Homeتاريخڇا شھيد دولھه دريا خان مھدوي هو؟

ڇا شھيد دولھه دريا خان مھدوي هو؟

عزيز ڪنگراڻي
عزيز ڪنگراڻي
عزيز ڪنگراڻي نامور ليکڪ ۽ محقق آھي. ھن سنڌ جي تاريخ، سنڌو لکت ۽ ڪاڇي جي پھاڙن ۾ موجود قديم لکتن ۽ نشانين تي اڻ ڳڻيو ڪم ڪيو آھي.

سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور ۾ بھادر جرنيل ۽ سنڌ جي سپوت شھيد دولھه دريا خان جي درست تاريخ بابت سنڌ جي تاريخ مغالطن جي ور چڙهيل آهي. معاصر مورخن جون تاريخون دولھه دريا خان ۽ ڄام مبارڪ خان سمي کي هڪ ڪردار سمجهي، ڄام مبارڪ خان جا جنگي واقعا دولھه دريا خان سان منسوب ڪري ڇڏيا. اهڙيءَ ريت مورخن سندس نالي، ذات يا قبيلي بابت پڻ مونجهارا پيدا ڪيا. دولھه دريا خان جي شھادت کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ يعني1621ع ۾ طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ لکي، جنھن دولھه دريا خان کي سيد (1995ع، ص-63) ڄاڻايو آهي ۽  سندس نالا دريا خان، قبوليو ۽ مبارڪ خان لکيا آهن(ص-63، 64، 65). ”تاريخ معصومي“ دريا خان (ص-92) ۽ ”تحفته الڪرام“ سندس ذات سيد،  نالو قبوليو ۽ ڄام نندي پاران نالو دريا خان ۽ لقب مبارڪ خان (ص،50-149) ڄاڻايو آهي. انهن اوائلي تاريخن ۾ لاشاري هجڻ جو ذڪر به نه آهي. سندس ڳوٺ ڳاها لکيو ويو آهي، جيڪو دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ جي ديھه ڳاها ۾ جوهي-ڀان سعيدآباد روڊ سان چنه  شاخ جي ڳاها موري وٽ بحر علي عرف عام بھار شاهه نالي اڄ به موجود آهي. (دادو ائٽ گلانس، 2011ع، ص-33). گمان غالب آهي ته ڳاها ڳوٺ ۽ علائقو ڳاها قبيلي جو هئو ۽ دولھه دريا خان اصل ۾ ذات جو ڳاهو هئو.

دولھه دريا خان شھيد جو سيد ميران محمد مھدي جونپوريءَ جي مريد هجڻ بابت به تاريخ ۾ ذڪر ايندو رهيو آهي. اوائلي تاريخن ۾ اهڙو ذڪر مير علي شير قانع”تحفته الڪرام“ ۾ ڪيو آهي. قانع لکي ٿو ته، ”ميران سيد محمد جونپوريءَ ٺٽي ۾ اچڻ تي باوجود پڪ (خاطري) ڄام (نندو) عالمن (مخدوم بلاول؟) جي چُرچ تي هن (مھدي) سان اعتقاد مندي سان پيش نه آيو هو، مگر هن (دريا خان) انهي بزرگوار سچي دل سان خدمت ڪري، انهيءَ وقت جي صاحب (مھدي جونپوري) جي خوشنودي حاصل  ڪئي“ (2004ع، ص– 150).

غلام محمد لاکو ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن مھدي جونپوري ٺٽي پھتو، هن بزرگ جو ٺٽي ۾ قيام 906 هه ۽ 907 هه واري سالن ۾ معلوم ٿئي ٿو. ڄام کي حالتن جو جائزو وٺندي، خبر پوي ٿي ته مھدي جي موجودگي سنڌ اندر فساد ۽ فتني جو باعث بڻبي، ان ڪري هن دريا خان کي حڪم ڪيو ته مڪليءَ تي پھچي مھدي خلاف قدم کنيو وڃي. دريا خان اٽلندو مريد ٿي واپس ٺٽي موٽي آيو. ان تي ڄام غصي ٿي کيس حڪم ڪيو ته ضروري هجي ته مھدي کي قتل ڪيو وڃي. پوءِ به دريا خان معاملي کي نھايت خوش اسلوبيءَ سان مُنھن ڏنو. ايتري ۾ مھدي به پنھنجي خلاف وڌندڙ طاقت ڏسي، سنڌ مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. باوجود ان جي، مھدي کي شاهه حيدر سنائي وچولي سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان پھچايو“ (1997ع، ص-84). غلام محمد لاکي انگريزي ڪتاب ”دِي سمه ڪنڊم آف سنڌ“ ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳيو بيان درج ڪندي لکي ٿو ته، ”عالمن سان گڏو گڏ ٻن مشھور شخصيتن قاضي قاضن ۽ دريا خان وزير ميران محمد جونپوريءَ جي فرقي کي قبول ڪيو. ڄام نندي جو ڏانھس لاڙو نه هئو. چيو وڃي ٿو ته ڄام نظام الدين سيد (مھدي) کي پوئلڳن سُوڌو قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. وزير دريا خان جي گذارش قبول ڪندي (ڄام) کيس (مھدي) حڪمراني (سنڌ)ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيائين“ (2006ع، ص-91).

”جنت السنڌ“ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي  جي بيان منجهان به واضح ٿئي ٿو ته دريا خان سيد محمد مھدي جونپوريءَ ڏانھن مائل هئو. مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”سيد ميران محمد جونپوري جو پاڻ کي مھدي سڏائڻ لڳو، سو دکن ۽ گجرات کان ٿيندو ڄام نندي جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۾ پھتو. ڄام نندي سندس گرفتاري لاءِ حڪم ڏنو، پر دريا خان جي صلاح سان ٺٽي مان نڪري وڃڻ لاءِ حڪم جاري ڪيائين. سيد ميران محمد جونپوري  ٺٽي کان قنڌار پھتو“  (2000ع، ص-302).

ڇا شھيد دولھه دريا خان مھدوي هو؟

سنڌ جي تاريخ ۾ انهن صاف حوالن کان علاوه ڪي اهڙا غور طلب ٻيا حوالا پڻ ملن ٿا، جيڪي نه صرف سوال اُٿارن ٿا ته ڇا واقعي دريا خان مھدوي هئو؟ پر اهي تاريخي تذڪرا پڪو اشارو به ڪن ٿا ته دريا خان قاضي قاضن وانگر مھدوي هئو. مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو ته، ”مرزا شاهه بيگ ارغون پنھنجي تجربي ڪار جرنيل مرزا عيسي ترخان کي لشڪرڏئي، بکر جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. ڄام نظام الدين پاران قاضن بکر جو نواب هو، تنھن کي موقعي سر هو (ڄام) مدد ڪري نه سگهيو ۽ هن اتي لاچار ٿي قلعو ارغون جي حوالي ڪيو“ (2000ع،  ص-306). قاضي قاضن بکر جو نواب هو. قلعي جي انتظام سنڀالڻ يا ڪنھن دشمن جي امڪاني حملن کي منھن ڏيڻ لاءِ  وٽس لشڪر نه هوندو ڇا؟ جيڪڏهن کيس موقعي سر ڄام نظام الدين پاران مدد نه به ملي، تڏهن به جيڪو لشڪر وٽس هئو، اهو ساڻ ڪري مھاڏو اٽڪائي پئي سگهيو. پر بنان ڪنھن مزاحمت جي قلعو شاھ بيگ جي جرنيل حوالي ڪري ڇڏڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته قاضي قاضن ۽ شاھ بيگ ارغون ٻئي سيد محمد جونپوريءَ جا مريد هئا، جنھن ڪري قاضي قاضن بنان ڪنھن مزاحمت جي قلعو ارغونن حوالي ڪري ڇڏيو.

ساڳيءَ ريت جڏهن شاھ بيگ ارغون بکر کان پوءِ ٺٽي جو رُخ ڪيو هئو، تڏهن صرف باغبان ۾ لُٽ ڦُر ڪري باغبان کي ڇو تاراج ڪيائين؟ باغبان ۾ سمن، سميجن مزاحمت ڪئي ۽ باغبان ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿي. مورخن خبر نه هجڻ ڪري يا اندازو ڪري نه سگهڻ ڪري يا وري ڄاڻي واڻي حملي وقت مخدوم بلاول جي هجڻ يا مزاحمت ڪرڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي. انهن ڪن زميندارن جو شاھ بيگ وٽ پيش پوڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ممڪن آهي ته رتوڇاڻ کان پوءِ پيش به پيا هجن، پر خاطري سان چئي سگهجي ٿو ته باغبان ۾ بلاولي تحريڪ جو سرواڻ ۽ مھدوي تحريڪ جو سخت مخالف شھيد مخدوم  بلاول موجود هو، تڏهن باغبان کي رت پيئڻو پيو. مخدوم بلاول جي باغبان جي ويجهو دولھه دريا خان جو ڳوٺ ڳاها ۽ سندس جاگيرن وارو ڳوٺ ٽلٽي به هئو، پر انهن ٻنهي تي ان وقت حملو ڇو نه ٿيو؟ ڳاها منجهان ته ڪا به مزاحمت نه ٿي هئي. ”تاريخ طاهري“ جي بيان موجب، ”شاھ  بيگ باغبان پرڳڻي کي لُٽي ڦري ڀينگ ڪري، درياھ جي ڪنڌيءَ سان قنڌار واري  لنگهه کان هلندو، سڌو ٺٽي جي سامهون اچي لٿو“ (1995ع،ص-67).

ڇا شھيد دولھه دريا خان مھدوي هو؟

”تاريخ معصومي“ ۾ به باغبان جي ڦُرلٽ جو واضح ذڪر ته موجود آهي، پر ڳاها تي حملي جو ذڪر ئي ناهي. صرف ٽلٽي شورش جو ذڪر آهي.”تاريخ معصومي“ جي بيان مطابق، ”شاھ بيگ باغبان آيو ته اتان جا زميندار سندس طابع ٿيا. ٽلٽيءَ ۾ سندس خلاف مٺڻ ۽ محمود ۽ ٻين شورش برپا ڪيو. شاھ بيگ چاهيو ته اهي به هٿيار ڦٽي ڪري طابع ٿين. باغبان لُٽي ڪري شاھ بيگ لڪي جبلن جي رستي ٺٽي جو رُخ  ڪيو.. منزلون ڪندو  وڃي ٺٽي جي ڏکڻ ۾ منزل انداز ٿيو“ (2006ع، ص-122). حملي آور شورش جي باوجود به حملو ڪري سگهيو پئي. سوال اڀري ٿو ته حملو ڇو نه ڪيو ويو؟ منھنجيءَ راءِ موجب دريا خان جا علائقا هئا ۽ دولھه دريا خان پڻ سيد محمد جونپوريءَ جو مريد هئو.

ٺٽي ويندي، ڳاها ۽ ٽلٽيءَ تي شاھ بيگ ارغون جي حملي جو ذڪر مير معصوم بکريءَ به نه ڪيو آهي.

سنڌ جي روايتي تاريخن ۾ ٺٽي ڀرسان خان واهه وٽ شاھ بيگ ارغون سان دولھه دريا خان جي مُھاڏي اٽڪائڻ ۽ دريا خان جي شھيد ٿيڻ بابت واضح بيان موجود آهن. غلام محمد لاکو پنھنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ۾ لکي ٿو ته ”ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته، ارغونن، دريا خان کي صلح جي ڳالهين تي گهُرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون.“ (ص-44) جيڪڏهن ارغونن ۽ دولھه دريا خان وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون هونديون ته اهي ڪھڙيون ڳالهيون هيون؟ انهن جو نتيجو ڇا نڪتو، جو ارغونن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو؟ هن بيان منجهان لڳي ٿو ته عين وقت تي شاهه بيگ ارغون ۽ دريا خان وچ ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتي نه ڪرڻ، سنڌ جي غلاميءَ جي مخالفت ۽ حب الوطنيءَ سبب اختلاف پيدا ٿيا هوندا.

”تاريخ معصومي“ موجب، ”ٺٽي کان پوءِ شاھ بيگ سيوهڻ آيو. سيوهڻ منجهان سندس مخالف ماڻهو وڃي ٽلٽيءَ ۾ گڏ ٿيا. شاهه بيگ قاضي قاضن کي موٽڻ ۽ محمود ڏانھن موڪليو، پر ٺاھ نه ٿيو، ته شاهه بيگ ٽلٽيءَ ڏانھن وڌيو. ٽن ڏينھن بعد ڪنھن ماڻهوءَ کيس ٻُڌايو ته ميان محمود، مٺڻ، ڄام سارنگ (سھتو) ۽ رڻمل سوڍو خدمت ۾ پيش پوڻ لاءِ تيار هئا، پر انهي ملڪ (علائقي) جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ مخدوم بلاول کين روڪيو ويٺو آهي ۽ اچڻ نه ٿو ڏئي، بلڪه لڙائيءَ جي ترغيب ۽ جوش ڏياري رهيو آهي. اهوئي سبب  هو جو فتح کان پوءِ  شاھ بيگ  مخدوم بلاول تي سختي ڪئي ۽ مٿن ڏنڊ وڌو.“ (2006ع، ص-125) هيءُ بيان ظاهر ڪري ٿو ته اول مھدوي هجڻ سبب شاهه بيگ دريا خان سان نرميءَ سان پيش آيو، پر جڏهن سنڌ جي غلامي ۽ ڦرلٽ تي سندن وچ  ۾ اختلاف پيدا ٿيا هوندا، تڏهن شاهه بيگ نه صرف هن محب وطن سالار کي شھيد ڪرايو، پر ٽلٽيءَ تي حملو ڪري دريا خان جي پُٽن ۽ ٻين سالارن  کي شھيد ڪري سنڌ جي وحدت تي ڪاپاري وار ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا