سامِي ويئرِي جو سپُوت – ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!
“ڪارونجهر، جُملي جيوت جو پالڻھار ۽ پناھ گاھ آهي. اهو اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي..!”
اهي لفظ ڪاڪي الھ رکيي کوسي جو، ڪو خيال نہ، پر ايمان آهن…!
ننگر پارڪر ۾، اسان پارن جي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ، هڪڙو آهي ڪارُونجهر ۽ ٻيو آهي ڪاڪو الھ رکيو کوسو…!
ڪاڪي الھ رکيي کوسي ۾، هونءَ تہ سڄو ٿرُ ساھُ کڻي رهيو آهي، پر هُو پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو سادو ۽ سِڌو شخص آهي، جھڙو ڪو ڏهرُ ٿيندو آهي، جھڙيون ٿرَ جون ڀِٽُون ٿينديون آهن!
اَٺھٺ سالن جي هن شخص جون ڳالهيون ٻُڌندي، توھان جو اکيون، هن جي اکيُن سان مِلي، جڏهن سندس پُر اعتماد چھري تي پونديون، تڏهن توهان کي ايئن لڳندو، ڄڻ ٿَر جي ٿُوهر تي بھار آئي آهي ۽ سندس هر ٽارَ جي مٿي تي مَنڌِيءَ جا ڳاڙها گُل ڦُٽي آيا آهن، جن ڄڻ کيس نئين جواني عطا ڪري ڇڏي آهي!

سائين الھ رکيو کوسو ، ٿرپارڪر جي سرحدي ڳوٺ سامِي ويئرِي جو سپُوت آهي، جنھن جو جنم 1958ع ۾ ٿيو.
جڏهن ورهاڱي جي ويرِي ڇِڪِي وئي، تڏهن ان سامي ويئري کي بہ دل وانگر ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ اندازن 300-350 کن گهر هُئا! ڳوٺ جو اڌ پاسو لَڪير جي هُن پاسي هليو ويو، اڌ هن پاسي رهجي ويو. پر سامي ويئري جي دِل هن پاسي ڌڙڪي رهي هئي، اهو اڌُ، اڌ رنگ جي مريض وانگر جيئڻ جي جنگ جوٽي بيھي رهيو هو!
راجا! تُو پَڙَي، تو ڌارا لاچي،
لنگڙيا ٽانگ سي بِي لَڙ…!
( راجا! جيڪڏهن تون ڪِري پوندين، تہ ڌرتي لَڄائبي، تنھن ڪري لنگڙي ٽنگ سان بہ لڙندو رھ…!)
اهي لفظ شھيد شادي خان کوسي، راجا خان کوسي کي چيا، جيڪو سندس ڀائٽيو هو، جنھن کي جنگ ۾ وِڙهندي، ٽنگ ۾ گولي لڳي وئي هئي. انگريزن سان جهيڙيندڙ ان جنگ ۾ چانڊيا ۽ راجپوت بہ شريڪ هئا.
سامي ويئري جي ان شھيد (شادي خان کوسو) جي مزار ڇَھُوٽڻ جبل (راجسٿان) ۾ آهي، جنھن جي مزار تي نوان پرڻيل جوڙا اچِي، اها دُعا گهرندا آهن، تہ کين بہ اهڙو سُورهيہ پُٽُ پئدا ٿئي…!
ارڙهن سالن تائين ڳوٺاڻا ان لَڪير کي اورانگهيندا ٿي وَتيا، پر پوءِ پنجھٺ واري جنگ پَريين پاسي وارن کي تہ ڇا، اوريين پاسي وارن کي بہ اتان اُٿي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو! رهيا کُھيا گهر بہ ايڪھتر واري جنگ ۾ اتان لڏي، ٻين ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيا!
سائين الھ رکيي کوسي وارا، سال سوا نئين ڪوٽ ۽ ڏيپلي جي وِچ تي هڪ ڳوٺ ۾ ڪجهه وقت گذارڻ کانپوءِ 1973ع ۾ ننگر پار ڪر ۾ اچي آباد ٿيا…!
ڳوٺ سامي ويئري جو اهو نالو، ڀلي تہ ڪنھن ساميءَ سان منسوب هجي، پر ان ويئريءَ جي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ اهڙي تہ ڪا مَھما هُئي، جنھن جي آويءَ مان ڪو بہ رَڇُ ڪچو نہ نِڪتو…!
سامي ويئريءَ جي کوسن جون مائرُون پنھنجن ٻارن کي، نہ رڳو سنڌي زبان ۾ لوليون ڏينديون هُيون، پر ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهي پنھنجن ٻارن کي ٿڃُ ۾ ٿُوهر جي کير جا ڦُڙا بہ ايئن ملائي ڏينديون هيون، جيئن ننڍي هوندي اسان کي امڙ ٿڃُ ۾ اَملتاس ملائي ڏيندي هئي. اهو ئي سبب هو، جو سامي ويئريءَ جو هر سپُوت ان ٿَڃُ ۽ مرکَ کي ايئن موکيندو ۽ ملهائيندو پئي رهيو آهي، جو سندن نالا ڪڏهن نادَن وانگر تہ ڪڏهن ڪليسا جي گهنڊن وانگر وڄندا پئي رهيا آهن…!

سامي ويئريء جي صمد خان کوسي اتي اسڪول کولرايو، جنھن ڊاڪٽر ۽ سماجي شيوڪ پئدا ڪيا. مسڪين جھان خان کوسو ٿر جو خدائي خدمتگار هو.
ڀرسان ئي ڪاپڙي خان کوسي جنم ورتو، جيڪو باغي ۽ بھادر شخص هو. جنھن کي انگريز جڏهن پنھنجي طنبُوءَ ۾ ڳالهيُن لاءِ سڏايو، تڏهن سعيو ڪري ان جو دروازو سوڙهو رکرايائين، تہ جيئن کيس اندر جُهڪي اچڻو پوي. پر هن تلوار سان طنبُوءَ کي چيرُ ڏيئي، ان ۾ سِڌو داخل ٿيو!
تون بہ طَنبُن جا ڀلي دَر هيٺ ڪر،
مان بہ کوسا ڪاپڙي ميڙيان ٿو پيو!
(- استاد بخاري)
ڪاڪو الھ رکيو کوسو چاليھ سالن جو ٿيو، تہ مٿس ڪارُونجهر جو نِينھُن نازل ٿيو!
مون کيس پھريون ڀيرو فقير مُقيم جي ورسيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو. هن جو فقير مقيم سان ياراڻو هو. هن ٻُڌايو، تہ سندس مقيم سان پھرين ملاقات 1990ع ۾، دلبر خان جي معرفت عيسن شاھ جي ميلي ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي!
“تڏهن مختلف ڪمپنين کي ليز تي ڏنل ڪارُونجهر جي ٽَڪريُن جي ڪَٽائي شروع ٿي چُڪي هئي. مُقيم پھريون ماڻهو هو، جنھن ان موضوع تي اخبارن ۾ آرٽيڪل لِکي، ان ڳالهه جي اهميت کي اُجاگر ڪيو، احساس ڏياريو، همت ٻڌرائي ۽ اسان سان احتجاجن ۾ گڏُ رهيو. ساڻس وڌيڪ ويجهڙائيءَ جو سبب بہ ڪارونجهر ئي هو. ٻيا سُمِهي پوندا هُئا، اسين سڄي رات پيا ڪارُونجهر بابت ڪچھريون ڪندا هئاسين…!”
هنن “ڪارونجهر سجاڳ فورم” جو بنياد 2017ع ۾ وِڌو. ان پليٽ فارم تان مظاهرا ڪري، پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ “ڪارُونجهر بچايو” جو آواز بلند ڪندا رهيا!
هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بئنچز پاران، ڪارونجهر جي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل فائيل ڪرڻ کان پوءِ, اهو ڪيس جنھن ڏينھن فيڊرل ڪورٽ ڏانھن شفٽ ڪرايو، تنھن ڏينھن (26.11.2025) کان هنن لاڳيتو 86 ڏينھن تائين احتجاج جاري رکيو!
“توهان سمجهو ٿا، توهان جو آواز ڪارونجهر جي متوقع ڪٽائي مڪمل بند ڪرائي سگهندو?!” مون کانئُس سوال ڪيو…!
پاڻ پُوري اعتماد سان وراڻيائين :
“منھنجي آواز سان ٿر ننگر ۽ سموري سنڌُ پنھنجو آواز ملايو بيٺا آهن!
جي سرڪار ڏاڍي آهي، تہ ڏُونگر بہ ڏاڍو آهي…!
تو جي پَھڻ پَٻَ جا، تہ لِڱَ منھنجا لوھُ…!
اسان جو آواز، رڳو احتجاج ناهي، پر اهو احساس پئدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، تہ ڪارُونجهر رڳو پٿر ناهي، پر اهو هڪ جيئرو جھانُ آهي. اهو وَڍڻ ۽ ويچڻ واري وَٿُ ناهي…!”
ويڪائُو نِي ڪوڻ بَتاوي،
ديس نہ هوءِ وَکر…!
ڏُونگر نَي نِي واڍو، وَيچو،
ڏُونگر مارو ٻاءُ…!
