Homeسنڌسماجڇا هر مسئلي جو حل ڪراچي اچڻ ۾ آهي؟(هڪ موقف)

ڇا هر مسئلي جو حل ڪراچي اچڻ ۾ آهي؟(هڪ موقف)

ڪافي وقت کان اسان اهو ٻڌندا اچون ٿا ته ڪراچي اچو، ڪراچيءَ جي مالڪي ڪريو، ڪراچيءَ ۾ ڪو به ڪاروبار ڪريو. پر ڪراچيءَ جي مالڪي ڪريو. ڳوٺ ۾ تباهه و برباد نه ٿيو. برساتي ٻوڏن کان پوءِ ته ’ڪراچي هلو‘ جا نعرا وڌي ويا آهن بلڪ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو گهڻو تعداد اچي ويو آهي. پپري،عبدالله ڳوٺ، سومار ڳوٺ، شاه ٽائون، شاهه لطيف ٽائون، گلشن حديد، ڪورنگي، سچل ڳوٺ وغيره ۾ اچي آباد ٿيا آهن. سنڌي تيزيءَ سان ڪراچيءَ ۾ اچي پيو، پر ساڳئي وقت پٺاڻ، افغاني جيڪو پنجاب مان بي دخل ٿئي پيو، اهو سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪا يقينن هڪ وڏي پلاننگ آهي. ڇو ته مستقبل ۾ سنڌ کي ڪرمنل زون ٺاهڻ ۾ افغاني پٺاڻ وڏو آله ڪار بڻجندو.
هاڻي سوچڻو اهو آهي ته ڇا هر مسئلي جو اهو ئي واحد حل آهي ته ڪراچيءَ ۾ شفٽ ٿجي؟
اچو ته ڏسون.
ڪراچي گهڻ رُخو نسلي ، قومي، علائقائي، شھر آهي، جنھن ۾ افغاني، برمي، بنگالي، اردو ڳالهائڻ وارا، بلوچ، ڪُرد، سنڌ جي مختلف علائقن مان روزانو ايندڙ آباد ٿي رهيا آهن. جن ۾ صرف شريف ماڻهو ناهن. انهن ۾ چور ، ٺڳ، قاتل، ڌاڙيل، اسمگلر، فقيرَ به آهن. ظاهر آهي ته ڪراچيءَ ۾ ايندڙ هر ڪوئي امير ناهي. 80 سيڪڙو غريب اچن ٿا. ڪي ڪراچيءَ ۾ سيٽ ٿي وڃن ٿا. ڪي واپار ڪري ترقي ڪري وڃن ٿا ته ڪي وري، اڃا به غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ٿا. اهي جيڪي ڳوٺ
۾ ڀلي عزت وارا هجن، رُکي سکي کائيندا هجن، پر ڪراچيءَ ۾ صرف بجلي جي بل ۾ جهليا پيا هوندا آهن. مسواڙ، گهر جو سِيڌو، ٻارن جي پڙهائي اڃا الڳ هوندي آهي. پوءِ اهي خاندان اڃا غريب بستين ۾ وڃي رهندا آهن، جتي مسواڙ سستي هجي. ڪي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا، جتي 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي ويندي آهي. اتفاق سان فيڪٽري ۾ ڪو حادثو ٿئي، ٽنگ ڀڄي يا ٻانھَن، پر فيڪٽري وارا ٻڌل ناهن. اهي اچي گهر ڀيڙو ڪري ويندا ته کڻو پنھنجي ڀاءُ کي. ڪي ماڻهو ڏوهاري ٿي ويندا آهن، ڪي ڪيلا، سبزي ، فروٽ وڪڻندا رهندا آهن. پر پٺاڻ کين مارڪيٽ ۾ بيھڻ نه ڏيندو آهي. اتي به مقابلو سخت آهي. ڪي خاندان پِنڻ شروع ڪندا آهن يا ٻي برائيءَ ۾ هليا ويندا آهن.
ڪراچيءَ جا وڏا خرچ آهن. محدود زندگي آهي.تنگ سوڙهين گهٽين ۾، گٽرن ۾ ، اجبني ماڻهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي زندگي، جيڪا اسان وشال آسمان ڏيئي ورتي. جيڪا اسان واهُوندا ڏيئي، کيت، سرسبز زمينون ڏيئي ورتي. اهي گٽر واريون گهٽيون ۽ تنگدستي اسان اڏامندڙ پکي ڏيئي ورتي. رات جا تارا، ڪَتيون، ٽيڙو ڏيئي ورتي. ڪراچيءَ جي غريب بستين ۾ نه موسمون آهن، نه عيد، نه براد. ڪاغذ چونڊڻ واري جي پٺيان ته هيروئن وڪڻڻ ۽ هٿيار سپلاءِ ڪرڻ وارن جي حمايت هوندي آهي، پر غريب پنھنجا ٻار وٺي جڏهن ڪراچيءَ اچي ٿو ته ان کي ڪنھن جي به حمايت حاصل نه هوندي آهي. فروٽ کپائي يا پِني، پر خرچ پورا ڪرڻ هماليه جي چوٽي سَر ڪرڻ آهي. اسان اڪثر فلمن ۾ ڏسندا آهيون ته ڪو غريب شھر ۾ ايندو آهي، ان کي ڪجهه ڏينھن ۾ نوڪري به ملي ويندي آهي. ڇوڪري به ملي ويندي آهي- يا وري ڪنھن امير زاديءَ سان عشق ٿي ويندو آهي. پوءِ اهو سرمائيدار جو ناٺي ٿي، جلد امير ٿي ويندو. بنگلا، گاڏيون، پر افسوس ته اها فلم ختم ٿيو وڃي. اسان جي گهڻن ماڻهن کي اهو رومانس آهي ته شھر ۾ جلدي امير ٿي وڃبو. اهو فلمي رومانس برصغير جي غريبن ۾ عام آهي. اصل ۾ جاگيردار، وڏيري جي بدمعاشي اها ئي آهي ته اتي ماڻهو کي غلام ٺاهي رکو. شھر ۾ سرمائيدار کي سستو مزدور فراهم ڪريو. ڪراچي هڪ ڪرمنل زون آهي، جتي دنيا جا خطرناڪ ماڻهو رهن ٿا. اهو مسئلو فقط ايم ڪيو ايم جو ناهي. دنيا جون ايجنسيون هتي ڪم ڪن ٿيون. هتي صرف مافيائون آهن. اسپتال مافيا، اسڪول مافيا، ڪلرڪ مافيا، پوليس مافيا، غنڊه مافيا، پٺاڻ مافيا، افغاني مافيا- ان صورتحال ۾ ڳوٺان خالي هٿين اچي ڪراچي ۾ سيٽ ٿي وڃڻ ديواني جو خواب آهي. ڪيلا وڪڻندو ته سندس ٻار به ڪيلا ئي وڪڻندا. گندي بستيءَ ۾ ئي رهندو.
اسان جا هزارين سنڌي سرائيڪي ماڻهو ڳوٺن مان اچي ڪراچيءَ ۾ پنندا آهن. توهان رستي سان وڃي رهيا هوندا ته اوچتو ڪو همراهه زال ۽ ٻارن سان گڏ اچي صدا هڻندو، توهان پاڻ شرمنده ٿيندا ته ڇا ڪجي. ڪراچي رٿابنديءَ بنا ٺھيل شھر آهي. جنھن کي جتي جڳھه ملي، اتي قبضو ڪري ويھي رهيو. ڪيترن ماڻهن زمينن تي قبضا ڪري، پلاٽنگ ڪري ڳوٺ ٺھرايا. پاڻ ارب پتي ٿي ويا، پويان دربدر ٿي ويا.
ايندڙ ڏينھن ۾ ڏڪار اچي پيو. خطرناڪ بيروزگاري پيدا ٿيندي. مھانگائي حد کان مٿي ويندي. پيٽرول 5 سئو روپيا لٽر ۽ ڊالر 500 روپين جو ٿي سگهي ٿو. غذائي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، ملڪ ڊيفالٽ ٿي سگهي ٿو، روزگار جا ذريعا ختم ٿي سگهن ٿا. بجليءَ جو يونٽ 50 روپيا معنا سئو يونٽ به هلايو ته پنج هزار بل. پاڻيءَ جا مسئلا، کائڻ پيئڻ جون شيون مھانگيون. منڊيءَ ۾ مال پٺاڻن وٽ اچي ٿو. اهي ماشا خور وڏا ظالم آهن. توهان ڏٺو ته ڪارخانا بند ٿين پيا. سرڪاري ادارا ختم ٿين پيا. سرمايو سڪڙجي چند هٿن ۾ وڃي پيو. ننڍو دڪاندار خساري ۾ وڃي پيو. مڊل ڪلاس سرمائيداري دور جي پيداوار هو. گلوبل ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دنيا، گلوبل سامراجي دنيا باءِ پولر سرمائيداري کان مختلف آهي. گلوبل دنيا مان مڊل ڪلاس ختم ٿي ويندو. هڪ رياست اندر مٿئين ڪلاس جا شھر الڳ هوندا ته غريبن جون بستيون الڳ هونديون. انهيءَ عالمي بحران ۾ وڏا شھر جلدي لپيٽ ۾ ايندا. خطرناڪ بحران ايندا. جيئاپو صرف زمينون، ٻھراڙيون ڪنديون. جن کي ماني ملندي. باقي فوٽ پاٿ تي لاشن ۾ تبديل ٿي ويندا. بيماريون ۽ بک شھري ماڻهوءَ کي تباهه ڪندي. ماڻهو ملٽي نيشنل ڪمپنين جو غلام هوندو، جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺنديون. صرف مانيءَ جو گرهه ڏيندا. نه ته ڪنھن جي عزت رهندي، نه جان سلامت رهندي. ائين به ناهي ته ٻھراڙيءَ جا ماڻهو انهيءَ بحران کان بچي ويندا، پر شھرين وٽ ڪابه واهَه نه هوندي. چوري، ڌاڙا، قتل، خانه جنگي جھڙا عذاب شھرن ۾ وڌيڪ ٿيندا.
ملڪ جي بحران واري صورتحال جڏهن خطرناڪ حد تائين وڌندي، انارڪي ڦھلبي ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي. خانه جنگي ۾ هر ڪوئي ڦرلٽ ۾ مصروف هوندو. قتل غارت هوندي. اتي غريب ڇا جيئندو؟؟ ڇا ٻارن کي اتي ڪو سٺو مستقبل ڏيئي سگهجي ٿو؟ هڪ وقت ايندو، جڏهن ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿيندي، ڏڪار ايندو، ماڻهو ڀڄي ڀڄي ڳوٺن ۾ وڃي پناهه وٺندا. شھرن ۾ انَ جو داڻو به نه ملندو. غريب ماڻهو ڦرلٽ جو شڪار ٿيندو. باقي اميرن جون فيمليون ڪئنيڊا، آمريڪا، آسٽريليا ۽ لنڊن ۾ اڳ ئي سيٽ آهن. اهي صرف جھاز ۾ ويھندا. هنن جا اصل خزانا اتي بئنڪن ۾ رکيل آهن. انهن لاءِ ڪو به ڏڪار نه هوندو، نه خانه جنگي، نه ڦُرون، نه بک. هنن جا وارا نيارا آهن.
غريب کي پناهه صرف سندس ڌرتي ڏيندي آهي. غريب کي پناهه صرف فطرت ڏيندي آهي. جتي زمين آهي، وڻ آهن، پکي ۽ جانور آهن. ڳوٺن ۾ اٽو ملندو، نه ته ساڳ ملندو، نه ته بصر ملندو، نه ته ڪو جانور، مڇي ڪو شڪار هٿ اچي ويندو. پر شھر ۾ ڪجهه به نه هوندو.
جاپان تازو هڪ قانون پاس ڪيو ته ٽوڪيو جي آبادي 4 ڪروڙ ٿي وڃڻ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي، تنھن ڪري ماڻهن کي آماده ڪيو پيو وڃي ته جيڪو ماڻهو ٻھراڙيءَ ۾ آباد ٿيندو، اتي نوڪري ڪندو ته ان کي اسپيشل الائونس ڏنو ويندو. ڇوته انهن ملڪن کي اها ڳڻتي آهي ته زندگي ٻھراڙيءَ کان بغير بيڪار آهي. انسان کي جنگلات به کپن، ساوَڪ به کپي، ميدان به کپن. ٻنيون ٻارا، نديون نھرون، پکي پکڻ، جانور به کپن. زندگي رڳو بند فليٽ ناهي. جتي گهُٽن ۾ ٻار ڪڏهن به جينئس ٿي نٿا سگهن. فطرت کان ڪٽجي، انسان ترقي ڪري نٿو سگهي.
اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڪراچي اچڻ آهي ته اهو سياسي طور پُرڪشش نعرو آهي، پر ڳوٺ ڪنھن جي حوالي ڪري اچن؟ پنھنجون زمينون، پنھنجا گهر ڪنھن کي ڏيئي اچن. توهان کي چڱيءَ طرح خبر آهي، هاڻي اتي افغاني پٺاڻ اچي رهيو آهي. هو ٻنين تان فصل وٺي منڊي تائين رسائي ڪري ٿو. روڊن تي هوٽلون هن جون، پيٽرول پمپ ان جا. منڊيءَ ۾ افغاني ويٺو آهي. هاڻي وڏيرو فصل منڊي ڪونه ٿو کڻي وڃي. اتي پٺاڻ کي ڏئي ٿو، جو منڊيءَ ۾ کيس پٺاڻ ماشاخور جو رويو اڍنگو لڳي ٿو. جي آهستي آهستي توهان پنھنجون زمينو ن خالي ڪري ايندا، اتان جو خال افغاني پٺاڻ ڀريندو، جيڪو سنڌ ۾ مڪڙن وانگر اچي پيو. آهستي آهستي توهان جا ڳوٺ افغاني پٺاڻن جي حوالي ٿي ويندا. توهان شھر جا به نه ٿيندا، ته ڳوٺ جا به نه رهندا. اڄ جو توهان جي سنڌ تي حڪومت آهي ته اها انهيءَ ڪري آهي جو توهان جا ڳوٺ مضبوط آهن. مثال ملير مان اڄ تائين ڪو به ڌاريو کٽي نٿو سگهي، ڇو جو هتان جا ڳوٺ لوڪل ماڻهن وٽ آهن.
پليجو صاحب چوندو هو، بابا! ٽي بي جي مريض کي کنگهه به ٿيندي، بخار به ٿيندو، پر علاج ٽي بي جو ڪرڻو پوندو. کنگهه جو يا صرف بخار جو نه. سو اصل مسئلو آهي اسان جي نظام جو. جيڪو ڪئنسر کاڌل آهي. جنھن ۾ قانون ناهي. وڏيري کي خونخوار بنايو ويو آهي. توهان رڳو اهو ته حساب ڪريو ته وڏيرن وٽ ٻيلي کاتي جي زمين ڪيترا لک ايڪڙ آهي. جن ٻيلا وڍائي اربين روپيا ڪمايا، جن ميونسپلٽي کان وٺي روڊن، اسڪولن، پُلين کان وٺي ڀنگين جا به پئسا کاڌا. وڏيرو ان داتا آهي. ڪرپشن جو شھنشاهه آهي، بيوروڪريسي به وڏيري جي اولاد مان هوندي. غريب رڳو ماستر يا پٽيوالو هوندو. باقي نوڪريون به وڏيرن وٽ هونديون. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان ان وڏيرڪي نظام خلاف وڙهڻ بجاءِ ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ بجاءِ ويٺا اهو مشورو ڏيون ته ڳوٺ ڇڏي ڪراچي اچو. ڪراچيءَ ۾ ڪو هڪڙو ادارو ٻڌايو، جيڪو سنڌين جي واهر ڪندو هجي. کين واپار ڪرڻ، نوڪرين ڏيارڻ ۾ ڪا مدد ڪندو هجي. ڪا هڪڙي تنظيم ڏيکاريو، جيڪا سنڌين جو تحفظ ڪري سگهي.
اسان کي پنھنجي ٻھراڙين جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني روَين جي پرچار ڪرڻ گهرجي. اسان جي ٻھراڙين کي ايتريون سھولتون ملڻ گهرجن، جو هر جديد کان جديد سھولت اتي ملي.
هن ملڪ جي آبادي تيزيءَ سان شھري بنجي رهي آهي، ٻھراڙيون ختم ٿي رهيون آهن. ٻيلا ختم ٿي ويا. اڳتي هلي شھرن جو ماحول اڃا خراب ٿيندو. غريبن جون بستيون الڳ ٿينديون ، اميرن جون بستيون الڳ ٿينديون. طبقاتي تضاد اڃا وڌندا. ڪرائيم وڌندو، بيماريون وڌنديون، بک بدحالي پيدا ٿيندي.
اسان کي اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته ٻھراڙين ۾ ڪارخانه لڳايا وڃن. اتي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. اتي پنھنجي ليڊر شپ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون وٺجن. زمين ئي اناج ڏيندي آهي. زمين ئي ڀاڄيون ۽ ميوو ڏيندي آهي. اهو سڀ شھر جا گٽر ڪونه ڏيندا. اصل مسئلو قانون جو آهي، اصل مسئلو انصاف جو آهي، اصل مسئلو سٺي مئنيجمينٽ جو آهي، سٺي حڪومت جو آهي. پر اسان وڏيرن خلاف ڳالهائڻ بجاءِ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ کي هر بيماريءَ جي دوا پيا سمجهون.

1 COMMENT

  1. میں ڈاکٹر غفور میمن صاحب کے اس مؤقف کی حمایت کرتا ہوں کہ کراچی آنا ہر مسئلے کا حل نہیں۔ اصل ضرورت سندھ کے دیہی علاقوں میں روزگار، تعلیم، صحت اور انصاف کی سہولتیں فراہم کرنے کی ہے۔ ہمیں اپنے گاؤں، زمینوں اور وسائل کی حفاظت کرتے ہوئے جاگیردارانہ نظام، کرپشن اور ناانصافی کے خلاف جدوجہد کرنی چاہیے۔ سندھ کی ترقی اس میں نہیں کہ لوگ اپنے گاؤں چھوڑ کر شہروں کا رخ کریں، بلکہ اس میں ہے کہ دیہی علاقوں کو اس قدر ترقی دی جائے کہ لوگوں کو روزگار اور بہتر زندگی کے لیے اپنا گھر بار نہ چھوڑنا پڑے۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا