Homeادبڪالمتنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو نئون اڀياس

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو نئون اڀياس

سنتوش ڪامراڻي
سنتوش ڪامراڻي
ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي وڏي عرصي کان وٺي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مختلف سماجي علمن بابت مضمون لکندو رهي ٿو. پاڻ ميڊيڪل سائنسز، ماس ڪميونيڪيشن، تعليم، ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ادارن کان سواءِ يونيسڪو سان به ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت حيدرآباد جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو، انساني علم ۽ تعليمي نفسيات جھڙا موضوع پڙهائي ٿو.

نامياري شاعر، نامور عالم، ۽ سنڌ جي سپوت ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعريءَ جي ڪليات “تنوير چئي” جي ٻئي ڇاپي تي نامور ليکڪ ۽ اسڪالر جامي چانڊيي پاران پُرمغز، علمي، گھِرو ۽ فڪر انگيز مضمون پڙهي، نه صرف ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو، پر اکين اڳيان تنوير عباسيءَ جي شخصيت جو هڪ نئون روپ به چٽو ٿيو. جاميءَ تمام گهڻي محنت، گھرائي ۽ سچائيءَ سان تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو اهڙو تُزُ ۽ جامع جائزو پيش ڪيو آهي، جو دل ۾ آيو ته هن شاندار لکڻيءَ تي ٻه اکر پيش ڪجن ۽ ان جي فڪري اُڏام تي وڌيڪ روشني وجهجي. هيءَ ڪاوش نه رڳو هڪ ادبي شاهڪار آهي، پر سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو اثاثو پڻ آهي، جنھن ۾ تنقيدي بصيرت جو هڪ نئون معيار قائم ڪيو ويو آهي.

جامي صاحب، پنھنجي تنقيد ۾ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي ميشل فوڪو جي “اپسٽيم”Episteme) جي تصور سان جوڙي، ان کي هڪ نئين فڪري دائري ۾ داخل ٿيڻ جو اظھار قرار ڏنو آهي. اهو قاري کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ شاعر پنھنجي ذات جي گھِرين وادين مان گُذري، فن جي نئين منزل تي پھچي ٿو. فوڪو جو اپسٽيم ان تاريخي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو، جنھن ۾ ڪنھن خاص دور جي علم ۽ فڪر کي تشڪيل ڏنو وڃي ٿو. جاميءَ جي نگاهه ۾، تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ هي صرف فني تبديلي نه هئي، پر هڪ نئين انسان ۽ سماج جي اڀرندڙ خوابن جو تخليقي آواز هو، جنھن پنھنجي دور جي نين ضرورتن مان آزاديءَ جو لباس اوڍيو. اها تبديلي، جيڪا ڪلاسڪي دور جي جامد روايتن کان پري نئين فڪر، نون قدرن ۽ نون اظھارن جا رستا کولي ٿي، حقيقت ۾ تنوير جي فنڪاراڻي سفر جو بنياد بڻي. هي فڪري پرک تنقيد کي ادبي تجزيي کان اڳتي وڌائي، حقيقت کي سمجهڻ جي نون طريقن جي نشاندهي ڪري ٿي، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته ادب صرف تفريح جو ذريعو نه آهي، بلڪه فڪري ارتقا جو آئينو پڻ آهي.

جامي صاحب اقبال ۽ جوش جي فڪري فرق کي چٽو ڪندي ٻڌايو آهي ته جوش وڌيڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند هو. ان وضاحت سان، جاميءَ تنوير عباسيءَ کي هن ترقي پسند سوچ جي پٺيان هلندي ڏيکاريو آهي، جنھن نئين سماج ۽ نئين دور جي تشڪيل جو سڏ ڏنو، جنھن ۾ نوان خيال، نوان معيار ۽ نوان شعر جنم وٺن ٿا. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ روايتي عروض جي جهلڪ سان گڏ، بيحد نازڪ احساس، پختو سماجي-سياسي شعور ۽ فڪري گھِرائيءَ جا رنگ به ملن ٿا، جيڪي پنھنجي دور جي ظلم جي خلاف بغاوت، سچ جي جستجو ۽ هڪ وڏي انقلاب جي اميد جو اظھار ڪن ٿا. سندس شاعري فقط لفظن جو مجموعو نه آهي، پر سماجي تبديليءَ جو هڪ اوزار بڻجي سامھون اچي ٿي. هو پنھنجي شاعريءَ ذريعي ان روايتي سوچ کي للڪاري ٿو، جيڪا سماج کي قدامت جي قيد ۾ رکڻ چاهي ٿي، ۽ نئين، روشن خيال ۽ ترقي پسند سماج جو خواب ڏسي ٿو.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شروعاتي شاعريءَ ۾ محبوب جي ياد جو جذبو غالب هو، جنھن کي جامي صاحب نفسياتي بصيرت سان پرکيو آهي. هن اڀياس ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي ته جدائيءَ جي درد ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي جذباتي بلندين تي پھچايو، جنھن سندس فني اظھار ۾ گھرو واڌارو آندو. هي نفسياتي بصيرت ظاهر ڪري ٿي ته جدائيءَ جو گھرو درد، شايد وسيع قومي يا وجودي جدائيءَ جي عڪاسي، تنوير عباسيءَ جي اندر ۾ فني گھرائي ۽ وسيع آواز کي جنم ڏنو. هن جي شاعريءَ ۾ ذاتي غم ۽ اجتماعي ڪرب جو هڪ عجيب ميلاپ نظر اچي ٿو. سندس شروعاتي خودآگاهي، جتي هو پنھنجي شاعريءَ کي اڃا پختو نه سمجهي ۽ هڪ استاد جي ضرورت محسوس ڪري ٿو، سندس فني بھتري لاءِ جاکوڙ کي نمايان ڪري ٿي. جاميءَ هن کي تبديليءَ جو پھريون پل سڏيو آهي، جتي مستقبل جا رستا اڃا چٽا نه هئا، پر هڪ عظيم شاعر جي جنم جا آثار واضح هئا. هي نفسياتي سفر تنوير جي شاعريءَ کي فقط جذباتي اظھار کان وڌيڪ، هڪ گھري فڪري ۽ وجودي جستجو بڻائي ٿو، جيڪا انساني فطرت جي گَھرَن رازن کي آشڪار ڪري ٿي.

سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾، ورهاڱي ۽ ون يونٽ پاليسيءَ جي سماجي اثرن کي اجاگر ڪندي جامي صاحب ٻڌايو آهي ته تنوير عباسيءَ جي شعور کيس ورهاڱي کي سچي آزاديءَ طور قبولڻ کان روڪيو. سندس نظم “آزادي” ۾ هو آزاديءَ جي نالي ۾ مليل غلاميءَ جي ڦندي کي بيان ڪري ٿو، جيڪا فقط هڪ سياسي تنقيد نه پر سنڌ جي تاريخي زخم جو هڪ حساس اظھار آهي. هي سندس گھري سياسي ۽ تاريخي سمجهھ کي ظاهر ڪري ٿو. ون يونٽ پاليسي، جنھن سنڌ جي سڃاڻپ ۽ خودمختياريءَ کي دٻايو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ مايوسي ۽ بيچينيءَ جو رنگ وڌايو. هي تاريخي صدما سندس شاعريءَ ۾ سماجي-سياسي تنقيد جو بنياد بڻيا، جن سندس ذاتي فن کي اجتماعي آواز ۾ بدلائي ڇڏيو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ثقافتي ۽ سماجي انتشار، ۽ ون يونٽ جي ڪري سنڌي ماڻهن جي حقن جي پامالي، تنوير جي شعرن ۾ چٽي نموني ملي ٿي. هو پنھنجن لفظن سان سنڌ جي سُڏڪن کي آواز ڏئي ٿو، ۽ قومي غيرت ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي سامهون اچي ٿو. سندس شاعري هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي، جيڪا سنڌ جي ان دور جي تاريخي، سماجي ۽ سياسي حالتن کي پوري ايمانداريءَ سان پيش ڪري ٿي. جامي چانڊيي صاحب جو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ تي ڪيل هي اڀياس، کيس جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم شخصيت طور پيش ڪري ٿو، جنھن جي فني ارتقا سندس دور جي فلسفيانه، نفسياتي ۽ سماجياتي تبديلين سان گھري جڙيل آهي. هيءُ تنقيدي تجزيو جامع آهي، جيڪو تنوير عباسيءَ جي روايتي بنيادن ۽ سندس ترقي پسند سفر ٻنھي کي اجاگر ڪري ٿو. جاميءَ جو هي مقالو نه رڳو فڪري ۽ علمي گھرائيءَ جو حامل آهي، پر ان ۾ ادبي حسن ۽ جذباتي اپٽار به نمايان آهي. هن مضمون جو هر جملو سوچ ۽ احساس جي گھرائيءَ ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. تنوير عباسيءَ جو ڪم هڪ نئين دور جو تخليقي ۽ تخيلاتي اظھار آهي، جيڪو همعصر عالمي تناظر مان پيدا ٿيل نون موضوعن ۽ نئين اسلوب سان گڏ، سنڌ جي تاريخي تجربن سان رَڱيل آهي. سندس روايتي شڪلين کي جديد حساسيتن سان ملائڻ جي صلاحيت کيس سنڌي ادب ۾ هڪ اهم آواز بڻائي ٿي. جامي صاحب جو تنقيدي ويچار روايت ۽ جدت جي سنگم کي چٽو ڪري، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي سنڌ جي تاريخي تجربن ۽ عالمي موضوعن جو هڪ خوبصورت امتزاج بڻائي ٿو. هي اڀياس تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي سنڌي ادب جي نقشي تي هڪ الڳ ۽ امتيازي حيثيت ڏياري ٿو، ۽ ان ڏَسَ ۾ وڌيڪ تحقيق جا دروازا کولي ٿو. جامي صاحب جو هيءُ مقالو پڙهڻ کان پوءِ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي پرکڻ جو هڪ نئون ۽ گھرو ادراڪ پيدا ٿئي ٿو، جنھن لاءِ جامي صاحب داد جو مستحق آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا