سنڌ صدين کان امن، محبت ۽ تصوف جي سرزمين رهي آهي، پر اڄ اسان جو سماج ڪجهه گھرن روحاني مسئلن ۽ نفسياتي مونجهارن جي ڪُن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. اها ڪشمڪش اسان جي گهرن کان وٺي گهٽين تائين، ۽ فرد کان وٺي اجتماعي سطح تائين پنھنجون پاڙون پختيون ڪري چڪي آهي. اسان جي اها ذهني اُڻ تُڻ رڳو انفرادي نه پر اجتماعي ناسور بڻجي چڪي آهي، جنھن جي ڪري ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر اڻپورو رهيو آهي. پر هي مونجهارا آخر ڇو پيدا ٿيا آهن ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟ ان تي ويچارڻ جي اشد ضرورت آهي.
تاريخي طور تي سنڌ هڪ شاهوڪار تھذيب جي وارث رهي آهي، جتي صوفين ۽ دانشورن امن ۽ رواداريءَ جو درس ڏنو. پر سياسي ۽ سماجي تبديلين، ٻاهرين اثرن، ۽ اندرين ٽڪرائن هن سماج کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي سنڌي معاشرتي تاڃي پيٽي کي جيڪڏھن گھري نظر سان ڏٺو وڃي ته ھڪ عجيب تضاد صاف نظر اچي ٿو: جديديت ڏانھن ڪشش ۽ قدامت پرستيءَ ڏانھن لاڙو. اھو تضاد ماڻهن جي روزمره جي زندگين ۾ ذهني انتشار جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اسان وٽ ھڪ ڊگهي عرصي کان اھو بحث جاري آھي ته اسان جي اخلاقي قدرن جي گهٽتائي، خاص ڪري نوجوان نسل جي “ڀٽڪڻ” ۽ مردن جي “بھڪجڻ” جو سبب ڇا آھي؟ ھن سوال جو سڀ کان آسان ۽ تڪڙو جواب جيڪو اسان وٽ مقبول آھي، اھو آھي ته ٽيليويزن، وي سي آر، انٽرنيٽ، فيس بڪ ۽ ھاڻي ٽڪ ٽاڪ جھڙيون جديد ٽيڪنالاجيون ھن سموري بگاڙ جي بنياد آھن. ھڪ لمحي لاءِ به اھو نٿو سوچيو وڃي ته ڇا ھنن اوزارن کان سواءِ به ڪو اھڙو بنيادي عنصر آھي جيڪو اسان جي سماجي ڍانچي جي ڪمزوريءَ جو سبب بڻجي رھيو آھي؟
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي آباديءَ ۾ آيل وڏي تبديليءَ، ثقافتي حملن ۽ اقتصادي بدحاليءَ نفسياتي دٻاءَ کي وڌايو آهي. اھو سڀ ڪجهه اسان جي مجموعي ذهني صحت تي منفي اثر وجهي چڪو آهي، جتي مايوسي، شڪ ۽ نااميديءَ جا وڏا پاڇا ڇانيل آهن. سنڌ قديم زمانن کان ھڪ اھڙي سرزمين رھي آھي جتي مختلف تھذيبن، مذھبن ۽ ثقافتن گڏجي ترقي ڪئي آھي. اھا ثقافتي گهڻ رخائي جتي ھڪ سھڻي گلدستي وانگر آهي، اتي ڪڏھن ڪڏھن فڪري ۽ عقيدن جي ٽڪراءَ جو سبب به بڻجي ٿي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، ھڪ نئين سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾، اسان پنھنجو پاڻ کي ھڪ اھڙي چوواٽي تي ڏٺو، جتي اسان پنھنجين روايتن ۽ عالمگير جديديت جي تقاضائن جي وچ ۾ ڦاٿل رھياسين. ھڪ طرف اسان جو مضبوط ثقافتي ۽ عقيدان تي ٻڌل پس منظر آھي جيڪو اسان کي ھڪ خاص زندگيءَ جي انداز جي تعليم ڏئي ٿو، ۽ ٻئي طرف گلوبلائيزيشن جون ھوائون آھن جيڪي نيون فڪري لھرون پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿيون. انهن ٻن انتھائن اسان جي سماج ۾ ھڪ مستقل ذهني ڪشمڪش پيدا ڪئي، جنھن جو نتيجو اھو ٿئي ٿو ته اسان ڪنھن به ٻاھرين تحريڪ کي فوري طور “خطرناڪ” سمجهي ان تي پابندي لڳائڻ يا ان کي “شيطاني اوزار” قرار ڏيڻ تي تيار ٿي وڃون ٿا.
سماجي ۽ نفسياتي نقطئہ نظر کان ڏٺو وڃي ته اھو رجحان ھڪ سادي دفاعي نظام جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏھن ڪو سماج اندروني طور پنھنجن قدرن جي نظام ۾ ڪمزوري محسوس ڪري ٿو، ته اھو ٻاھرين ذريعن کي پنھنجي اخلاقي گهٽتائي جو ذميوار قرار ڏيڻ لڳندو آھي. ٽي وي جي اچڻ تي چيو ويو ته اھو خاندانن کي بگاڙي ڇڏيندو، وي سي آر آيو ته ان کي “فحاشيء جو اوزار” قرار ڏنو ويو، پوءِ انٽرنيٽ کي “شيطان جي ايجاد” سمجهيو ويو ۽ ھاڻي فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ کي “نوجوانن کي ورغلائڻ” ۽ “ڇوڪرين کي بي حيا” بنائڻ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. اھو سڀ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اسان پنھنجي بنيادي سماجي تعليم ۽ تربيت، خانداني قدرن ۽ رياستي قانونن جي ڪمزورين کي سمجهڻ بدران، ھڪ آسان نشانو ڳولي وٺون ٿا، جنھن تي سڄو الزام ھڻي پاڻ کي بري الذمه قرار ڏئي ٿا ڇڏيون. اھو ھڪ قسم جو اکيون چورائڻ جو عمل ۽ فڪري جمود آھي جتي اسان سبب ڳولڻ بدران، معصوم اوزارن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنائي ڇڏيون ٿا.
اسان جي سماج ۾ اعتماد جو فقدان، رشتن جي ڪڙاڻ، ۽ هڪ ٻئي تي شڪ ڪرڻ جو رواج وڌي ويو آهي. تعليم جي گهٽتائي، روزگار جي کوٽ، ۽ غربت اهڙا عنصر آهن جيڪي نفسياتي مسئلن کي وڌيڪ شدت بخشين ٿا. ٻارن جي مناسب تربيت نه ٿيڻ، خانداني نظام ۾ پيدا ٿيندڙ وڇوٽيون، ۽ سوشل ميڊيا جو وڌندڙ غلط استعمال به هن ذهني بيچينيءَ جو وڏو سبب آهي. اسان پنھنجن قدرن ۽ روايتن کي وساري چڪا آهيون يا انھن کي جديديت جي رنگ ۾ رڱڻ ۾ توازن قائم نه ڪري سگهيا آهيون، جنھن جي ڪري هڪ ثقافتي ۽ فڪري خلا پيدا ٿي چڪو آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته انساني جبلتون، پنھنجي حياتياتي نوعيت جي اعتبار کان، ڪنھن خاص اخلاقي معيار جون پابند ناھن ھونديون. بک، اڃ، جنسي خواھشون، ۽ تسليم ٿيڻ جي خواھش، اھي سڀ انساني بقا جا بنيادي محرڪ آھن. سماج ۽ ان جا ٺاھيل ضابطا ئي آھن جيڪي ھنن جبلتن کي ھڪ اخلاقي ۽ سماجي ڍانچي ۾ بدلائين ٿا. ترقي يافته معاشرن ۾ ايئن ڇو نٿو ٿئي ته انٽرنيٽ سبب مرد پنھنجون حدون اورانگهين يا عورتن جي بي پردگي سبب مرد بي قابو ٿين؟ اتي ائين نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اتان جي خانداني تربيت، قانون ۽ سماجي ضابطا ايترا مضبوط آھن، جو اھي ھر فرد کي پنھنجين حدن ۾ رھڻ تي مجبور ڪن ٿا. اتي فرد کي ننڍپڻ کان ئي خود احتسابي ۽ اخلاقي ذميواريءَ جو درس ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪو فرد قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو يا سماجي قدرن کي پائمال ڪري ٿو، ته قانون بنا ڪنھن فرق جي حرڪت ۾ اچي ٿو.
تربيت، يعني ٻارن ۽ نوجوانن جي فڪري، اخلاقي ۽ سماجي پرورش، ڪنھن به سماج جو بنياد ھوندي آھي. ھي اُھو عمل آھي جيڪو فرد کي نه رڳو چَڱي ۽ مَٺي جي سڃاڻپ سيکاري ٿو، پر ان کي سماجي ذميوارين ۽ اخلاقي معيارن جو پابند به بڻائي ٿو. جڏھن گهرن ۾ ٻارن کي اسڪرين تي وقت گهارڻ جا قاعدا ۽ ضابطا سيکاريا وڃن ٿا، ۽ انهن کي اھو ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽيڪنالاجي ھڪ اوزار آھي جنھن کي چڱن مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، ته اھي ان جو مثبت استعمال سکن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڪثر ڪري ھن پھلوءٓ کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. والدين پاڻ ئي ٻارن کي اسڪرين ھٿ ۾ ڏئي ڇڏين ٿا، پر جڏھن اھي ڪنھن غير مناسب مواد جو شڪار ٿين ٿا ته الزام ٽيڪنالاجيءَ تي اچي ٿو.
قانون جي حڪمراني ۽ ان جو بنا ڪنھن فرق جي نفاذ به معاشرتي نظم و ضبط جو ھڪ اھم ٿنڀ آھي. ترقي يافته ملڪن ۾، جيڪڏھن ڪو فرد سائبر ڪرائيم، ھراساني يا ڪنھن به اخلاقي يا سماجي قانون جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته ان کي سخت نتيجن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. اتي قانون جي اک ھر ھڪ تي نظر رکي ٿي ۽ ڪو به طاقتور يا ڪمزور ان جي گرفت کان بچي نٿو سگهي. پاڪستان ۾ قانون جو احترام ۽ ان جو نفاذ اڪثر ڪمزور نظر اچي ٿو، جنھن سبب فردن کي پنھنجين جبلتن ۽ خواھشن تي قابو رکڻ جو موقعو گهٽ ملي ٿو، ۽ اھي ٻاھرين اثرن جي ورغلائڻ ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان اچي وڃن ٿا.
فلسفياڻي نقطئہ نظر کان ڏسجي ته مسئلو ٽيڪنالاجي ۾ ناهي، پر انساني ارادي ۽ ان جي استعمال ۾ آھي. ٽيڪنالاجي پاڻ ۾ نه سُٺي آھي نه خراب؛ اِھو ھڪ غير جانبدار اوزار آھي. ان جو استعمال ان جي نتيجن جو تعين ڪري ٿو. جيڪڏھن ھڪ چاقو ڪنھن سرجن جي ھٿ ۾ آھي ته اھو زندگي بچائي ٿو، ۽ جيڪڏھن ڪنھن قاتل جي ھٿ ۾ آھي ته اھو زندگي کسي ٿو. ائين ئي انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا به ھڪ چاقو وانگي آھن. انھن جو مثبت استعمال تحقيق، تعليم، ڪاروبار ۽ سماجي رابطن کي مضبوط بنائي سگهي ٿو، جڏھن ته انهن جو منفي استعمال اخلاقي گهٽتائي، ڏوھن ۽ فڪري انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اھا چونڊ فرد جي تربيت، ان جي اخلاقي ضابطن ۽ سماجي حدن جي ادراڪ تي منحصر آھي.
عقيدن، ثقافت ۽ روايتن جي معاملي ۾ ذهني مونجهارا رڳو ٽيڪنالاجي تائين محدود ناھن. اھي اسان جي ٻِٽي شخصيت جو به آئينو آھن. اسان ھڪ ئي وقت ۾ مذھبي قدرن جي ڳالهه ڪندا آھيون ۽ عملي زندگيءَ ۾ انهن جي خلاف ورزي ڪندا آھيون. اسان غيرت ۽ حيا جون دعوائون ڪندا آھيون، پر پنھنجي معاشرتي ڍانچي ۾ صنفي ناھمواري ۽ استحصال کي برداشت ڪندا آھيون. اھا ذهني ورڇ فردن کي ھڪ مستحڪم اخلاقي بنياد فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ جڏھن ڪو نئون چئلينج يا ٻاھريون اثر سامهون اچي ٿو ته اسان ان کي منھن ڏيڻ بدران ان تي آسانيءَ سان الزام تراشي شروع ڪري ڇڏيون ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنھنجي تربيت جي نظام کي مضبوط بڻايون، ٻارن کي چڱي ۽ مٺي جي سڃاڻپ سيکاريون. تعليم کي اوليت ڏيون ۽ خاص ڪري ذهني صحت جي آگاهي عام ڪريون. ان سان گڏ، اسان کي پنھنجين ثقافتي روايتن کي مثبت انداز ۾ اجاگر ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. سماجي سطح تي همدردي، ٻڌي ۽ سھڪار کي هٿي ڏيڻي پوندي. جڏهن اسان هر فرد جي ذهني صحت کي اهميت ڏينداسين ۽ ان جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، تڏهن ئي اسان هڪ صحتمند ۽ خوشحال سنڌي سماج جي اڏاوت ڪري سگهنداسين. اهو حقيقي آزادي ۽ خوشحاليءَ جو رستو آهي، جيڪو اسان جي اندروني سڌارن کان ئي شروع ٿئي ٿو.
ھن سموري بحث جو نچوڙ اھو آھي ته سنڌي سماج جنھن “ذهني مونجهاري” جو شڪار آھي، اھو ٽيڪنالاجي يا ڪنھن ٻاھرئين اوزار جو نتيجو ناهي، پر اسان جي اندروني ڪمزورين ۽ فڪري خامين جو عڪس آھي. اسان کي ٽي وي، وي سي آر، انٽرنيٽ يا ٽڪ ٽاڪ تي پابنديون لڳائڻ بدران پنھنجي تربيت جي نظام کي بھتر بنائڻو پوندو، قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بنائڻو پوندو ۽ پنھنجن سماجي ضابطن کي ايترو مضبوط ڪرڻو پوندو ته اھي ھر فرد کي پنھنجين حدن ۾ رھڻ تي مجبور ڪري سگهن. اھو ھڪ مشڪل سفر آھي، جنھن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي گھري خود احتسابي، فڪري بيداري ۽ عملي قدمن جي ضرورت آھي. جيستائين اسان پنھنجي ذهني ڪشمڪشن کي ٻاھرين عملن جو سبب سمجهندا رھنداسين، تيستائين اسان حقيقي معنيٰ ۾ ھڪ ترقي يافته ۽ باوقار سماج نه اڏي سگهنداسين. حقيقي تبديلي ٻاھران نه، پر اسان جي پنھنجي اندر مان ايندي. جڏھن اسان پنھنجين بنيادي ذميوارين کي سمجهنداسين ۽ انھن کي پورو ڪرڻ جي ھمٿ پيدا ڪنداسين.
