Homeادبتحقيقناول”زينت“ ۽ انگريز سرڪار جو انعامي اشتھار

ناول”زينت“ ۽ انگريز سرڪار جو انعامي اشتھار

هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري اديب، عالم، مترجم ۽ ناول نگار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو هڪ اهم ۽ طبعزاد ناول آهي، جيڪو سنڌي ناول نگاريءَ جي شروعاتي دور ۾ لکيو ويو ۽ پنھنجي موضوع، اسلوب ۽ فڪري گھرائيءَ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. هن ناول ۾ ان دور جي مسلم گهراڻي جي گهريلو زندگي، رهڻي ڪھڻي، سماجي قدرن، رسم و رواج ۽ زماني جي حالتن کي نھايت جاندار ۽ حقيقت پسند انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ناول جي مرڪزي ڪردار ’زينت‘ جي سيرت ۽ شخصيت کي خاص اهميت سان بيان ڪيو ويو آهي، جنھن ذريعي عورت جي حيثيت، سندس احساسن، خواهشن ۽ سماجي پابندين کي اجاگر ڪيو ويوآهي. ليکڪ نه رڳو هڪ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، پر ان وسيلي سماج جي اوڻاين، خاص طور عورتن سان لاڳاپيل مسئلن تي به روشني وجهي ٿو، جيڪا هن ناول کي اصلاحاتي رنگ ڏئي ٿي.

Sarangaa ناول”زينت“ ۽ انگريز سرڪار جو انعامي اشتھار

مرزا قليچ بيگ جو ناول ”زينت“ 1891ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ادب ۾ جديد ناول نگاريءَ جو پھريون مثال آهي. هن ناول ۾ جديد ناول جي پوري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويئي. ناول جي اصل مقصد تحت زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي. حقيقت اها آهي ته هيءُ ناول، انگريز سرڪار جي هڪ انعامي اشتھار تي لکيو ويو.  هيءَ انهن ڏينھن جي ڳالهه آهي، جڏهن انگريز سرڪار 1853ع ۾ موجوده سنڌي الفابيٽ تيار ڪرائي، سرڪاري خرچ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ، ناول ۽ ڪھاڻيون لکرائڻ شروع ڪيون. ان ڏس ۾ هنن ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه“ جھڙا قصي نما ناول به ترجمو ڪرائي شايع ڪرايا، پر انهن ۾ جديد ناول نگاريءَ جي ٽيڪنيڪ ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪا نه هئي. ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ ۾ مغربي صنفن وارو ادب اڃامروج نه ٿيڻ سبب ناول ۽ ڪھاڻي لکڻ جو رواج به نه پيو هو.

هڪ سٺي ناول جي اهميت کي سمجهندي، انگريز سرڪار جي تعليم کاتي جي انچارج:  ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جي.ايڇ. ڦلٽن 1872ع- 1873ع ۾ هڪ اشتھار جاري ڪيو، جنھن ۾ ڄاڻايل هو ته:

The Director’s competitive Prize for 1872-73 was discussed, and it was proposed to offer a prize for—

“A novel descriptive of the present domestic and social life, with particular reference to the condition of women in this Province, the main object being to expose the social prejudices and evil customs that have been detrimental to the true interests of the people.”

يعني: ڊائريڪٽر جي مقابلي واري انعام براءِ 1872-73 تي بحث ڪيو ويو، ۽ اها تجويز پيش ڪئي وئي  ته هيٺئين موضوع تي هڪ انعام رکيو وڃي:

“موجوده گهريلو ۽ سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ناول، جنھن ۾ خاص طور هن صوبي (سنڌ) ۾ عورتن جي حالت تي ڌيان ڏنو وڃي، ۽ جنھن جو بنيادي مقصد انهن سماجي تعصبن ۽ خراب ريتن رسمن کي ظاهر ڪرڻ هجي، جيڪي ماڻهن جي حقيقي مفادن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيون آهن.”

هيءُ اشتھار جڏهن شايع ٿيو ته ان وقت موجود، سنڌي الفابيٽ جي  نفاذ کي صرف 19، 20 سال ٿيا هئا، ۽ ان وقت چند قصا نثري ادب ۾ موجود هئا. سڀ کان پھرين جنھن ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو، اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن جو لکيل ”راسيلاس“، جنھن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراِء گڏجي 1870ع  ۾ ڪيو . هن ناول جي ترجمي نگارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي. هيءُ ناول جڳ مشھور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري ”سرسوتي“ ۾ شايع ڪرايون هيون. بعد ۾ سندس اوچتي ديُانت ڪري، ڀيرو مل مھرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو .سنڌي ادب ۾ طبعزاد قصي ناول لکڻ جو سھرو مرزا قليچ بيگ ڏانھن وڃي ٿو. هن ”دلارام“  نالي 1888ع ۾ لکيو. هن ناول تي داستان جو رنگ غالب آهي، ڇو جو ڪھاڻيءَ جو پلاٽ قديم دؤر جي بادشاهن جي قصي تي مبني آهي ۽ انساني زندگيءَ جي برعڪس مافوق الفطرت ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن.

جيتوڻيڪ انگريز سرڪار، 1872ع- 1873ع ۾ ڏنل اشتھار، جنھن تي ڪافي انعامي رقم لکيل هئي، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود، سنڌ جا اديب اشتھار جي گُهرجن مطابق ناول لکي نه سگهيا. ائين نه آهي ته سنڌي اديبن ڪوشش نه ڪئي، ڪيترن ئي اديبن پنھنجا ڊرافٽ سرڪاري ڪاميٽي آڏو جمع ڪرايا، پر هڪ ٻئي جي پويان رد ٿي ويا. بل آخر ان دور جي نوجوان اديب ۽ سرڪاري طور ڪم ڪندڙ ڊپٽي ڪليڪٽرمرزا قليچ بيگ هڪ ناول لکيو، جيڪو ڪافي حد تائين سرڪاري اشتھار واريون گهُرجون پوريون ڪري رهيو هو. سرڪاري ”ورنيڪيولر ڪاميٽي“ ان ڊرافٽ جي منظوري ڏني ۽ ناول 1890ع ۾ “زينت” جي نالي سان شايع ڪيو ويو ۽ مرزا قليچ بيگ کي سرڪار پاران رکيل رقم کان علاوه به انعام ڏنا ويا. ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تمام وڏي سڃاڻپ ملي ۽ اڄ به اهو ناول سنڌي ادب جي بھترين ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا