پابُريدہ نظمن جا هڪ سئو چار پير
شاعريءَ ۾ پيرن جو ذڪر ڪنھن نه پڙهيو هوندو..؟ ڪڏهن محبوب جي پيرن جي شفاف خوبصورتي، ڪڏهن ڪنھن مزدور جي لڦن سان ڀريل پيرن جي مجبوري، ڪڏھن ڪنھن درويش جي پيرن جي سَرمستي، ڪڏهن ڪنھن رقاصا جي پيرن جي مدهوشي ته ڪڏهن ڪنھن ننڍڙي ٻار جي پيرن جي ڏڪندڙ وکن جي حيراني…
اهي سڀ پيرَ پنھنجي پوري وجود سان پنھنجي ڌرتيءَ تي کُتل هوندا آهن، پر ڪڏهن توهان اهڙي شاعري پڙهي آهي جنھن ۾ پير ئي موجود نه هُجن؟ پر پوءِ به اُهي پير نظمن جي هر سِٽَ ۾ مُسلسل پنڌ ڪندا رهن….؟؟؟
پڑی رہتی ہیں
ایک کونے میں
دو چپلیں
بہت بے چین رہتی ہیں
وہ اپنے پیروں کے لیے
پیر ملتے ہی
چلنے لگیں گی چپلیں
چلتے رہنا ہی
چپلوں کے ہونے کی دلیل ہے
تتلی جیسی
دو چپلوں کی نظر
انتظار کرتے ہوئے پتھرا گئی ہے
آتے ہی نہیں
وہ دو پاؤں
نہ جانے کہاں رکے ہوئے ہیں
صبر کی کوئی حد نہیں ہوتی
زندگی کی ایک حد ہوتی ہے
سکوت دیر نہیں کرتا
موت میں تبدیل ہوتے ہوئے
چلنا ہی چپلوں کی عادت ہے
عادت پختہ ہو جائے تو
تبدیل نہیں ہوتی
ایک گھر کے اندر
پیروں کی تلاش میں
تتلی جیسی دو چپلیں
خود بخود
گھومنے لگتی ہیں…
اهڙي شاعري جنھن ۾ پير صرف عضوا نه پر هڪ علامت بڻجي وڃن. هڪ اهڙو وجود جنھن جا پير ڪَٽجي وڃڻ باوجود سندس پنڌ ختم نٿو ٿئي. ڪَٽيل پيرن وارا اُهي باهمت نظم تخيل ۾ هر وقت هلندا رهن ٿا. هيءَ شاعري اُنھن پيرن کي تسخير ڪري ٿي، جيڪي بغير وجود جي نه رڳو گُهمن ٿا پر پنھنجا مضبوط پيرا ٺاهين ٿا. اُنھن ڪَٽيل پيرن جي هر کَڙڪي ۾ هڪُ ڇرڪُ ڀريل آهي. انھن ڪَٽيل پيرن کي ڪتڪتائي سگهجي ٿو، انھن ڪَٽيل پيرن کي رقص ڪرائي سگهجي ٿو، اُنھن ڪَٽيل پيرن کي رَسيءَ تي ٽپائي سگهجي ٿو، اُنھن ڪَٽيل پيرن کي پازيب پارائي، جهنڪار پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ اُنھن ڪَٽيل پيرن جي حرڪت سان هلچل مچائي انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو…
اُهي ڪَٽيل پير، وقت جي ڏاڪڻين تان لھندا، چڙهندا، ستن آسمانن تائين چھل قدمي ڪندا رهن ٿا…
اُهي ڪَٽيل پير ڪنھن سوڙهي گهٽيءَ ۾ اچانڪ بيھي رهن ٿا، جتي محبوب جي در تي انتظار صديون ڊگهو ٿي وڃي ٿو. ڪڏهن انهن ڪَٽيل پيرن کي موسيقيءَ تي نرت ڪرائي ماضيءَ کي اُٿلائي سگهجي ٿو. ڪڏهن اُهي ڪَٽيل پير پاڻ کي هڪ نئين بوٽ ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ڄڻ ته ڊوڙڻ جي نئين معنيٰ ڳولڻ چاهيندا هجن. اُهي ڪَٽيل پير بظاهر ته ڪَٽيل آهن، پر سندن سفر ڪڏهن به رُڪجي نٿو…
هي ته ڪمال آهي… صفا ڪمال…

۽ اهڙو ڪمال صرف مصطفيٰ ارباب ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪَٽيل پيرن سان هڪ ڇوڪريءَ کي هستي بخشي کيس پوري ڪائنات گُهمائي سگهي ٿو.
مصطفيٰ ارباب، جيڪو هڪ شاعر جي تخيل کي حقيقت کان مٿانھون کڻي وڃي ٿو، جتي نه هجڻ به، هجڻ بڻجي وڃي ٿو، جتي اڻپورائي به پُورائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهو ئي معجزو آهي جيڪو مصطفىٰ ارباب جي نظمن ۾ نظر اچي ٿو.
هو اهڙي مھارت سان ڪَٽيل پيرن کي نه رڳو هَلائي ٿو، پر کين ڪائنات جي هر سياري جو سير ڪرائي ٿو.
“پابُريدہ نظميں” دراصل اُن درد، اُن تڪليف ۽ اُن اڻپورائيءَ جي ڪٿا آهن، جيڪي انسان جي اندر ۾ رهندي به مڪمل ڪھاڻي ٻڌائن ٿا. اهي نظم نه رڳو پڙهجن ٿا، پر پنھنجي پوري وجود سان ڊوڙندي نظر اچن ٿا.
هڪ تخليقڪار جي اندر جيڪا اڻپورائي آهي، سا ئي سندس اصل سرمايو بڻجي وڃي ٿي. اها کوٽ، اهو خال، اها اڻپورائي سندس ڏات کي نئين جوت ۽ مڪمل پورائي بخشي ٿي.
هڪ تخليقي شاعر پنھنجي اندر جي اُن ٽٽل ساز مان انوکا سُر پيدا ڪري ٿو، نامڪملتا جي تندُ کي تاڻي مڪملتا جي نرم ۽ رنگين اوڍڻي اُڻندو رهي ٿو.
هو لفظن کي رڳو لکي نٿو، پر انهن ۾ پنھنجا اڌورا عضوا، ٿڌا ٿي ويل هٿ، انڌيون اکيون ۽ ٽٽل پير جوڙيندو رهي ٿو.
پابُریدہ نظمن جي انھن ٽٽل ٽُڪرن مان هُو نوان آسمان جوڙي ٿو ۽ ائين ئي صفحن جي سيني تي هڪ سئو چار نظم ڦُٽن ٿا ۽ انھن هڪ سئو چار نظمن ۾ ٻه سئو اَٺ پير گُهمندا رهن ٿا جو هر نظم ۾ ٻه پير آهن، پر پابریدہ نظمن جا اُهي ٻه پير اُنهن کي نظر ايندا جن وٽ چار اکيون هجن، ٻه چھري واريون ۽ ٻه محسوس ڪرڻ واريون..
انھن نظمن کي پڙهندي توهان سمجهي سگهندا ته تخليق اصل ۾ مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي ناهي. اهو اڌيڪن احساسن کي سليقي سان جيئرو رکڻ جو فن آهي…

پابُريدہ نظمیں” رڳو هڪ سئو چار نظمن جو مجموعو ناهي، پر هڪ غيرمعمولي ۽ پُراسرار جھان ۾ جهاتي آهي، جتي ماڻهو پڙهڻ کان وڌيڪ پنڌ ڪري ٿو. هي اُهو ڪتاب آهي، جنھن جي هر سٽ ڪنھن اڻ ڏٺل راھ وانگر کُلندي رهي ٿي ۽ پڙهندڙ کي پنھنجي ئي اندر جي اجنبي علائقن ڏانھن بنا پيرن جي وٺي وڃي ٿي.
هي نظم رڳو لکيا ناهن ويا، پر هي اوهان سان گڏ گڏ هلن ٿا، اوهان جي ماٺ ۾ کڙڪن ٿا ۽ اوهان جي اڪيلاين ۾ گهمڻ ٿا..
پابريدہ نظمن کي پڙهندي، محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪو اڪيلو مسافر اوهان جي روح جي ويران اسٽيشن تان بنا پيرن جي گُذري رهيو هجي ۽ اتي هر نظم جي هيٺان اُداسيءَ جي واري وڇايل هجي. انڪري ئي پابُريدہ نظم پڙهڻ جو تجربو نه پر هڪ اهڙو سفر بڻجي وڃي ٿو، جنھن مان واپس موٽڻ بعد ماڻهو ساڳيو ماڻهو نه ٿو رهي، پر هڪ نظم بڻجي وڃي ٿو…
یہ پیروں کا قبرستان ہے
یہاں صرف
پیر دفن کیے جاتے ہیں
جن پیروں کی میعاد
ختم ہو جاتی ہے
انہیں ہی اس قبرستان میں
لایا جاتا ہے
یہاں دو پاؤں
اپنی میعاد ختم ہونے سے پہلے آ گئے ہیں
ہر رات
یہاں پیروں کی دوڑ لگتی ہے
وقت سے پہلے آنے والے پیروں کو
دوڑ میں شرکت کی اجازت نہیں ملتی
پاؤں
اس لڑکی کے لیے اداس ہو جاتے ہیں
جس کو ابھی بہت چلنا تھا
بچوں کی طرح
پھوٹ پھوٹ کر روتے ہیں
غلطی سے آ جانے والے پاؤں
واپس نہیں جا سکتے
لڑکی
یہاں نہیں آ سکتی
ایک لڑکی کے دو پاؤں
اپنی میعاد پوری ہونے تک
ہر رات
میرے دل پر چلتے ہیں…
توهان جڏهن پابريدہ نظم پڙهندا ته اوچتو محسوس ڪندا ته توهان پنھنجا پير بي اختيار لوڏڻ لڳا آهيو ڄڻ درد جي ڪا اڻ ڏٺي لھر توهان جي وجود کي ڇُھي رهي هجي…
ڪَٽيل پيرن جا اُهي نظم رڳو پڙهڻ لاءِ ناهن، پر هڪ ڊوڙندڙ زندگي جيئڻ لاءِ آهن. انھن نظمن کي پڙهندي توهان پنھنجي پيرن کي سڄي جسم ۾ ڊوڙندي، ڌڙڪندي ۽ ساھُ کڻندي محسوس ڪندا.
اُهي نظم آهستي آهستي توهان جي شعور ۾ لھي وڃن ٿا ۽ پوءِ ڪِوِلين جيان نرم ۽ سُست رفتار سان توهان تي چڙهڻ لڳن ٿا. هر سِٽَ، هر لفظ، توهان جي وجود تي هڪ نئون نشان ڇڏي ٿو. ڪڏهن اُهي پير توهان جي سوچن ۾ ڦِرن ٿا، ڪڏهن دل جي اُونھائين ۾ لھي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن اوچتو ڪنھن وسريل درد کي جاڳائي ڇڏين ٿا…
جيسيتائين توهان ڪتاب کي پڙهي پورو نه ٿا ڪريو، اُهي ڪَٽيل پير توهان سان گڏ گڏ هلندا رهندا، توهان جي ساهن ۾ سُرندا رهندا، توهان جي هر رستي ۾ بيٺا هوندا ۽ توهان جي سوچن کي بي چين ڪندا رهندا… ۽ جڏهن آخري صفحو بند ڪندؤ، تڏهن اوچتو محسوس ڪندؤ ته اهي سڀ پير، جيڪي توهان جي اندر هلندا رهيا هئا، هاڻي توهان جا ٿي چڪا آهن ۽ توهان پاڻ به هڪ اهڙي سفر تي نڪري پيا آهيو، جتان واپسيءَ جو ڪو رستو ناهي… صرف هلندو رهڻ آهي… صرف هلندو رهڻ آهي
