Homeادبڪردارشھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين

شھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين

هر سال 9 آگسٽ تي شھيد نذير عباسيءَ کي ياد ڪيو وڃي ٿو. تقريرون ٿين ٿيون، گل چاڙهيا وڃن ٿا ۽ سندس بھادريءَ جا قصا ورجايا وڃن ٿا. پر نذير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو اڃا به اسان جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ گهربل جاءِ والاري نه سگهيو آهي. اهو پاسو آهي سندس بين الاقوامي سياسي شعور، عالمي ترقي پسند تحريڪن سان وابستگي ۽ سندس شھادت جو عالمي اثر.
نذير عباسيءَ کي صرف سنڌ يا پاڪستان جي هڪ انقلابي ڪارڪن طور پڙهڻ، سندس تاريخي ڪردار کي محدود ڪرڻ آهي. هو ان نسل جو نمائندو هو، جنھن لاءِ سياست رڳو اقتدار جي جدوجھد نه، پر دنيا جي مظلوم قومن، مزدورن، شاگردن ۽ جمهوريت پسند قوتن جي گڏيل آزاديءَ جو خواب هئي. سندس فڪر جو مرڪز سنڌ ضرور هئي، پر سندس سياسي افق قومي سرحدن کان گهڻو وسيع هو.

Sarangaa شھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين


1970ع واري ڏهاڪي جي پڄاڻي عالمي سياست جو هڪ غيرمعمولي دور هو. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي، ضياءُالحق جو مارشل لا، ولي خان، غوث بخش بزنجي ۽ ٻين قومي جمهوري اڳواڻن تي پابنديون، جمهوريت پسند قوتن جون گرفتاريون، ۽ پوءِ بينظير ڀٽو جو عالمي سطح تي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اڀرندڙ آواز- اهي سڀ هڪ ئي تاريخي دور جا مختلف رُخ هئا. نذير عباسي به انهيءَ مزاحمتي تاريخ جو حصو هو، جيتوڻيڪ سندس نظرياتي وابستگي ڪميونسٽ تحريڪ سان هئي.
ساڳئي وقت دنيا به وڏي تبديليءَ مان گذري رهي هئي. افغانستان ۾ ثور انقلاب عالمي سياست جي مرڪز ۾ هو؛ فلسطين ۾ صيھونيت خلاف قومي آزاديءَ جي جدوجھد جاري هئي؛ ايران ۾ پھلوي بادشاهت، ساواڪ جي جبر ۽ ان جي مقابلي ۾ توده پارٽي ۽ ٻين ترقي پسند قوتن جي سياسي مزاحمت عالمي کاٻي ڌر جي بحثن جو حصو هئي. نذير عباسيءَ جي سياسي تربيت ۽ سوچ انهن عالمي بحثن کان الڳ نه هئي. هو پرولتاري انٽرنيشنلزم جو قائل هو، جتي ڪنھن به قوم جي آزادي، سماجي انصاف ۽ جمهوريت کي گڏيل انساني جدوجھد جو حصو سمجهيو ويندو هو.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ پوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي پليٽ فارم تان سرگرم رهندي، نذير عباسيءَ جا رابطا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهيا. هو پراگ ۾ قائم International Union of Students (IUS) ۽ بوڊاپيسٽ جي World Federation of Democratic Youth (WFDY) جھڙين عالمي شاگرد ۽ نوجوان تنظيمن جي نيٽ ورڪن سان لاڳاپيل هو. اهي فورم رڳو ڪانفرنسون نه هئا؛ اهي ٽئين دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن، سامراج مخالف جدوجھد ۽ عالمي ترقي پسند سياست جا اهم مرڪز هئا.
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو نوجوان ترين ميمبر هجڻ جي حيثيت سان نذير عباسي پاڪستان جي انهن ٿورن سياسي ڪارڪنن مان هو، جن جي سياسي سوچ مقامي مسئلن سان گڏ عالمي سياسي تحريڪن سان به ڳنڍيل هئي.
شايد انهيءَ ڪري سندس گرفتاري ۽ شھادت به صرف پاڪستان جو اندروني واقعو نه رهي.
30 جولاءِ 1980ع تي گرفتاري ۽ 9 آگسٽ تي فوجي انٽيليجنس جي حراست ۾ تشدد سبب شھادت کان پوءِ سندس ڪيس دنيا جي معتبر انساني حقن جي ادارن تائين پھتو. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي 1981ع جي سالياني رپورٽ ۽ پاڪستان بابت خصوصي رپورٽ (ASA 33/024/1981) ۾ نذير عباسيءَ جي ڪيس کي پاڪستان ۾ سياسي قيدين تي رياستي تشدد جي اهم مثال طور دستاويز ڪيو. جڏهن پاڪستان اندر سچ لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، تڏهن عالمي انساني حقن جا ادارا ان کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيا هئا.

Sarangaa شھيد نذير عباسي: سنڌ جي سرحدن کان عالمي ضمير تائين


ساڳئي عرصي ۾ International Union of Students ۽ World Federation of Democratic Youth سندس شھادت تي مذمتي قراردادون منظور ڪيون. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن کان پاڪستان جي فوجي حراستي مرڪزن بابت جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ ضياءَ آمريت خلاف عالمي يڪجھتي مھم جو حصو بڻيا.
برطانيا جي Foreign and Commonwealth Office ۽ آمريڪا جي National Archives ۾ محفوظ سفارتي دستاويز پڻ ٻڌائين ٿا ته نذير عباسيءَ جي شھادت، سنڌ جي سياسي ردعمل ۽ بعد ۾ هلندڙ ڄام ساقي ڪيس تي عالمي سفارتي حلقا ويجهي نظر رکي رهيا هئا. اها ڳالهه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غيرمعمولي اهميت رکي ٿي ته هڪ سنڌي نوجوان جي شھادت بين الاقوامي سفارتي آرڪائيوز ۽ انساني حقن جي دستاويزن ۾ مستقل جڳھه ماڻي.
نذير عباسيءَ جي عالمي سڃاڻپ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هو پنھنجي ڌرتيءَ کان پري ٿي ويو هو. حقيقت ۾ سندس انٽرنيشنلزم جو بنياد ئي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي مظلوم ماڻهن جي گڏيل قسمت جو تصور هو. هن لاءِ سنڌ جي آزاديءَ جا خواب فلسطين جي درد کان جدا نه هئا، جمهوريت جي جدوجھد پاڪستان تائين محدود نه هئي، ۽ سماجي انصاف جو تصور قومي سرحدن ۾ قيد نه هو.
اڄ، سندس شھادت کان ڇائيتاليھه سال پوءِ، جڏهن تاريخ جا در کلي رهيا آهن، ڊيڪلاسيفائيڊ سفارتي رڪارڊ، بين الاقوامي انساني حقن جون رپورٽون، شاگرد تنظيمن جا آرڪائيو ۽ علمي تحقيق هڪ ئي ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا: نذير عباسي صرف هڪ سياسي شھيد نه، پر عالمي ترقي پسند تاريخ جو دستاويزي ڪردار هو.
9 آگسٽ تي نذير عباسيءَ کي ياد ڪرڻ جو سڀ کان مناسب طريقو شايد اهو ناهي ته صرف سندس قربانيءَ تي ڳوڙها ڳاڙجن؛ پر اهو آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي ٻڌائجي ته هن ڌرتيءَ مان هڪ اهڙو نوجوان به اڀريو هو، جنھن جي جدوجھد، گرفتاري، آزاديءَ لاءِ عالمي آواز، حراستي تشدد ۽ شھادت- هي سڀ عالمي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن.
ضياءُ الحق جي جيل جي هڪ اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ سندس جسم کي خاموش ڪيو ويو، پر سندس نالو لنڊن جي انساني حقن جي آرڪائيوز، پراگ ۽ بوڊاپيسٽ جي شاگرد تحريڪن، جنيوا جي عالمي فورمن ۽ جديد تاريخي تحقيق ۾ اڄ به زنده آهي. اهو ئي شھيد نذير عباسيءَ جو سڀ کان وڏو تاريخي اعزاز آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا