Homeادبمزاحبي روزگاري

بي روزگاري

ملڪ ۾ ھاڻي بي روزگاري ايتري ٿي ويئي آھي جو ھڪڙي ڇوڪريءَ فقير کي چيو،
’’ فقير، دُعا ڪر ته ڊاڪٽري ملي !‘‘
فقير چيس، ’’سوري ، منھنجي خود ايم بي بي ايس ٿيل آھي !‘‘
اسان جو چاچو نبن چوندو آھي ته،’’بي روزگار بادشاهه هوندا آهن. رات جو ايترو دير سان سمهندا جو صبح ٿيڻ تي هوندو ۽ صبح جو اُن مھل اٿندا، جنھن مھل رات ٿيڻ واري هوندي!‘‘
جيئن اسان جي دوست ولڻ ونگاريءَ نوڪريءَ جا ايترا انٽرويو ڏنا آھن جو ھاڻي جنھن به انٽرويو ۾ ويندو آھي ته اُھي چوندا اٿس’’،وري آيو آھين !؟ ‘‘
ھڪڙي انٽرويو ۾ پڇيائونس ته،’’ آئون راند نٿو رهان… ٻُڌاءِ ته اهو ڪھڙو ٽينس آهي؟‘‘
چيائين،’’ ٽيبل ٽينس!‘‘
پڇيائونس،’’ ٻُڌاءِ، هٽلر ڪيئن مُئو ؟‘‘
چيائين، قبيلائي جهيڙي ۾…!‘‘
پڇيائونس،’’ پئدائش وقت توهان جِي عمر ڪيتري هئي؟‘‘
چيائين،’’عمر جو ايترو ننڍڙو هئس جو هر شئي وڏي نظر ايندي هئي!‘‘
جنرل ناليج جا ڪتاب ايترا پڙھيا اٿس جو ھاڻي بازار ويندو آھي ته فروٽ واري کان به پُڇندو،’’ ٻُڌاءِ، ڪيلو ڪنھن دريافت ڪيو؟‘‘
پنھنجي ڏاڏي کان پڇيائين،’’ڏاڏا، سنڌ ۾ گوڏ پائڻ جو رواج ڪھڙي حڪمران جي دور کان شروع ٿيو ؟‘‘
ڏاڏو سوچڻ لڳو ته يڪدم پڇيائينس،’’چڱو، اھو ٻُڌاءِ ته،ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان ننڍو ڪير ھو؟‘‘
مون پڇيومانس،’’ توکي ڀلا تجربو ڪھڙو آھي؟‘‘
چيائين،’’آئون هر انٽرويو کان پوءِ اھو ٻُڌائي ويندو آھيان ته اھا نوڪري ڪانه ملندي !‘‘
چون ٿا جنھن مھل ھيءُ ڄمي رهيو هو ته ان ڏينھن خود سندس والد جي به واءِ واءِ هئي …انھي ڏينھن ڪجهه رشتيدارن ته ھن جي مُنھن تي ھٿ ڦيري چيو ھو who is who…!
تعليم ايتري اٿس جيتري حاصل ڪري سگهيو !
چيائين،’’نوڪري اها سٺي جنهن ۾ ڪم نه ڪرڻو پوي!‘‘
پڇيومانس،’’ تو ۾ ڀلا… ٽيلنٽ ڪھڙو آھي؟‘‘
چيائين،’’آئون هر جواب جو سوال ٻُڌائي ويندو آھيان !‘‘
پڇيومانس،’’ ڀلا، شادي ڇو نٿو ڪرين ؟‘‘
چيائين،’’سڄي شھر مان رشتا گهُريا اٿم…ھاڻي ته ڪٿان رشتو گهُرڻ ٿو وڃان ۽ اُنهن جي گهر ۾ ڪا بيواهه هوندي آهي ته اُها به لِڪايو ڇڏين !‘‘

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا