سليم العارف ڪُنڀار ھڪ مخلص، باوقار ۽ علم دوست شخصيت آهي. ھو رڳو هڪ فرد يا دوست ناهي، پر هو هڪ اهڙو فڪري وجود آهي، جنھن ذريعي سنڌ جي مٽي، هتان جي سڀيتا، ۽ انساني نفسيات جا گھرا عڪس چٽيء طرح پَسي سگهجن ٿا. هن جي وجود جي گھرائيءَ ۾ جڏهن اسان جهاتي پايون ٿا، ته اتي رڳو هڪ عام انسان جي روايتي سوچ نٿي ملي، پر هُن جي اندر ۾ گھرا نفسياتي، سماجي، ۽ فلسفيانه وِيچار سمايل آهن، جيڪي اڄ جي هن مادي ۽ بي حس دور ۾ هڪ ٿڌي هير وانگر محسوس ٿين ٿا. هن سان گذاريل گهڙيون ۽ سندس گفتگو جا اهي سحر انگيز پل، انسان کي مجبور ڪن ٿا ته هو زندگيءَ جي بنيادي فلسفي تي ٻيھر غور ڪري.
سليم صاحب جي اکين ۾ اَڪيچار سوال ائين لکيل هوندا آهن، ڄڻ ته اهي ڪنھن قديم لکت جا اڻ پڙهيل اکر هجن، جيڪي پنھنجي اندروني تلاش ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جي عظيم اُڃ کي ظاهر ڪن ٿا. هو جڏهن خاموش هوندو آهي، تڏهن به سندس اکيون ائين ڳالهائينديون آهن ڄڻ ڪو سمنڊ پنھنجي گھرائيءَ ۾ هزارين راز لڪايو بيٺو هجي، ۽ هِن جون اکيون ڄڻ ته اهڙي ئي وجودي تلاش جو روحاني عڪس آهن. سندس اکيون هر وقت ڪائنات ۽ انسانيت جي گھراين ۾ ڪجهه گھرو، ڪجهه انمول ڳولهي رهيون هونديون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مان کيس ڏسندو آهيان ته مونکي عظيم شاعر شيخ اياز جون اهي سحر انگيز سٽون ياد اچي وينديون آهن جيڪي هن پنھنجي مخصوص جمالياتي انداز ۾ چيون هيون ته:
اکيون آرزوئون، اکيون التجائون
اکيون يار تنھنجون، صدين جون صدائون.

سليم صاحب جي اکين ۾ به اهي ئي صدين جون صدائون آهن، جيڪي موهن جي دڙي جي مٽيءَ کان وٺي ڪارونجهر جي چوٽيءَ تائين، سنڌ جي تاريخ جي هر درد ۽ خوشيءَ کي پنھنجي اندر سمائي چڪيون آهن.
هي صاحبُ طبيعت جو بلڪل سادو، پُروَقار، ۽ نِرمَل انسان آهي، جنھن جي سادگيءَ ۾ به هڪ اهڙو دٻدٻو ۽ وقار آهي جو ڏسندڙ پھرين ئي نظر ۾ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. اڄ جي دنيا ۾ جتي مصنوعيت ۽ منافقت جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، اتي سليم العارف جي طبيعت جي سادگي ۽ بناوت کان پاڪ هجڻ، سماجيات جي علم ۾ Authenticity جي تصور سان مڪمل مطابقت رکي ٿي.
هو پنھنجن ذاتي قدرن، پنھنجي ثقافتي سڃاڻپ ۽ پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي برقرار رکندي، بغير ڪنھن نقاب جي هن بي رحم سماج ۾ پنھنجو هڪ منفرد مقام ٺاهي ٿو، جنھن کي ايرِوِنگ گافمن پنھنجي Impression Management واري نظريي ۾ بيان ڪيو آهي ته انسان سماج جي اسٽيج تي هميشه هڪ اداڪار وانگر پنھنجو تاثر بھتر ڪرڻ لاءِ مختلف ماسڪ پائيندو آهي، پر سليم صاحب جي شخصيت کي ڏسي گافمن جو اهو نظريو به ڪٿي ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سليم العارف جيتوڻيڪ پنھنجو سماجي ڪردار هڪ نھايت ذميوار طريقي سان نڀائي ٿو، پر هن وٽ ڪو مصنوعي نقاب ناهي، هو اندر ۽ ٻاهر کان هڪ جھڙو سچو انسان آهي. سندس منفرد لھجو، ڳالھائڻ جو دلڪش انداز، ۽ جملن جي وچ ۾ ڏنل معني خيز وقفا، نه رڳو سندس اندروني خوبصورتي جو سچو عڪس آهن، پر اهو پڻ ظاهر ڪري ٿو ته هو ڪيئن پنھنجي پيچيده فلسفيانه خيالن کي نھايت سادگيءَ سان ۽ بغير ڪنھن منجهائيندڙ لفظن جي ٻين تائين پھچائڻ ۾ مڪمل ماهر آهي.
هُن جي شخصيت ۾ هڪ اهڙي گھرائي، حڪمت، ۽ هڪ اڻ ڄاتل، پَر، بي حد طاقتور سچائي موجود آهي جيڪا ڏسندڙ جي روح کي ڇُھي ٿي ۽ کيس مجبور ڪري ٿي ته هو سليم صاحب جي فڪر جو همرڪاب بڻجي وڃي. تنھنڪري ئي ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنھنجي دور جي رفتار کان وڌيڪ تيز اڳتي نڪري ويندا آهن پر انھن جا پير پنھنجي مٽيءَ ۾ ئي کتل هوندا آهن.
ادبي طور تي جيڪڏهن اسان جائزو وٺون، ته سليم العارف سنڌي ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت هڪ حساس شاعر پڻ آهي ته ٻئي طرف هڪ نھايت پختو نثر نگار ۽ محقق پڻ آهي. سندس لکڻين ۾ جتي هڪ طرف رومانويت جي مٺي هير ملي ٿي، اتي ٻئي طرف گھرو سماجي شعور، مظلوم طبقن جو درد، ۽ هڪ بيباڪ فڪري گھرائيءَ جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هن جو ادب رڳو خالي تخليق يا لفظن جي شاعراڻي جادوگري ناهي، پر اهو سندس والدِ گرامي، سنڌ جي نامياري اديب، استاد، عظيم محقق ۽ لطيف شناس محمد حسين ڪاشف جي اُنهيءَ عظيم ادبي ورثي جو هڪ سچو ۽ خوبصورت تسلسل پڻ آهي. محمد حسين ڪاشف صاحب جھڙي سڄاڻ عالم جي گهر ۾ اک کوليندڙ سليم العارف پنھنجي والد جي علمي بصيرت کي پنھنجي وجود جو حصو بڻايو آهي، جيڪو سماجياتي ٻوليءَ ۾ ثقافتي تسلسل جي تصور جو هڪ زندهه ۽ بھترين مثال آهي، جتي علم، تصوف، لطيفيات ۽ ادب جو عظيم ورثو رڳو ڪتابن تائين محدود نٿو رهي، پر اهو هڪ نسل جي رت مان نڪري ٻئي نسل جي رڳن ۾ خوشبو بڻجي منتقل ٿئي ٿو. سليم صاحب پنھنجي والد جي ياد ۾ چمبڙ، ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ “محمد حسين ڪاشف ادبي اڪيڊمي” قائم ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو پنھنجي جڙن سان ڪيتري شدت سان ڳنڍيل آهي. ثقافتي انسان شناسيءَ جي مطابق، اهڙا ادبي خاندان ئي هوندا آهن جيڪي ڪنھن به قوم جي تھذيبي شعور کي مرڻ کان بچائيندا آهن ۽ ان جي تاريخي ارتقا کي اڳتي وڌائيندا آهن.
سليم صاحب جو سماجي ڪردار پڻ سنڌ جي موجوده منظرنامي ۾ بي حد اهم ۽ نمايان آهي. سنڌي ادبي سنگت، گلشن حديد برانچ ڪراچيءَ جو هڪ سرگرم ۽ متحرڪ رڪن هجڻ جي ناتي، سندس سماجي ڀلائي، علمي ترقيءَ ۽ ادبي گڏجاڻين کي هڪ نئون رخ ڏيڻ جو جذبو هر هنڌ ظاهر آهي. ڪراچي جھڙي وڏي، مادي، ۽ ميڪانڪي شھر ۾ جتي انسان اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، اتي گلشن حديد ۾ ادبي شمع روشن رکڻ ڪو معمولي ڪم ناهي. سنگت جي پليٽ فارم تان سندس فعال ڪردار، دوستن جي رهنمائي ۽ لکڻين تي اڻ ڌريون ۽ تنقيدي صلاحون سندس قيادتي قابليت جو چٽو ثبوت آهن. هو انھن روايتي اديبن مان ناهي جيڪي رڳو پنھنجي ذات جي خول ۾ بند رهندا آهن يا رڳو سستي شهرت جا متمني هوندا آهن، پر هو انھن سچن تخليقڪارن مان آهي جيڪي حقيقي ادب جي خدمت، مٽيءَ جي قرض جي ادائيگي ۽ نئين نسل جي فڪري آبياريءَ تي پورو يقين رکن ٿا. هُن جي گفتگو ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جو عاجزاڻو سچ به آهي ته ڪراچي جي شھري شعور جي پختگي پڻ آهي، جيڪا کيس ٻين کان منفرد بڻائي ٿي.
سندس شخصيت ۾ عقيدت، احترام، ۽ بنا ڪنھن لالچ جي پيار جو هڪ اهڙو حسين ۽ دلڪش اِمتَزاج آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ اعليٰ انساني اخلاقي قدرن تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏئي ٿو. هو صوفياڻي فڪر کان متاثر ٿي هر انسان جي بي غرض خدمت کي اوليت ڏئي ٿو ۽ خَلق جي ڀلائيءَ کي پنھنجي زندگيءَ جو واحد ۽ اصلي مقصد سمجهي ٿو. هو پنھنجي عملي روين ۾ بي حد سچو، کرو، ۽ ڪنھن به قسم جي منافقت، لٻاڙ، ۽ اسٽيج جي بيھودي چمڪ کان پاڪ آهي. هن جو اخلاق رڳو ڪتابي ناهي، پر سندس روزمره جي روين مان پڌري ٿيندڙ هڪ عملي سچائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن انساني تاريخ ۾ اهڙا موڙ به ايندا آهن جتي مادي فائدا سڀ ڪجهه بڻجي ويندا آهن، پر سليم صاحب پنھنجي درويشاڻي طبيعت سبب انھن مادي فائدن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني آهي.
سليم العارف هڪ اهڙو مخلص، وفادار ۽ ساٿ نڀائيندڙ دوست آهي، جنھن جي دوستي سماجيات جي علم ۾ سماجي سرمائي جو هڪ بي حد قيمتي حصو سمجهي وڃي ٿي. سماجي سرمايو رڳو ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ناهي، پر اهو هڪ ٻئي تي اعتماد، سچائي ۽ گڏيل قدرن جو نالو آهي. سندس دوستن سان سچ ۽ پنھنجي اندر جي سُرهاڻ وَنڊَڻُ، ۽ انھن جي هر ننڍي توڙي وڏي ڪاميابين کي مڪمل خلوص سان پنھنجي ذاتي ڪاميابي سمجهڻ، سندس وسيع القلبي، اعليٰ ظرفي ۽ سماجي لاڳاپن جي اهميت کي پڌرو ڪري ٿو. اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ جتي هر انسان اڪيلائيءَ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي پنھنجي ذات جي قيد ۾ پيو تڙپي، اتي سليم العارف جي دوستي هڪ اهڙو سائبان آهي جيڪا انسان کي تحفظ ۽ محبت جو احساس ڏياري ٿي. هن جي شخصيت ۾ گھرائي، حڪمت، ۽ نرم دليءَ جو اهڙو عجيب ۽ سحر انگيز ميلاپ آهي، جو جڏهن هو ڪنھن سان پنھنجي مخصوص مٺڙي لھجي ۾ ڳالھائيندو آهي، ته سامهون واري جي دل کَسي وٺندو آهي ۽ ماڻهو سندس فڪري سحر مان گهڻو وقت نڪري ناهي سگهندو. سليم العارف ڪُنڀار رڳو پنھنجي ذات تائين محدود ناهي، پر هو سنڌي ادب، سنڌي ثقافت، ۽ انسانيت لاءِ هڪ انمول ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ اثاثو آهي، ۽ سندس وجود اسان سڀني ادبي ساٿين، دوستن ۽ سڄي سنڌ لاءِ باعث فخر ۽ هڪ عظيم نعمت آهي، جنھن جي جيتري به ساراهه ڪجي سا گهٽ آهي. اسان کي سليم صاحب جھڙن ڪردارن جي فڪر کي عام ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جو سماج اڃا وڌيڪ خوبصورت ۽ علم دوست بڻجي سگهي.

آئون مانائتي سائين ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي صاحب جن جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ايتريون ڍير ساريون محبتون ارپيون آھن. مون منجھ اھڙي تہ ڪابہ خصلت ناهي جيڪا گُڻ بڻائي بيان ڪجي. اھا سنتوش ڪامراڻي صاحب جن جي سُونھن آهي جو ھنن ايڏا خوبصورت لفظ مون کي ارپيا آهن.