Homeادبڪالمدل جي ڊائري

دل جي ڊائري

“بگهڙ جي وقت مان چورايل پَلُ”

فاطمہ ڀٽو جو ڪتاب The Hour of The Wolf رڳو ساروڻين جو ڪتاب ناهي، پر هڪ اذيتناڪ يادداشت نامو آهي. هيءُ ڪتاب هڪ عورت جي اندر وڙهي ويندڙ جنگ جو داستان آهي، جيڪو هڪ جذباتي وابستگي ۽ نفسياتي ڪشمڪش جو هڪ جنگ نامو آهي، جنھن ۾ هومر جي اوڊيسيئس وانگر جنگ ۾ هارايل هڪ سپاهيءَ جي وجودي ڀَڃَ ڊاھَ ۽ محبت جي ويساھ گهاتين جي ڇِرڪائيندڙ ڪَٿا آهي. هي فاطمه جي اوڊيسي آهي، جيڪا پنھنجو ديس، پنھنجو پيءٌ، پنھنجو سڄو خاندان ۽ پنھنجي مٽيءَ جو رشتو وڃائي دردناڪ اڪيلائي واري ڪيڏاري ۾ اڌ ڀڳل تلوار کنيل سپاهي وانگر بيٺي آهي.
هيءُ ڪتاب ٻُڌائي ٿو ته هن اميد پرست ۽ رجائيت پسند ڇوڪريءَ جي اندر ۾ امالڪ هڪ ڏيئو ٻري ٿو ۽ سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو شخص داخل ٿئي ٿو، جيڪو سندس هٿ منجهان اڌ ڀڳل تلوار کَسي کيس تازي گلاب جي ٽاري آڇي ٿو. هن ڇوڪريءَ جو رُوح هڪ دفعو وري حيات جي رعنائين سان ريجهي پوي ٿو. هوءَ اُن شخص کي پنھنجي روح جو رفيق سمجهي، سندس هٿ تي بيعت ڪري، پنھنجو همدم ۽ همسفر بڻائي ٿي، پر افسوس جو وري اُتان ئي پيار ۾ دغابازي، رَوَيَن ۾ مڪاري ۽ جذبات جي استحصال جو المناڪ داستان شروع ٿئي ٿو…
هڪ شخص جيڪو يارهن سال سندس وجود جي قيمتي وَٿ ۽ روح جو رفيق سڏرائي مٿس ذاتي، نفسياتي، احساساتي ۽ ذهني ٽارچر ڏيندي کيس بي لوث محبت جا ٺلها آسرا ڏئي، منشا جي صليب تي لٽڪايو بيٺو آهي. اهوئي دور هو جڏهن هن ڇوڪري انتھائي ذهني دٻاءَ، اَڌ مغزي هيجاني ڪيفيت، شديد نفسياتي ڪشمڪش ۽ غير معمولي وجودي ڀَڃ ڊاھ جو وقت گُذاريو. هُو هڪ بگهڙ هو ۽ اهو وقت هن بگهڙ جو وقت هو يعني The Hour of The Wolf.
18 مارچ تي لنڊن جي ڪنگز روڊ تي قائم معروف بڪ شاپ Waterstoenes تي “هڪ شام فاطمه ڀٽو سان گڏ” جي سري هيٺ سندس ڪتاب بابت هڪ مھورتي تقريب ٿي. هيءَ رڳو ڪتاب جي رونمائي نه هئي، پر هڪ اهڙي آواز جي واپسي هئي، جيڪو گهڻي عرصي کان پنھنجي اندر جي اُونداهين سان ڳالهائيندو رهيو هو ۽ پنھنجي اظھار کي اُٿلائڻ لاءِ اتاولو هو.
فاطمه ڀٽو جو نالو بيشڪ سياست جي هڪ وڏي ورثي سان جُڙيل آهي، پر هن ڪتاب ۾ هوءَ ڪنھن به سياسي سڃاڻپ کان آزاد ٿي هڪ زخمي رُوح، هڪ سوال ڪندڙ ذهن ۽ هڪ اميد پرست ۽ بيباڪ عورت طور سامهون اچي ٿي. سندس زندگيءَ جو اهو منظر جتي هن پنھنجي والد مرتضي’ ڀٽو کي ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ئي گهر اڳيان گولين سان پروڻ ٿيندي ڏٺو، اهو به ان دور ۾ جڏهن سندس پڦي بينظير ڀٽو اقتدار ۾ هُئي. اهو صرف هڪ سياسي سانحو نه پر هڪ ٻار جي نفسيات تي لڳل اهڙو گَھِرو زخم هو جيڪو وقت سان به ناهي ڀرجي سگهندو.
ڪتاب The Hour of The Wolf دراصل انھن ئي زخمن جي بيباڪ ٻولي آهي. هيءُ ڪتاب يادگيرين جو ڪو سادو بيان نه پر هڪ اهڙو داخلي سفر آهي، جتي محبت، ويساھُ، خوفُ، اڪيلائي، اميد ۽ سچ ھڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن.
“بگهڙ جو وقت” هتي هڪ استعارو بڻجي اُڀري ٿو. اهو لمحو، جڏهن انسان پاڻ سان روبرو ۽ پنھنجو پاڻ سان ئي مُنھن مقابل ٿئي ٿو بنا ڪنھن نقاب جي.
هيءُ ڪتاب يادداشت کان وڌيڪ هڪ آئينو آهي، جنھن ۾ پڙهندڙ نه رڳو فاطمه کي پر شايد پنھنجي اندر جي ڪنھن اُونداهي ڪُنڊ کي به ڏسي سگهي ٿو ۽ ان آئيني ۾ اهو شخص به پاڻ کي ڏسي ٿو، جيڪو بگهڙ ٿي چڪو آهي. ڪتاب جو اهوئي سچ آهي ۽ سچ ڪيترو به تڪليف ڏيندڙ ڇو نه هجي، ان کي لفظ ڏيڻ ئي شخصي آزاديءَ جي پختي وک آهي. سچ کي ثابت ڪرڻ ته ڏکيو هوندو آهي، پر ان کي محسوس ڪرڻ سولو آهي. ڇوته چور ڀلي عدالت ۾ پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪري، پر هو محسوس ڪندو ته مان چور آهيان.
فاطمه هنن يادگيرين ۾ پنھنجي ذاتي زندگيءَ جي ان پاسي کي به بيباڪيءٓ سان کوليو آهي، جنھن بابت عام طور تي خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي. محبت جو اهو روپ جيڪو تحفظ نه پر هڪ خوف ڏئي ٿو ۽ اهو رشتو جيڪو ويجهو هوندي به انسان کي اندروني طور اڪيلو ڪري ڇڏي ٿو. هن جنھن بھادريءَ سان پنھنجي ذهني اذيت (Mental Trauma) کي لفظ ڏئي آشڪار ڪيو آهي، اهو صرف ذاتي اعتراف نه پر هڪ وڏي سماجي سچائي آهي ته محبت هميشه شفا ناهي ڏيندي، ڪڏهن ڪڏهن اها سڀ کان گَھِرو زخم بڻجي ويندي آهي.
يارهن سالن جو اهو سفر وقت جو نه پر صرف اذيت جو سفر رهي ٿو، جيڪو هُن کي اندر کان ٽوڙي ڇڏي ٿو. نفسياتي دٻاءُ، ذهني اذيت، ۽ احساساتي استحصال هن جي روح کي رهڙي ڇڏين ٿا. اهو ئي پل آهي جتي “بگهڙ جو وقت” شروع ٿئي ٿو، اهو وقت جڏهن انسان پنھنجي اندر جي سڀ کان خطرناڪ سچ سان مُنھن ڏئي ٿو.
فاطمه ڀٽو جي هر لکڻيءَ جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو رهيو آهي ته هوءَ پنھنجي ذاتي تجربي کي هڪ وسيع انساني الميي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. هوءَ صرف پنھنجي ڪھاڻي ناهي ٻڌائيندي، پر انھن سڀني لاءِ ڳالهائي ٿي جيڪي خاموشيءَ ۾ جُهرندا ۽ ٽٽندا رهن ٿا ۽ نيٺ وري تعمير ٿين ٿا.
فاطمه هڪ اميد پرست عورت آهي، تنھن ڪري ئي مشڪل ترين حالتن منجهان وري وري نڪري اچي ٿي. پنھنجي پالتو ڪُتي “لائلا” سان سندس پيار ۽ لائلا جي وفاداري کيس جيئڻ جو هڪ اُتساھ ڏئي ٿي. لائلا جا ٻچا پاليندي ۽ انھن جي سنڀال ڪندي سندس اندر ۾ گرهستي وارو احساس جاڳي پوي ٿو. هوءَ ڀانئين ٿي ته ممتا کان وڌيڪ ڪو رشتو ناهي. لائلا هن کي وري اميد ڏانھن موٽائي اچي ٿي ۽ پوءِ سندس هي ڪربناڪ جنگنامو اميد، اتساھ ۽ ممتا واري احساس سان پنھنجي فتح جو اعلان ڪري ٿو.
آخرڪار، اهو لمحو اچي ٿو، جڏهن فاطمه پنھنجي اندر جي سڀني خوفن، سڀني زخمن ۽ سڀني ڀڃ ڊاهن سان اکين ۾ اکيون ملائي بيھي ٿي. هوءَ ڀڄي نٿي، لڪي نٿي پر بيھي رهي ٿي. اُن پل ۾ بگهڙ ختم نٿو ٿئي، پر پنھنجي حيثيت وڃائي ويھي ٿو…
هاڻي اهو “بگهڙ جو وقت” ناهي رهيو…
هاڻي اهو “وقت جو بگهڙ” آهي.
۽ وقت هميشه سچ جي پاسي هوندو آهي.
فاطمه پنھنجن لفظن سان نه رڳو پنھنجي ڪھاڻي لکي ٿي، پر هڪ اعلان ڪري ٿي ته ٽٽڻ انجام ناهي،
پر ٻيھر جنم وٺڻ جي شروعات آهي.
۽ شايد اهو ئي هن ڪتاب جو سڀ کان وڏو سچ آهي.!!!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا