناهي، تِن کان هِي سياري جي سِج وانگر غير محسوس طريقي سان پري ٿيندو ويندو آهي…!
اهو ته سندس ذات جو پاسو آهي، پر ڏات جي معاملي ۾، هي اهو روشن مينار آهي، جنھن جي روشنيءَ مان، پورو هڪ دور روشني حاصل ڪري رهيو آهي…!
سائين رفعت عباس، اهڙن ڀاڳوان تخليقڪارن مان آهي، جن تي شاعري، سانوڻ جي مِينھن وانگر اوڙڪُون ڪري پئِي وسندِي آهي، ته نثُر، پو اهو حِڪايتن جي حيرتناڪ انداز ۾ هجي، توڙي ناولن جي نموني ۾، نازل ٿيندو رهيو آهي…!
سندس خِطابت جو خوبصورت انداز، پڻ دل ۾ گهرُ ڪري ويھڻ وارو هوندو آهي…!
شاعري، اهڙو وڻُ هوندي آهي، جنھن جون ٽاريون، شھرن، ڳوٺن ۽ وطن جون ديواريون اورانگهي وينديون آهن ۽ ان جو ميوو، توڙي مھَڪ، ڪنھن هڪ لاءِ مخصوص ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا